• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موج نه سهي مڪڙي ( الطاف شيخ)

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
موج نه سهي مڪڙي جناب الطاف شيخ صاحب جو لکيل ڪتاب آهن جنهن ۾ هن پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي سمنڊ ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي سائين جي انداز تحرير جي ڪري هي هڪ بهترين ڪتاب آهي ضرور مطالعي هيٺ آڻيندا :

 
جواب: موج نه سهي مڪڙي ( الطاف شيخ)

ادا مهرباني

الطاف شيخ جي هن ڪتاب ۾ سامونڊي دنيا جي خطرناڪ واقعن جو ذڪر آهي۔ مون الطاف صاحب سان ملاقات دوران اهو سوال ڪيو هو ته اوهان هڪ ڪتاب کانپوء اهڙا واقعا ڇو ڪونه پيش ڪيا؟ ان جي جواب چيائون ته ماڻهو هي ڪتاب پڙهي ميرين انجنيئرنگ کان ڀڄڻ لڳا هئا تنهنڪري مون ٻيهر اهڙا واقعا تحرير ڪرڻ گهٽ ڪري ڇڏيا۔

سسپنس سان ڀرپور ڪتاب آهي۔
 
Back
Top