• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏينهن ڏٺي جا سپنا (اياز گُل)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
idxBCS.jpg


اياز گُل جي شاعري جو ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ سندس چونڊ غزلن، واين، گيتن، نظمن ، ترايل ۽ ٽيڙن تي مشتمل آهي۔ ڪتاب ۾ شاعريء سان گڏ ناليواري اديبن محترم ادل سومرو، رسول ميمڻ، وفا ناٿن شاهي، مختيار ملڪ، نصير مرزا ۽ تاج جويو جا اياز گُل تي تاثرات پڻ ڇپيل آهن۔ ڪتاب مان هڪ وائي حاضر آهي:

توکان ٿيندي ڌار، کِلندي کِلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔

تنهنجي پويان ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔


ساهه ۾ تنهنجي ساهن جي، اڃان به آ مهڪار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔


رات کُٽي ۽ باک ڦٽي پيئي، جنهن پل ويڙهيئي وار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔


پاڻيء تي ڄڻ ليڪا هئا، تنهنجا قول قرار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔


وري ملڻ جي مهل وري، شال هينئين جا هار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري۔



سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر پاران اِي بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرايل اهي۔

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top