ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ جي هارين ۽ سنڌ جي خودمختياريء لاء ڪيل ڪاوشون وسرڻ جوڳيون ناهن ۽ هردم ياد رهنديون۔ ڪتاب ”ڌرتي منهنجي ماء“ ڪامريڊ جي هيٺين انگريزي مضمونن جو ترجمو آهي: To Be or not to be that is the question for us Sindhis today* One Unit and Democracy محترم آفتاب احمد ٽالپر هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪري اِي بوڪ جي صورت ۾ وائس آف سنڌ جي ويب سائيٽ تان انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: ڌرتي منهنجي ماء (ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي) انتهائي ڪارائتو ڪتاب، جنهن ۾ سنڌ جي ڳالهه پراثر انداز سان ڪيل آهي، هن ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه روز روشن ٿي وڃي ٿي ته سنڌي هڪ قديم قوم آهي، جنهنجي هزارها سالن جي تاريخ ۽ ثقافت اڻ مٽ ثبوت آهن ۔۔۔ سنڌ جي ڏاهي، جوڌي ۽ سورهيه انسان حيدربخش جتوئيءَ جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ سياست تي هڪ بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو ۔۔۔ هر هڪ سنڌيءَ کي هي ڪتاب ضرور ۽ ضرور پڙهڻ گهرجي ۔۔۔ لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
مهرباني سائين اوهان بلڪل درست فرمايو، هي ڪتاب هر سنڌي کي پڙهڻ جي ضرورت آهي جيئن پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ حالتن کي سمجهي پاڪستاني سياست ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کي سمجهي سگهن۔