نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي شعبي صحت سرير جي جي ايڊيٽر حڪيم محمد يوسف کتري صاحب جن کي مُبارڪباد
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو۔ آئون سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان اسان جي سُڄاڻ ساٿي دوست، جناب حڪيم محمد يوسف کتري کي سندس خلاف هڪڙي ڪوڙي ڪيس جيڪو لڳاتار ڏهه سال هليو هو مان باعزت ڇوٽڪاري تان پنهنجي دل جي گهرائين سان مُبارڪون ٿو ڏيان۔ ساٿيو سنڌ سلامت جي مڙني دوستن جي اها روايت رهي آهي ته اسان پنهنجي دوستن جي ڏُکن ۽ سُکن ۾ شريڪ ٿي صحيح معنى ۾ دوستيءَ جو ثبوت ڏيندا آهيون. شال اسان جو هر سنڌي دوست قرض مرض، ڪورٽ ڪچهرين، کان آجو هُجي.(آمين)