TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
دوستو السلام عليڪم
اميد آهي ته خوش باش هوندا۔
منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ ڪجهه ڳالهيون آيون آهن سوچيم ته دوستن سان شيئر ڪري ڏسجن ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سهڻي اڱڻ لاءِ ڪار آمد هجن۔
پهرين ڳالهه ته هي آهي ته فورم تي اڳ ئي هڪ سب فورم قانوني صلاح مشوري جي نالي سان جڙي چڪو آهي، پر منهنجي خيال ۾ ان جو دائرو وڌائڻ گهرجي صرف قانوني صلاح مشورن تي مقيد نه هجي ان ۾ ڪجهه ٻيا ادارا به شامل ڪري سگهجن ٿا، جهڙوڪ ڪجهه وقت پهرين دوستن سب فورم الطاف شيخ جا سفرنامه لاءِ تجويز رکي هئي ته خاص نالي سان هو محدود ٿي ويندو صرف سفرنامه هئڻ گهرجي ان جو نالو البته ان ۾ به منهنجي تجويز هي آهي ته فورم ڀل سفرنامن جي نالي سان هجي پر اندر وري سب فورم هجن جن ۾ هڪ مثال طور سائين الطاف شيخ جا سفرنامه ٻيو امر جليل وغيره هجن۔
اچون پنهنجي ڳالهه تي
مون چيو پئي ته قانوني صلاح مشورن سان گڏ وڌيڪ ادارن کي شامل ڪرڻ گهرجي جيئن ته مون سان گڏ اسان جا اڪثر سنڌي سٻاجهڙا انهن ادارن ۽ پنهنجي حقن کان ناواقف آهن يا ڪهڙي اداري جي ڪهڙي ڪم جو ڪهڙو طريقي ڪار آهي ان کان به اڪثر اڻ واقف آهن قانوني صلاح مشوره سيڪشن کي ته سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب ماشاءَ الله آبيار ڪن پيا ، اهڙي ريت مثال طور نادرا جو ادارو آهي ڪافي دوستن کي خبر نه هوندي ته ان اداري جا ڪهڙا ڪم آهن يا ڪهڙا ڪم ان اداري ۾ ڪهڙي ريت ڪرائي سگهجن ٿا، ٽريفڪ پوليس جا ڪهڙا ڪم آهن؟ ڊرائيونگ لائسنس ڪيئن ٺهرائجي وغيره؟
ايجنٽن جي ٺڳين کان ڪيئن بچجي؟
ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيئن داخل ڪرائجي؟
وڪيلن سان صلاح ڪرڻ؟
پاسپورٽ ٺهرائڻ جو طريقو ؟ ڪهڙن مرحلم مان گذري پاسپورٽ ٺهي ٿي؟
جيڪي دوستن ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺا آهن اهي اتان جي قانون ويزا ۽ رهڻي ڪهڻي بابت پنهنجي سنڌي دوستن کي ٻڌائن جو اڪثر سنڌي ڪنهن ملڪ پهرين دفعو وڃن ٿا ته پريشان ٿين ٿا۔۔
ڪجهه ٻيون به صلاحون آهن،
آخر ۾ چوندس ته اڄ رت، خون عطيو ڪرڻ جو عالمي ڏينهن آهي ڇو نه سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هڪ بلڊ ڪيمپ قائم ڪري انهن سنڌين لاءِ بلڊ جو عطيو ڏيون جن جي زندگي ان بلڊ جي عطيي ڪري بچي سگهي ٿي؟