”مثنوي رومي“ تصوف جي رمزن ۽ اخلاقي هدايتن جو هڪ اهڙو ڀنڊار آهي جنهن مان مسلمان توڙي ٻيا ايامن کان وٺي ڪري علمي ۽ عملي طرح سيراب ٿيندا رهيا آهن. ان جو معروف آکاڻين جي صورت ۾ سمجهائڻ وارو طريقو ايترو ته موثر مڃيو ويو آهي جو صدين گذرڻ پڄاڻان به انهيءَ جو استفادو جيئن پوءِ تيئن سگهارو مڃيو پيو وڃي. روميء جون رهاڻيون (مثنوي مولانا روم) سنڌيء ۾ نامياري ليکڪ ۽ شاعر محترم احمد آصف خان مصراڻي جون ترجمون ڪيل آهن. جڏهن ته سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايل آهي۔ ڪمپوزنگ بدين جي محترم سيد اريب شاهه ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: روميء جون رهاڻيون (مثنوي مولانا روم) هن ڪتاب جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ ۔۔۔ اسانجو سهڻو لطيف پاڻ سان هميشه ٻه ڪتاب ساڻ کڻندو هو ۔۔ هڪ قرآن ڪريم ۽ ٻي مثنوي مولانا رومي ۔۔۔ ٽيون ڪتاب به چون ٿا سندس مطالعي ۾ هوندو هو، سندس ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا بيت ۔۔۔ ساڳي راه رباني ۔۔۔ جنهن ۾ نه ڦير نه فرق ۔۔۔ انسان سان پيار ۽ واحد جي وحدت جا اهڙا ته سبق جو پڙهندڙ آسانيءَ سان توبهه تائب ٿي خالق جي آڏو سربسجود ٿئي ٿو ۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ ۽ تمام سهڻو ڪتاب ٿورا ناهن ٿورا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ٿو ڪريان ته هيٺ تصوير ۾ ڏنل ويبسائيٽ ٿي کُلي پوي ۽ ڪتاب ڊائونلوڊ نٿو ٿئي۔ 3208 اٽيچمينٽ ڏسو
مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمهمولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه جو اصل نالو محمد هو پوءِ سندس لقب جلال الدين مشهور ٿيو جيئن ته هن ننڍپڻ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين روم (ايشياٽڪ ترڪي جو اصلوڪو نالو) ملڪ ۾ گذاريو هو تنهنڪري (رومي) سڏجڻ ۾ آيو. مولانا جلال الدين رحمه الله تاريخ 6 ربيع الاول هجري 606 هجري (سنه 1193ع) ۾ بلخ شهر ۾ ڄائو هو جو سندس اباڻو وطن هو سندس ڏاڏو حسين بلخي (عليه الرحمه) وڏو مشهور صوفي درويش هو جنهن کي وقت جا بادشاه به گهڻي عزت ڏيندا هئا خراسان جي بادشاه محمد خوارزم شاه پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ حسين بلخي رحمه الله کي ڏنو هو جنهن مان مولانا رومي رحمه الله جو والد شيخ بهاءُ الدين صوفي رحمه الله پئدا ٿيو بهاءُ الدين بلخي رحمه الله به وقت جو ڪامل صوفي درويش هو ان وٽ خلق جي تمام گهڻي اچ وڃ ۽ مڃتا ڏسي وقت جي حڪومت کي ڪي سياسي شڪ شبها پيدا ٿيا تنهن ڪري شيخ بهاءُ الدين بلخي رحمه الله ٽن سون خاص مريدن سميت بلخ مان هجرت ڪئي ان وقت مولانا رومي جي عمر ڇهه وريهه هئي شيخ بهاءُ الدين رحمه الله سفر ڪندي پنهنجي اٽالي سميت جڏهن نيشاپور پهتو تڏهن فريد الدين عطار (عليه الرحمه) سندس زيارت لاءِ آيو مولانا رومي رحمه الله جي چمڪندڙ پيشاني ڏسي شيخ بهاءُ الدين رحمه الله کي عرض ڪيائين ته (هن ننڍڙي املهه ماڻڪ جي خبرداريءَ سان سنڀال ڪجو، انشاءَ الله تعالي ڏينهن جو ڏيو ٿيندو) شيخ بهاءُ الدين بلخي بغداد حجاز شام زنجان کان سفر ڪندو روم (ايشياٽڪ ترڪي) جي شهر قونيه ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي تاريخ 18 ربيع الثاني هجري 628 (1217ع) ۾ رحلت ڪيائين ان وقت مولانا رومي رحمه الله جي عمر چوويهه وريهه هئي. مولانا رومي رحمه الله کي شروعاتي تعليم سندس والد صاحب ڏني هئي پوءِ سندس والد جو خاص مريد سيد برهان الدين محقق مشهور عالم ۽ درويش سندس اتاليق (استاد) مقرر ٿيو والد جي وفات کان هڪ سال پوءِ مولانا رومي رحمه الله حلب شهر جي (جلاديه مدرسي) ۾ وڃي تعليم ورتي جتي تفسير حديث فقه ۽ عربي زبان جي ٻين علمن ۾ نهايت قابل ٿي ويو. مدرسه جلاديه مان دستار فضيلت (قابليت جي سند) حاصل ڪرڻ بعد مولانا رومي قونيه ۾ موٽي آيو ۽ اتي ديني علمن جي تعليم جو مدرسو اچي کوليائين جتي پاڻ تعليم ڏيندو هو وعظ ڪندو هو ۽ شرعي فتوائون لکندو هو ۽ پوريءَ طرح عالمانه زندگي گذاريندو هو ۽ صوفيانه (سماع) کان پرهيز ڪندو هو. مولانا شمس تبريزي (عليه الرحمه) جيڪو مشهور خدا شناس صوفي هميشه سوداگرن جي لباس ۾ ملڪن جا ملڪ گهمندو وتندو هو جتي ويندو هو اتي مسافر خاني ۾ رهندو هو سماع ۽ فقيراڻين مجلسن ۾ مشغول رهندو هو انهيءَ ڪري هو ملڪن ۾ مشهور هو ۽ شهر شهر ۾ سندس طالب ۽ مريد هئا اهو ڪنهن ڏينهن قونيه شهر جي مسافر خاني ۾ اچي لٿو شهر ۾ هل پئجي ويو ته شمس تبريز رحمه الله شهر ۾ آيو آهي.قونيه شهر جو وڏي ۾ وڏو مولوي ۽ تقوي جو صاحب مولانا رومي رح هوندو هو تنهن جڏهن شمس تبريزي رح جي اچڻ جي خبر ٻڌي تڏهن عالمانه لباس پائي پنهنجا خاص شاگرد پاڻ سان ڪري مسافر خاني ۾ شمس تبريزي رح سان ملاقات ڪرڻ ويو ۽ ارادو هوس ته هن جا ڪي غير شرعي ڪم هجن ته انهن جي ڇڏڻ لاءِ هدايت ڪريانس جڏهن شمس تبريزي رح سان اچي ملاقات ڪيائين ۽ پاڻ ۾ ڳچ وقت تائين شريعت ۽ طريقت بابت گفتگو ۽ سوال جواب ڪيائون ۽ اکيون اکين سان ملي وين تڏهن شمس تبريزي اهڙي ڪا روحاني نظر ڪئي جو مولانا رومي رح عالمانه لباس لاهي ڦٽو ڪري شمس تبريزي رح سان گڏ بيهي سماع ڪرڻ لڳو ۽ هن سان گڏ چلو ڪڍي مراقبي ۾ ويهي رهيو. قونيه شهي جي عام خاص ننڍن وڏن مردن توڙي زالن ۾ هاءِ هاءِ! ۽ ٿرٿلو پئجي ويو ته هي ڪهڙو جادوگر آيو آهي جنهن اسان جو عالم سڳورو مست ڪري ڇڏيو آهي آخر ڪي ماڻهو شمس تبريزي رح کي قتل ڪرڻ لاءِ به سنڀريا شمس تبريزي رح ته رمتو فقير هو سو راتو واه قونيه مان نڪري ويو ۽ وڃي دمشق کان نڪتو شمس تبريزي رح جي گم ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جي فراق ۾ مولانا رومي رح هيڪاري حال کان بي حال ٿي ويو مولانا رومي جو فرزند سلطان ولد ڳچ جيترا ماڻهو ساڻ ڪري مولانا رومي کان هڪڙو خط جو نهايت درد ڀريل نظم جي صورت ۾ هو سو وٺي شمس تبريزي رح کي ڳولڻ نڪتو ۽ آخر دمشق مان هن کي وٺي اچي قونيه ۾ مولانا رومي رح وٽ رهايائين تنهن کان پوءِ هجري سنه 645 (1233ع) ۾ مولانا شمس اوچتو گم ٿي ويو ۽ وري روءِ زمين تي پڌرو نه ٿيو (نفحات الانس) ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مولانا شمس رح کي مولانا رومي جي ٻئي فرزند علاءُ الدين قتل ڪرائي سندس لاشو ئي گم ڪرائي ڇڏيو هو. مولانا شمس تبريزي رح جي شهادت کان پوءِ مولانا رومي (عليه الرحمه) جو درد ۽ فراق زياده ڄڀيون ڪرڻ لڳو قونيه شهر ۾ شيخ صلاح الدين نالي هڪ درويش سونارو رهندو هو جو سيد برهان الدين محقق ۽ خدا رسيده جو مريد هوندو هو سو پنهنجو ڌنڌو ڦٽو ڪري مولانا رومي رح جي دل کي گهڻو ٺاريو ۽ آرام بخشيو نون ورهين کان پوءِ شيخ صلاح الدين وفات ڪئي جنهن جي تربت مولانا رومي رح پنهنجي والد جي تربت سان گڏ ٺهرائي.شيخ صلاح الدين جي وفات کان پوءِ شيخ حسام الدين چلبي جيڪو مولانا رومي رح جو نهايت پيارو ۽ سعادتمند مريد هوندو هو سو اچي سندن صحبت ۾ رهيو مولانا رومي رح ۽ شيخ حسام الدين هڪٻئي جو اهڙو ادب رکندا هئا جو سمجهي ڪين سگهبو هو ته ٻنهي مان ڪهڙو مرشد آهي ۽ ڪهڙو مريد آهي مولانا رومي رح (مثنوي شريف) ۾ جيتري قدر مولانا شمس تبريزي رح ۽ شيخ صلاح الدين جي نيڪي ڳائي آهي تنهن کان گهڻو وڌيڪ شيخ حسام الدين چلبي جون نيڪيون بيان ڪيون اٿس.شمس تبريزي رح جي ملاقات ۽ صحبت کان پوءِ مولانا رومي رح جا مدرسا ۽ وع ڇٽي ويا هو سدائين عبادت مراقبي ۽ سماع ۾ گذاريندو هو درويشن ۽ مريدن جون قطارن جون قطارون هر وقت سندس محفل ۽ مجلس ۾ حاضر رهنديون هيون ذڪر ۽ سماع جي لولي لڳي پئي هوندي هئي.وقت جا حاڪم ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا هئا ۽ قيمتي نذرانا اڳيائينس اچيو رکندا هئا سڀ خير خيرات ۾ ڏيو ڇڏيندو هو سندس عيال هميشه مسڪينيءَ جي زندگي بسر ڪندو هو.مولانا رومي رح اٺهٺ ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 25 جماد الثاني هجري سنه 672 (عيسوي سنه 1260) ۾ قونيه شهر ۾ وفات ڪئي جتي سندس عاليشان درگاه اڄ تائين قائم آهي. مولانه رومي جون رهاڻيون هڪ بهترين علمي عقلي ڪتاب آهي جنهن ۾ مولانه صاحب جا بهترين تجربا ۽ نصحتون بهترين انداز سان بيان ٿيل آهن، مولانه جي مثنوي هڪ علم جو خزانو آهي، هن خزاني کي سنڌ جو سيد شاه عبدالطيف ڀٽا۔ي رح جن به ساڻ کڻندا هئا، جنهن مان پڻ شاهه جي پڙهيل هجڻ جو ثبوت ملي ٿو، هي ونڊ ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو بهترين ڪتاب آهي، ۽ هي ڪريڊٽ به سنڌ سلامت جي دوست سليمان وساڻ کي وڃي ٿو۔ اسان آئينده به اهيا اميد رکون ٿا ته سليمان وساڻ صاحب اهڙن بهترين علمي ادبي ڪتابي خزاني سان اسان کي نوازيندا رهندا۔
سنڌ سلامت: محترم عبدالحفيظ لغاري ۔ ادا ٻڌو آهي ته مڪمل ڪتاب آهن، باقي ڪاٽا ڀيٽا جي مونکي ته خبر ناهي۔