طارق عالم ابڙو - منفرد ناول نگار، مصور، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سفرنامه نويس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    طارق عالم جي موت جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟
    تحرير: رياضت ٻرڙو

    نيٺ طارق عالم به حڪومتي بي حسيءَ جو شڪار ٿِي، ان ازلي ڏيهه جو واسي ٿي ويو، جتي ڪنهن به علاج جي ضرورت ناهي پوندي ۽ نه ئي ڪنهن کان امداد لاءِ منتظر رهڻو پوندو آهي ۽ نه ئي ٻٻرن کان ٻير گھرڻا پوندا آهن.

    سنڌ جي انتهائي منفرد ناول نگار، مصور، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سفرنامه نويس طارق عالم ابڙي جي حوالي سان گذريل ڪيئي ڏينهن کان خبرون ڇپيون پئي، ته هُو سخت بيمار آهي، سندس بُڪيون فيل ٿي چڪيون آهن ۽ کيس ساهه جي تڪليف آهي، جنهن جو علاج پاڪستان بدران ڀارت ۾ ممڪن آهي، جنهن لاءِ 60 لک رپين جي ضرورت آهي ۽ سنڌ سرڪار ان لاءِ واهر ڪري، جو اهو ان جو فرض آهي ته پنهنجن سڄاڻ ۽ لائق سپوتن، جيڪي قومن جو ورثو هوندا آهن، جي سار سنڀال لهي، پر سنڌ سرڪار صرف ست لک سهسائي سگھي، سو به شايد روئي روئي سرڪار ستن لکن تان هٿ کنيو هوندو! بهرحال، طارق عالم پنهنجي علاج لاءِ، اهڙي علاج لاءِ جيڪو زندگيءَ جي بقا لاءِ لازمي هو، ڀارت وڃي نه سگھيو! نيٺ آچر جي رات (11 جُون 2011ع) ڏاڍي ڏک ڀرِي خبر سڄيءَ سنڌ جي ادبي فضا کي سوڳوار ڪري وئي ته سنڌ جو ورسٽائيل اديب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي ادبي مخزن ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر طارق عالم ابڙو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو.

    مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا. (شاهه)

    هُو بهترين مصور ۽ ڊرامه نگار پڻ هو. هُو هڪڙو منفرد ۽ اهڙو اديب هو جنهن جي لکڻين ۾ اصليت جھلڪندي هئي. ان ڪري ئي سندس مشهوري ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر پڻ هئي. هاڻ صرف طارق عالم جا لکيل ڪتاب ئي آهن، جيڪي سندس ياد کي اسان جي من ۾ سدائين لاءِ روشن ۽ قائم دائم رکندا، ۽ ساڻس گذاريل وقت اسان جي ساروڻين جو يادگار حصو ٿِي رهندو. طارق عالم جو لکيل يادگار ناول ”رهجي ويل منظر“ آهي جيڪو 1985ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو ۽ نوجوان ٽهيءَ جو پسنديده ناول رهيو ۽ جنهن کي شوق ۽ پيار منجھان پڙهيو ويو، ۽ جنهن جا پوءِ ڪيئي ڇاپا پڌرا ٿيا. جڏهن ته سندس لنڊن جو لکيل سفرنامو ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ (1992ع) پڻ پنهنجي نرالي انداز ۽ منفرد مواد سبب ڏاڍو پسند ڪيو ويو. ان کان سواءِ سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ (1998ع)، ”رات، سانت ۽ سوچون“ (1981ع) ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”مورن اوچا ڳاٽ“ (1990ع) ڇپيل آهن.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھ من موهيندڙ شعر هن ريت آهن:

    دل دروازو کــول پـيـــارا، ٺـــڪ ٺـــڪ ٿــئــي ٿِــي،
    دل تي هٿ ڌري ڏِس، ڪيڏي ڌڪ ڌڪ ٿئي ٿي.
    منــهنــجــو مــن ڀـــي آهــي ڪــائــي ريـــل پــراڻـــي،
    ماضيءَ جي پٽڙين تي ڪيڏي ڇَڪ ڇَڪ ٿئي ٿي.
    ماڻهوءَ کان گم ٿِي ويو پاڇو ماڻهوءَ جــو،
    ڪـتـن تـي الــزام تــراشـي ناحــق ٿـئـي ٿي.
    دروازي کي کول، دريءَ مان ڏِس ته سَهي!
    شايد ’سچل‘ بيٺو آهي، ’حق حق‘ ٿئي ٿي.
    چنڊ جيان ٿا چمڪن منهنجي ڳوٺ مٿان،
    روشن جن سان ٻنيون ٻارا – تنهنجا خطَ.
    وڻ جي سيني ۾ دل ڌڙڪي مالهيءَ جي،
    منهنجيءَ دل ۾ ڌڙڪن سارا تنهنجا خط.
    ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي،
    ڪٿي ٽُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي.
    اسين فــقـيـرَ، مسـافـرَ، محبـتـن جا سفـيـر،
    پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي.
    دل تي هٿ ڌريندي آيُـس يـاد پريــن،
    دردَ وڇوڙي تي ڪيڏو پڇتايو پئي.
    شاعر، ڪوري ڪاڳر تي اتهاس لکي،
    لفظن جو ناراض نسـل پرچايو پـئـي.

    طارق عالم قنبر جي نامور مصور ۽ قنبر شهر جي پهرئين فوٽوگرافر سائين محمد عالم ابڙي جي گھر ۾ 10 اپريل 1958ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن جا ڀائر دارا عالم، اياز عالم، منصور عالم (مرحوم) ۽ قيس عالم پڻ آرٽ ۽ ادب جي شعبن جون مشهور ۽ منفرد شخصيتون آهن. 1960ع ۾ سندس ڪٽنب سنڌ جي علمي آستان ڄام شوري لڏي ويو، جتي هن پرائمري تعليم 1965ع ۾ پرائمري اسڪول ڄام شوري، مئٽرڪ (پرائيويٽ) جامعه عربيه حيدرآباد، انٽر آرٽس سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي اي (پرائيويٽ) 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ايم اي (پرائيويٽ) 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. هن پڙهڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽينڊنٽ ۽ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سيمينار انچارج طور هڪ سال پڻ نوڪري ڪئي.

    طارق عالم 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي ادبي رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو ڪجهه وقت سيڪريٽري به رهيو. هن ايڊيٽر ماهوار ”گل ڦل“ طور پڻ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو.

    طارق عالم 1975ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏهن سندس پهريون نظم ”ماروئڙا“ رسالي ۾ ڇپيو. سندس پهرين ڪهاڻي ”پائلي“ 1978ع ۾ ڇپي، جنهن کان پوءِ هو مسلسل لکندو رهيو. طارق عالم جي ناول ”رهجي ويل منظر“ کي 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران سال جي بهترين ادب جو ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران نسيم کرل گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”سار آهي ستل ڊائريءَ ۾“ (شاعري)، ”بي روپ چهري جي ڪهاڻي“ (ڪهاڻيون) ۽ ”مٽي“ (ناول) شامل آهن.

    طارق عالم پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ سنڌي چئنلن لاءِ ڊراما (ٽيلي پلي) پڻ لکيا. سندس لکيل پهريون ڊرامو ”چنڊ رهين ٿو دور“ 1979ع ۾ پِي ٽِي وِي تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، جيڪو سندس پنهنجي ئي هڪ ڪهاڻيءَ کي ڊراماٽائيز ڪيل هو. طارق عالم جا 25 کان وڌيڪ ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ اداڪاري پڻ ڪئي جنهن جو نالو ”سج لهڻ کان اڳ“ هو. سنڌ ٽِي وِي چئنل تان نشر ٿيندڙ پهريون ڊرامو ”خالي فريم“ طارق عالم جو ئي لکيل هو. جڏهن ته، طارق عالم 1992ع ۾، روزاني عبرت حيدرآباد ۾، ڪالم/ڪهاڻي جي سري سان هفتيوار ڪالم پڻ لکيا. آرٽسٽڪ خاندان جو فرد هئڻ ناتي طارق عالم مصور پڻ هو. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ٿي. فنِ مصوريءَ ۾ هن جو پين ورڪ ۽ آئل ورڪ ڪيل هو.......

    بهرحال، طارق عالم ابڙي جي وفات جو اسان کي بيحد ڏک آهي. ان ڏک ۾ اسان اوهان کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪريون ٿا. طارق عالم کي ايئن بُڪين جي فيل ٿيڻ ۽ ساهه جي تڪليف سبب نه مرڻ گھربو هو، پر هُو هن بي حِس سماج جي ظلمتن، ناانصافين ۽ اڻ برابرين اڳيان هارجي ويو، اهو سماج جيڪو ڪٿي ته لکَ ٿو وڃائي ڇڏي ۽ ڪٿي ڪوڏي به سجائي نه ٿو ڪري....... اهڙي وقت اهو ئي سوال ذهن جي اسڪرين تي لکجي ٿو اچي، ته طارق عالم جي موت جي ايف آءِ آر ڪنهن تي لکرائجي؟


    روزانه عوامي آواز تان ورتل

     
  2. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: طارق عالم ابڙو - منفرد ناول نگار، مصور، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سفرنامه نويس

    لڳيءَ جو لطيف چئي نڪو قال نه قيل
    لِکئي لامون کوڙيون نيڻين وهي نيرُ
    هنئڙا ٿيءُ سڌير
    ڪالهه قريبن لڏيو
    شاه لطيف
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: طارق عالم ابڙو - منفرد ناول نگار، مصور، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سفرنامه نويس

    ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي،
    ڪٿي ٽُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي.
    اسين فــقـيـرَ، مسـافـرَ، محبـتـن جا سفـيـر،
    پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي.

    سهڻي، ڏاهي ۽ سنڌ جي دلبر انسان لاءِ جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ، پر موت سان مقابلو ڪير ڪري ۔۔۔

    ” موت هڪ درياهه جي پل مثل آهي، جيڪو هڪ دوست کي دوست سان ملائي ٿو“ ۔۔۔۔ جنهنجي امانت هئي تنهن وت پهتي ٿي ۔۔۔ بس دعا آهي ته ڪاش سنڌ کي طارق عالم جهڙا وطن دوست انسان ملندا رهن ته لاٽ ٻرندي رهي ۽ قافلو هلندو رهي ۔۔۔ هن قحط الرجال ( مردن جي کوٽ) واري زماني ۾ جيڪڏهن ڪو مرد هليو وڃي ته ڏک ضرور ٿيندو ۔۔۔

    حڪومت سنڌ کان ٻير گهرڻ وارا شايد احمقن جي جنت جا رهواسي آهن ۔۔۔ انهن مٿي ڦريل انسانن کي شايد اها خبر ناهي ته ٻٻر ڪڏهن به ٻير ناهي ڏيندو ۔۔۔ پر سنڌ جا سماجي ماڻهون، گهڻ گهريا، سرنديءَ وارا حب الوطن به شايد هاڻ مري ويا آهن ۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔

    رب العالمين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: طارق عالم ابڙو - منفرد ناول نگار، مصور، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سفرنامه نويس

    طارق عالم ابڙو هڪ سٺو ناول نگار هو مون صرف ان جو هڪ ئي ناول پڙهيو آهي جيڪو تمام سٺو ناول آهي جنهن جو نالو آهي، رهجي ويل منظر جيڪو هڪ دفعي پڙهڻ کان پو بار بار پڙهڻ جي دل ڪندي آهي، باقي ٻي ڪا به شي لکيل مون پڙهي ئي ڪونهي ۽ طارق عالم ابڙي جو خالي ٿيل خانو ڪير به پر نٿو ڪري سگهي الله تعالي ان کي جنت ۾ جا ڏي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طارق عالم جي ورسيء تي سندس ياد

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو