سنڌ سلامت جو مانواري شفيق جوکيو صاحب جن فيسبڪ تي هڪ ونڊ ڪيو هو Be united to save '' Sindhi'' جنهن جي جواب ۾ محترم عبدالوهاب سهتو هيٺيون ونڊ ڪيو هو ۔۔۔ مادري ٻوليءَ جي اهميت تي دنيا جي ڏاهي، بنگال جي مها شاعر رابندر ناٿ ٽئگور ڪهڙا خيال ٿي رکيا ۔۔۔۔ اسانجي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه آهي ۔۔۔ جيڪي دوست انگريزي ۽ اردو ڳالهائي يا لکي پاڻکي دانشور سمجهندا آهن، انهن لاءِ هي هڪ سهڻو جواب آهي؛ جي ماسو مڙئي مال ته پوڄارا پر ٿيئن ۔۔۔ +++++++++++++++++++++++++++++ مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي_ نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن، پنهنجي “يادگيرين” ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگو جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي: “تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟” گرديو پڇيو. “مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.” بلراج وراڻيو. “پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟” “پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟” “مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.” “مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.” “اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هر ڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ئي ليکڪ آهي، رڳو اتي ئي هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.” “شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون، ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪونه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.” “مان توسان شامل راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرونانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟” “پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي، ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.” “ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بنائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان برميچي سگهي ٿي.” گررديو فخر سان چيو: “هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن توکي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ توکي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.” (“ٽئگور------ هڪ جهلڪ”، از اتم، ص 39ـ) ٽماھي مھراڻ ۱۹۶۴-۱ع تان کنيل
جواب: مادري ٻولي جي اهميت ۔۔۔ هڪ بحث سائين نثار سلام تمام وڏي ڳالهه ڪئي آهي ٽئگور۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کي اهوئي سمجهندو جيڪو پنهنجي ٻوليء ۽ ماڻهن کي سمجهي ٿو ۽ پيار ڪري ٿو۔ اسان ماڻهن کي به پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ماڻهن سان عقيدت جي احد تائين پيار ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجائپ ڏيڻي پوندي۔