کِلِي آڇ اُنهيءَ کي گُل

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    کِلِي آڇ اُنهيءَ کي گُل​

    پيارا دوستو هڪڙي ساٿي فنڪار دوست روزانو اچي مٿو کاڌو ته سائين مونکي عيد لاءِ هڪڙو گيت هڪڙو ٽريڪ کڻي آيو انهي ڌُن تي لکي ڏي، چيومانس بابا مان وانڌو ڪونه آهيان اصل ڪونه مُڙيو، جيڪو ٽريڪ هو سو ته ڪيئن هُو خبر ناهي پر مجبورن هڪڙو گيت لکجي ويو۔ صفا وزن بحر کان وانجهيل هن گيت جي اُن فنڪار هڪڙي زبردست ڌُن تيار ڪري مونکي ٻُڌائِي اُن جهڙي طرح ترنم ۾ اهو گيت ڳايو مُنهنجا اصل تاڪ لڳي ويا۔ پر يقين ڪجو توهان جا رمضان ۾ تاڪ لڳائڻ نٿو چاهيان، پر ڪافي ڏينهن کان مُنهنجي ڊيزائن شاعريءَ ۾ ڪو گيت ڪونه هو، هاڻي جهڙي به شاعري آهي، توهان جي نظر آهي۔ اهو شڪر الله سائين جو آهي جو مُنهنجي پنهنجي مطلب سموري سنڌ سلامت جي دوستن جي آهي۔​


    [​IMG]
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا​
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وڏا سائين

    هي ڪاتيون، ڪهاڙا، خنجر، تلوارون۔۔ اهڙو قاتل فوٽو، زائفان جو۔۔ اباڙي، ٻروچ جي روزي جو خيال ڪريو ٻيلي۔۔
    ڪجهه رحم ڪريو بابل۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٻروچ سائين، جُڙيو هُجين شال۔ ير ٻروچ جو روزو ايترو ڪچو آهي جو ڇڙو زائفان جو ڦوٽو ڏسيو ٽُٽِي ٿو وڃي، اصل مار ڇوڙئي! تئين ول ڊائريڪٽ زنانِي ڏٺِي ڇو؟ رب مٺا تيڏا خير ڪري، ميڏِي شاعري دي باري وچ تون ڳالهايائي ڪونه! ​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏاڏا سائين!
    اوهانجي شاعري ان فوٽوءَ کان سئوڻ تي سهڻي آهي ...
    قاتل جي قتل ڪرڻ تي به کلڻو آهي ... لطيفي پيغام آهي، جنهن قاتل کي به مڏي ڇريءَ سان ڪهڻ جي پارت ٿي ڪئي ... سو ڏاڏا سائين الله اوهانکي، وڏي ڄمار ڏي، ڏوهٽن پوٽن وارو ٿئين ... اهڙا قرب پيو ڪندو ڪر پر هاڻ ٻروچ جو فوٽو ڏسي، روزو ٽوڙي وجهي سو مڙئي انجي به پارت هجيو ... بلبل کي ڪشمش ته نه ڏيکاريو نه،

    نوٽ؛ اوهانکي ڏاڏا انڪري لکيو اٿم جو اسانجو هڪ پيارو دوست آهي افضل سنديلو، مرحوم سائين عبدالڪريم سنديلي جو پٽ، تنهنکي اسين ڏاڏو چوندا آهيون ۽ هو به اوهان وانگر ڏاڍا سهڻا بيت ٻڌائيندو آهي ...
     
  5. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    نثار ۽ نثار

    نثار وڃون توهان جي نالن تان۔ سائين ڇو ٿا ٻروچ کي بدنام ڪيو، ٻيلي ڏاها ٿيو، مون ته صرف ايترو لکيوته روزي جو ژخيال ڪريو، توهان ته منهنجو روزو پاڻهي ليکي ٽوڙائي ڇڏيو۔۔ وڏا آهيو، پاڻ ڄاڻو، پر HaqMojood چئو ٿا ته پوء حق کي موجود به رکو يار۔۔ ناحق نه ڪريو ٻيلي، ڪڏهن ٻروچ کي شهر ۾ ٺڳو ٿا ته ڪڏهن ٻروچ کي ڪمزور ايمان به چئو۔۔ ڪنهن جي ايمان کي ڪير ٿو تولي سگهي ابا۔۔ عورت جي تصوير تي اجهو ٿو ڪو مولوي فتوا ڏئيوَ ته اهو فتنو آهي، هروڀرو ٻروچ جي ڪڍ ڇو پيا آهيو، هي ويچارو ته سچ ئي روئي پيو۔ خير وڏا آهيو، مرضي اوهان جي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ٻروچ ير صفا زورا ور آهين، اسان ته ڪڏهن به ايمان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي آهي، مٺا مرضي مولا سائين جي هلندي آهي، اسان ته صفا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڪجهه مُنهنجي شاعريءَ جي مول متن يا صرف خيالن تي ئي ڳالهايو ها ته بهتر ٿئي ها ٿي سگهي ٿو ڪو نئون نقطو ،ڪو نئون خيال اسان کي توهان کان ملي پئي ها ۽ اسان جهڙا موڳا مٽر توهان کان گهڻو ڪجهه سکي پون ها۔ باقي مولوين جِي فتوى جي ڳالهه ڪري ڊيڄاريو ڇوٿا .آئنده ڪوشش ڪنداسين ڪنهن جا جذبات مجروح نه ٿين ۽ اهو پڻ ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهنجي روزي ٽُٽڻ جي نوبت نه اچي. مهرباني ادا.​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا تُنهنجي مهرباني جو تصوير جي نسبت توهان مُنهنجي شاعريءَ کي سئوڻ تي سُٺو چيو، توهان ڏاڏا جي اهم ترين ۽ عزت افزائي واري لقب سان مون مسڪين کي نوازي مونکي پوٽن ۽ ڏهٽن وارو ٿيڻ جون دعائون ڪيون، لکين قرب پر مونکي نه اها وڏي ائڊمن جادوگر رشيد سمون ڪٿي ملي پوي ته کيس کان ضرور پڇندس ته پاڻ مونکي سرپرست اعلى بنايو آهي ۽ هاڻ اصل سنڌ سلامت جي ننڍڙي ٻار کان وٺي نوجوان ۽ جهوني تائين هر ڪو پيو مونکي ڏاڏو ڪوٺي، ادا نثار تون محترم افضل سنديلو جي ڳالهه ڪري ان ڊاريڪٽ ڏاڏو چئي جان ڇڏائي وين. اڄ تو ڏاڏو چيو آهي سڀاڻي مونکي ڪير پڙ ۽ تڙ ڏاڏو چوندي ڀي دير نه ڪندو. بس ڪيو زوراوريون اڀري لڏ سان. آئِي وِل سِي يو مسٽر وڏي ائڊمن عرف رشيد سمان تون ڇڙو مونکي اڪيلو مل. ادا نثار ابڙا هن گيت جو هڪڙو بند ٻيو به هو جيڪو طوالت جي ڪري لکي ڪونه سگهيو هُئس. جيڪو هينئر توهان سان گڏ سمورن سنڌ سلامت جي ساٿين سان شيئر ڪندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي.​

    ڏُکَ سُکن جِي سُونهن ٿا سڏجن
    کلندي هر غم پاڻ ٿا گهٽجن
    اهو سبق نه هاڻي ڀُلِ​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ


    سائين ناز صاحب عرف ڏاڏا سائين! اهو وڏو ايڊمن ملي وڃيوَ ته هڪ ٻه منهنجي طرفان به کيس رسيد ڪندا ... پر يار مونکي ته ماڻهون سٺو ٿو لڳي پر اوهان سان الائجي ڇو اهڙي ڪئي اٿس؟

    يارن جا معاملا يار ڄاڻن ...

    shal judy hujeen
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اهو ته ٺيڪ آ پر رشيد کي ”رسيد “ ڪيئن ڪندس، سمجهه ۾ ڪونه آيو پر مڪي پاڪ وارا، توهان وٽ مڪي ۾ دوست اڪيلي ۾ ملندا آهن ته رسيد مطلب رجسٽري ڪندا آهن يا آئون ڀليو آهيان تون اردو واري چپيڙ رسيد ڪردينا واري ڳالهه پيو ڪرين، ير پوٌءِ ڏاڍي پيو ٻُڌائين خالص سنڌي ۾ لکين ها ته ٺڪا ڪجانس ۔ ادا رشيد سمون اصل پنهنجي دل ۾ ويٺو آهي، مڙئي پيار ڀريا دڙڪا ڏيو دل پيا خوش ڪريون ادا رشيد سان اصل سر لڳي۔ تُنهنجو ڏاڏا سائين چوڻ به اکين تي۔​
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    سلام سائين
    تمام بهترين سائين
    لاجواب shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وحيد ڦلپوٽا توهان کي مُنهنجي شاعري پسند آئي خاص ڪري اُها مصرع ته
    پنهنجي پاڻ سان پاڻ ڪئي تو
    ڪنهن سان دل کي لڳائي هاڻ ڪئي تو
    زخمي ڇاتي، زخمي دل​

    ادا اها شاعري مون پهرين به چيو هو ته سموري سنڌ سلامت جي دوستن جي آهي۔ ڇاڪاڻ جو مُنهنجي شاعريءَ جو هرڪو اکر هرڪو لفظ ، هرڪو شعر مُنهنجي سنڌ سلامت جي دوستن جي امانت آهي۔ توهان سڀني دوستن کان مونکي ايڏا ته قرب مليا آهن جو لکڻ کان ئي ٻاهر آهن۔ ۽ ان قرب جو اندازو لڳائڻ مون مسڪين کان تمام مٿي آهي۔ الله سائين ساري سنڌ مٿان پنهنجو خاص ڪرم ڪري ان جي صدقي مُنهنجي سنڌ سلامت جي سڀني دوستن ۽ انهن جي پيارن جي مٿان رحم ۽ ڪرم جي ٻاجهه ڪري، شل ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسن۔(آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو