”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ شيخ اياز جي لازوال شاعري تي مبني ڪتاب ۔ جنهن ۾ گيت، وايون ۽ غزل شامل آهن۔ 1970 ۾ پهريون ڇاپو ڇپيو ۽ پوء هن جا ٽي ٻيا ڇاپا به ڇپيا۔ اياز جي مقبول شاعريء جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي۔ سندس هن ڪتاب م شامل وائيء جا ڪجهه بند پيش ڪجن ٿا: باک ڦٽيء جو بانورا !ميندي پوک نه کيتَ ۾۔ مومل هٿڙا رانئبا ،مرندا سوڍا سانورا،ميندي پوک نه کيتَ ۾۔ ايندا سڏڙا ڪاڪ جا،وسري ويندا ڇانورا،ميندي پوک نه کيتَ ۾۔ باک ڦٽيء جو بانورا !ميندي پوک نه کيتَ ۾۔ هن ڪتاب کي اِي بوڪ جي ايڊيشن ۾ محترم حبيب سنائي آندو آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔هي ڪتاب مڪمل ناهي ۽ اڃان صرف پهريون حصو ڪمپوز ٿيو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو