
سنڌ جي لاڙ واري علائقي مان ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ سرويچ سجاولي جهڙا انقلابي شاعر سامهون آيا آهن۔ ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ سرويچ سجاولي جي شاعريء تي مشتمل ڪتاب آهي۔ ڪتاب کي سرويچ جي فرزند سورج سجاولي ۽ محترم يوسف سنڌي سهيڙيو آهي ۽ مانواري سائين شمشيرالحيدري هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي۔
سرويچ سجاولي، سنڌ جو اھو سورھيه ساٿي ۽ سپوت ھو، جنھن پنھنجي شاعري ۾ سنڌ وطن جي سورن جا داستان لکيا ۽ سورن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي ميدان ۾ پڻ موجود رھندو ھو، جيلن جون تڪليفون سٺائين، مقامي توڙي غير مقامي وڏيرن ۽ جاگيردارن سان اٽڪيو. سنڌ سرويچ لاءِ ڪاشي به ھُئي ته قبلو ھو، سنڌ سندس نس نس ۾ رت جي ڦڙي ڦڙي ۾ ۽ روح جي گھرائين تائين سمايل ھئي. ھو سنڌ وطن جو اھو ارڏو ۽ البيلو آواز ھو، جيڪو جڏھن عوامي جلسن ۾ پنھنجا ڊگھا نظم پڙھندو ھو ته ھزارين ماڻھو ان جي منڊ ۾ منڊجي ويندا ھئا.سندس ھڪ نظم اھو ڪم ڪندو ھو، جيڪو وڏن وڏن سياسي اڳواڻن جون ڊگھيون ڊگھيون تقريرون به ڪري نه سگھنديون ھيون. سرويچ سجاولي پنھنجي شاعري کي عوامي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪرڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، ھن جي شاعري عوام جي لاءِ ھئي، عوامي رنگ ۾ ھئي عوامي زبان ھئي ۽ سرويچ سجاولي عوام ۽ ڌرتي مان ئي پنھنجي شعر لاءِ اُتساھ وٺندو ھو.
سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم سراج احمد هٿيار سجاول جي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔