خليل جبران جون ڪهاڻيون ۽ ناول تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن۔ خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ پيدا ٿيو ۽ 48 سالن جي عمر ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مڙهه لبنان جي جهنڊي ۾ ويڙهي لبنان موڪليو ويو ۽ کيس سندس پيدائش واري هنڌ دفن ڪيو ويو۔ سندس ڪتاب 20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن۔ سندس هي ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ سلمى ڪريمي سان ڪيل عشق تي آهي جنهن سان سندس شادي نه ٿي سگهي ۽ پوء جبران سموري عمر شادي ڪانه ڪئي۔ هي ڪتاب عربيء ۾ چپيو ۽ پوء 20 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ لڳ ڀڳ 20 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون آهن۔ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
ليکڪ جي باري ۾. . .
هن ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترم اشفاق ٽالپر ڪئي آهي جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔
”عورت جي پيار ڀري هڪ ئي نطر اوهان کي دنيا جو خوشقسمت ترين شخص بنايو ڇڏي“
ليکڪ جي باري ۾. . .
خليل جبران 1883ع ۾ لبنان جي سر سبز وادين ۾ بشاراه نالي هڪ ڳوٺ ۾ عيسائي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هي ڳوٺ سمنڊ جي سطح کان ٽي هزار فٽ مٿي پهاڙين تي واقع آهي. جبران کي سندس معاشري ۾ موجود پراڻين ۽ رسوده ريتن رسمن ۽ رواجن خلاف جنگ جوٽڻي پئجي ويئي، چوطرف جهالت واري ماحول مان نڪري مستقبل طرف وڌڻ لاءِ هنکي پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪرڻا پيا. جبران لاءِ عربي ۽ شامي ٻئي زبانون مادري زبان وانگر هيون. خوشقسمتيءَ سان سندس ماءٌ ڪُميلا (Kamila) هڪ تعليم يافته عورت هئي جنهنکي پڻ علم ۽ ادب سان گهري دلچسپي هئي.
جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس لکڻيون ويهن کان به وڌيڪ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سندن ڪجهه ڪتابن جو اسان ذڪر ڪنداسين.
سندس سڀ کان پهريون ڪتاب سرڪش آتمائون “Sprits Rebellious” هئو جنهن جو اسان ذڪر ڪيو. هن ڪتاب ۾ هن سندس معاشري ۾ بدعنوانين ۽ رشوت خورن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهو پڻ لکيائين ته جيڪي جج بڻجي انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن اهي به بکيا ۽ رشوت خور آهن ته پوءِ انصاف جو تصور ئي ڇاجو؟
سندس ڪتاب ڀڳل کنڀڙاٽيون “Broken Wings” توهان جي هٿن ۾ آهي، سندس زندگيءَ بابت آهي جنهن ۾ سندس پهرين محبت سلمى ڪريميءَ جو ذڪر آهي. جنهن کي هن پنهنجو ڪرڻ چاهيو جنهن سان هن شادي ڪرڻ چاهي پر نه ڪري سگھيو. ۽ ان کان پوءِ جبران سڄي زندگي شادي ڪانه ڪئي.
هي ڪتاب ڀڳل کنڀڙاٽيون سندس عربي لکڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجھيو ويندو آهي ۽ وڪامڻ جي لحاظ کان سندس مڙني ڪتابن ۾ هن ڪتاب جو تعداد وڌيڪ آهي. هي ڪتاب لڳ ڀڳ ويهه لک ڪاپين جي دنيا ۾ وڪامجي چڪو آهي. انگريزي لکڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ سندس ڪتاب پيغمبر کي سمجھيو ويندو آهي هي ڪاب دنيا جي ويهن ٻيولين ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ هن ڪتاب جبران کي عالمي سطح تي شهرت بخشي آهي جبران کي عام طور تي پيغمبر “Prophet” جي ليکڪ طور سڃاتو ويندو آهي پر هن ڪتاب وڪامڻ جو تعداد ٻئي نمبر تي آهي هن وقت تائين پندرهن لک ڪاپين جي لڳ ڀڳ وڪامي چڪو آهي هن ڪاب ۾ ڏنل تصويرون تمام اهم آهن ۽ تصويرن کانسواءِ هي ڪاب ڄڻ اڻ پورو رهجيو وڃي.
جنت آدم ۽ حوا جي آمد، فرشتن سان انسان جو تعلق، زمين تي زندگي ۽ انسان جي ٻچڙن جي تصويري عڪاسي ڪئي اٿائين.
سندس خيال مطابق انسان جا ٻچڙا پيار ۽ ديا جي گلن وانگر هوندا آهن ۽ پنهنجي هن خيال جي عڪاسي پيغمبر “Prophet” ۾ ڪئي اٿائين.
سندس خيال مطابق انسان جا ٻچڙا پيار ۽ ديا جي گلن وانگر هوندا آهن ۽ پنهنجي هن خيال جي عڪاسي پيغمبر “Prophet” ۾ ڪئي اٿائين. سندس خيال ۾ انسان جو اگهاڙو بدن حقيقت آهي ۽ قدرت جو سڀ کان عمدو ۽ سچو تحفو آهي تنهن ڪري هي سڀ تصويرون اگھاڙيون آهن.
اسان جي ملڪ ۾ بنا تصويرن جي هي ڪتٿاب مارڪيٽ ۾ موجود آهي پر جيستائين اسان جي معاشري ۾ سچ ۽ حقيقت کي سچ سمجھي قبول ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿيندي مون جهڙو مترجم شايد هن ڪتاب جو ترجمو ڪري نه سگهي سندن ڪتاب لڙڪ ۽ مسڪراهٽ “Tears and Smiles” پيار بابت آهي.
سندس ڪتاب آنڌي “Tempest” ڪمزور ۽ طاقتور کي بيان ڪيو آهي.
ڪتاب اڳواڻ “Fore Runner” ۾ انهن ماڻهن تي کليو آهي جيڪي سمجھن ٿا ته صرف کين ئي خبر آهي ته سچ ڇا آهي؟
ڪتاب پيغمبر جو باغ “Garden of Prophet” جران جي فطرت سان پيار کي ظاهر ڪري ٿو. هڪ ماڪ ڦڙو کيس ڪئين ٿو محسوس ٿئي، برق جوپ پوڻ کيس ڪئين ٿو محسوس ٿئي ۽ انگورن جي باغ کي هو ڪهڙي اهميت ٿو ڏئي ۽ ڪئين ٿو محسوس ٿئي.
عيسى هڪ انسان جو پُٽ “Gesusth son of man” هي ڪتاب جبران پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ لکيو آهي ۽ ڄڻ سندس حياتيءَ جي جدوجھد جو نچوڙ آهي. هن ڪتاب ۾ انسان اندر عيسى وارين خصلتن کي بيان ڪيو اٿائين ۽ ٻڌايو اٿائين ته ڪهڙيءَ طرح انسان اشرف المخلوقات آهي.
پنهنجي ڪتاب وادين جون حورون “Nymphs of the Valleys” ۾ هن انهن ماڻهن تي تنقيد ڪئي آهي جيڪي حڪومت ۾ آهن يا مذهبي پيشوا طور اقتدار ۾ آهن.
هي ماڻهو معاشري لاءِ ته قانون ٺاهيندا رهن ٿا پر قانون ڇا آهي کين ڪابه خبر ڪانه آهي ۽ مرتب ڪيل قانون مان پيدا ٿيندڙ اثرن بابت نڪو سوچين ٿا ۽ نه وري سوچڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
جبران کي سندن ڪتاب پيغمبر “Prophet” کان الڳ ڪري ڏسي نٿو سگهجي. جبران هي ڪتاب نائيچ جي ڪتاب ”جيڪو زرتشت چيو“ “the Spoke Zurthustra” کان متاٿر ٿي لکيو آهي ۽ نائيچ کي هن هڪ اعلى دماغ قرار ڏنو آهي جيڪو هن دُنيا ۾ آيو پر فرق اهو آهي ته نائيچ هڪ دهريو هو جڏهن ته جبران کي دهريو نٿو چئي سگجھي.
جبران جي مختصر ترين تعارف ۾ جڏه زرتشت جو ذڪري نڪري ئي پيو آهي ته پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته زرتشت هن جهان ۾ ايندڙ پهريون پيغمبر يا شخص هئو جنهن خوف ۽ لالچ کان بالاتر مذهب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. زرتشت جي باري ۾ رابندرناٿ ٽيگور به پنهنجي ڪتاب ”انسان ۽ مذهب“ “Relijion of man” ۾ تمام سٺو لکيو آهي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
جئين ته زرتشت کي سندن تعليمات سبب تمام جلد ختم ڪيو ويو تنهن هي شخص پنهنجي نظريي جي مڪمل پرچار ڪري نه سگھيو ۽ سندس تعليم صرف هڪ فرقي تائين محدود رهجي وئي. بهرحال اهو به هڪ الڳ بحث آهي.
جبران پنهنجو پاڻ کي پيغمبر سڏيو آهي. پيغمبر مان سندس مراد صرف پيغام ڏيندڙ جي آهي ۽ هن پيغام ڏنو پڻ آهي. جبران جا سڀئي نقاد ۽ مفسر ان ڳالهه تي متفق آهن ته هن شخص ۾ هڪ پيغمبر واريون خوبيون موجود هيون. جران جون سڀ لکڻيون جادوئي اثر رکن ٿيون ۽ هي پرهندڙن کي گھڻو ڪجهه ڏيئي وڃي ٿو.
هن شخص پيار ۾ چوٽ کاڌي تنهنڪري پيار سدس موضوع آهي.
هن پيار کي ڪيترن ئي طرفن کان ڏٺو آهي ۽ ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪيو آهي. پيار بابت جبران لکي ٿو ته:
پيار اها خدائي ڏات آهي جيڪا انسان کي خدائي ديد عطا ڪري ٿي.
پيار ئي هن جھان ۾ آزادي آهي هي آتما کي سرفرازي جي انهي منزل تي وٺيو وڃي جتي فطرت جي مظاهرن ۾ ڦير ڦار مٿس اثرانداز ٿي نه سگھندي.
هن ئي ڪتان ۾ اوهان کي پيار بابت ڪيترائي جملا ملندا جيڪي پنهنجي جاءِ تي اٽل آهن بهرحال هي سڄو ڪتاب ئي مختلف طرفن کان پيار ۽ عورت تي سندس نگاهه آهي ۽ سندس ذاتي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ سندس پيار جي پهرين ڪهاڻي آهي ڪا گھڙيل ڪهاڻي نه آهي.
جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ عورت جي ڪردار کي سچيءَ دل سان تسليم ڪيو آهي هن لکيو آهي ته
”عورت جي پيار ڀري هڪ ئي نظر اوهان کي دنيا جو خوشقسمت ترين شخص بنايو ڇڏي“
ڪنهن عورت کي سندس گفتگوءَ مان سڃاڻڻ ۽ کيس لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، عورت کي سندس جذبات ۽ تاثرات مان ڪنهن حد تائين سمجھي سگھجي ٿو. جيڪو شخص جذبات ۽ تاثرات مان سمجھڻ کان ئي نااهل آهي اهو عورت کي ڪڏهن به نه سمجهي سگھندو، سواءِ پنهنجي خوشي حاصل ڪرڻ جي عورت کان رڳو وٺڻ ۽ وٺڻ جي بدلي ۾ کيس ڪجهه به ڏئي نه سگھند. عورت ۾ ڪيتريون ئي ڪمزرويون پڻ آهن پر عورتٿ سان گڏجي زندگيءَ ۽ جيئڻ جو حقيقي لطف حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين سندس مڙني ڪمزورين کي نظرانداز ڪجي.
شادي جي باري ۾ جبران چوي ٿو ته، هي ٻن خداين جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو آهي جنهن کان پوءِ ٽين خدائيءَ جو وجود ۾ اچڻ قابل امر آهي.
هي ٻن آتمائن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي ۽ پيار جو اهڙو ٻنڌڻ آهي جنهن ۾ جدا جدا وجود جدائيءَ کي رد ڪري پاڻ ۾ ملي هڪ ٿين ٿا. هن کي هڪ نگاهه کان شروع ٿي ازل تائين پهچڻ گھرجي.
هي اهو مينهن آهي جيڪو صاف آسمان مان وسي قدرت جي زمين کي سيراب ڪري ٿو.
جبران جي نظر ۾ انسان جي تاريخ، ڄم شادي ۽ موت آهي، جنهن ۾ شادي پيار جي عروج واري حد آهي.
هن دنيا ۾ شادي يا زندگي آهي يا موت آهي.
شادي صرف ٻن دلين جي وچ ۾ پيار سبب ڳانڍاپو هئڻ گھرجي ۽ پيار اهڙي شئي آهي جيڪا دلالن ۽ واپارين جي دسترس کان ٻاهر آهي.
شادي کانپوءِ جيڪڏهن ڪن سببن ڪري دلين جو ڳانڍاپو نه رهي ته بجاءِ زندگيءَ جي گاڏي کي گلڻ جي ٻنهي فردن کي علحدگيءَ جو پورو حق آهي.
پنهنجي ڪيترن ئي لکڻين ۾ هن زبردستيءَ واري شادي يا اهڙي شادي جنهن ۾ دل راضي نه هجي کي دوزخ سان تشبيهه ڏني آهي.
پنهنجي ڪتاب سرڪش آتمائون “Sprits Rebellious” (جنهنن جو ذڪر اڳ۾ ٿي چڪو آهي) ۾ انهي وارد الهانيءَ جي ڪهاڻي ۾ اهڙو تاثر ڏنو اٿس.
سندس اوچتو موت ڏهين اپريل 1931ع تي واقع ٿيو اُن وقت سندس عمر 48 سال هئي.
آمريڪا ۾ سندس تمام گھڻي عزت ه.ي سندسن لاش کي وڏي عزت سان لبنان جي جھنڊي ۾ ويڙهي تابوت ۾ بند ڪري لبنان روانو ڪيو ويو، جتي کيس سندس ڄمڻ واري هنڌ بشاره ۾ سينٽ مارڪيس قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ اتي ئي سندس قبر آهي سندس لکڻين ۽ فن جا مداح ۽ علم ادب سان دلچسپي رکندڙ ڪئين ماڻهو سندس قبر تي ياد تازيءَ لاءِ روزانو ايندا رهندا آهن.
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)
هن ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترم اشفاق ٽالپر ڪئي آهي جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔