[JUSTIFY]سنڌ اڃان طارق عالم ابڙي جي لاڏاني واري خبر تي روئي رهي هئي ته ٻئي ڏينهن سنڌ جي نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر منصور ملڪ به اڏام ڪئي ۽ سنڌين کي ڇڏي ٻئي ڏيهه جو راهي ٿي ويو۔ شاعري ۽ خاص ڪري تصوف تي گهري نظر رکندڙ ۽ تمام گهنو ڪم ڪندڙ منصور ملڪ جي زندگيء تي گُل مورو جو لکيل مضمون حاضر آهي۔ الامان اُڏري ويندو سانءِ سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب ڊاڪٽر منصور ملڪ به اڏري ويو تحرير: گل مورو ساهتي پرڳڻي جي قديمي شهر پڊعيدن جي ڀڪ ۾ جنم وٺندڙ نالي وارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر منصور ملڪ جنهن سنڌي ادب ۾ تمام وڏي جاکوڙ ڪئي، ان جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي ڏکارو بڻائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر منصور ملڪ پنهنجي زندگيءَ ۾ تيرنهن کان وڌيڪ مختلف صنفن شاعري، نثر، ڪهاڻيون ۽ تحقيق تي تمام وڏو ڪم ڪيو، خاص طور تي تصوف تي هن ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا، هن ادبي خزاني ۾ اضافو ڪندي الامان اڏري ويندو سانءِ، ٿڌي اس ۽ تکي ڇانو، ڪراچيءَ کان ڪميرو تائين سفرنامو، تتو ڏينهن ڇو مينهن، تو لکيو مون پڙهيو، خواب خطن ۾ خيال اکين ۾، ديوان منصور، ڪليات منصور، تصوف جو ڪيڏارو، جهڙا خوبصورت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيڪي سنڌي ادب جو تمام وڏو سرمايو آهن، ڊاڪٽر منصور ملڪ ڪيتري عرصي تائين استاد به رهيو، ايل ايم ڊي ۾ ڊاڪٽريت ڪرڻ بعد يارنهن سالن تائين روس ۾ رهيو، اتان بي هوش ڪرڻ واري ڊاڪٽري شعبي ۾ هن پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ روس ۾ شادي به ڪيائين، جنهن مان هن کي هڪ نياڻي پڻ هئي، جيڪا هن وقت روس ۾ رهي ٿي، جڏهن ته هن جي پهرئين شادي پنهنجن ئي عزيزن مان ڪئي هئي، جنهن مان اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، ڊاڪٽر ملڪ سنڌ جو جهر جهنگ گهمڻ کان سواءِ اڌ دنيا جو سفر پڻ ڪيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي تحقيق ڪئي، هو تصوف جو وڏو ڄاڻو ۽ ان تي عبور رکندڙ شخص هو، ادب سان هن جو عشق ڄڻ ته ازلي هو، جو سڄي حياتي سنڌي ادب جي آبياري ڪندو رهيو، ڪيترائي ڪتاب آڻڻ کان پوءِ به منصور ملڪ منصور بڻجي پنهنجي ڌرتي پنهنجي سماج، پنهنجي ٻولي جي وڏي خدمت ڪئي، پوءِ کڻي شاهه عنايت بخش جو فڪر هجي يا لطيفي لات، تنبوري جي تار ڇيڙي سنڌ جو سيلاني بڻجي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اها ئي پرچار ڪندو رهيو. اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو شاهه، اها حقيقت به آهي ته منصور ڪڏهن سک سان نه ستو، سدائين کاهوڙين جي روپ ۾ سفر ۾ رهيو، جيسين تائين جيئرو رهيو، ورچي نه ويٺو، مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ مورڙي جي ڀائرن کي درس ڏيندو رهيو ته هن ڌرتي ۽ سماج جا جيڪي دشمن آهن اهي مڇ آهن جيڪي دنيا کي دوزخ بڻائڻ گهرن ٿا، هن انهن جو پانڌيئڙو، سنڌي ادب جو هي ستارو شاهه عنايت ۽ لطيف پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين ويڙهه وڙهندو رهيو، ۽ نيٺ سنڌ جي عظيم ڏاهن ۽ ساڃاهه وند اديبن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد مجتب شاهه راشدي، طارق عالم ابڙي جيان هي سنڌ جو منصور ڊاڪٽر منصور ملڪ هي چئي وڇڙي ويو ته الامان اڏري ويندوسانءِ روزانه عوامي آواز [/JUSTIFY] منصور ملڪ جي ڪجهه چونڊ شاعري حاضر آهي: محبوبن جي صورت اڻ لڀ، مشتاقن جي صورت اڻ لڀ. جاتي ڪاٿي ماتم ماتم، راحت چاهت الفت اڻ لڀ. بزدل گيدي ڀاڙيا ماڻهو، مردن واري جرئت اڻ لڀ. ڪانَو اچي ويا هنج مري ويا، سهڻي سيرت صورت اڻ لڀ. تقريرن ۾ خالي نعرا، يار ڏسون ٿا حڪمت اڻ لڀ. موڳا ماڻهو، ڇسا ڇوڪر، لوئي لڄ ۽ غيرت اڻ لڀ. درد اسان ”منصور“! نپايا، دل ۾ آهي راحت اڻ لڀ.
جواب: سنڌ جي نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر منصور ملڪ جو به لاڏاڻو ڪانَو اچي ويا هنج مري ويا، سهڻي سيرت صورت اڻ لڀ. درد اسان ”منصور“! نپايا، دل ۾ آهي راحت اڻ لڀ. هنجه وڃن مرندا، ڪانون جي وڃي ٿي گهڻائي ٿيندي ۔۔۔ انا لله وانا عليه راجعون رب العالمين کيس جنت نصيب فرمائي ۽ سندس پوئنرن کي صبر عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: سنڌ جي نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر منصور ملڪ جو به لاڏاڻو انالله وانااليه راجعون۔ جعل الله قبره روضت الجنت