• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڏوهي ( اخلاق انصاري )

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
380637_4188060058001_814792036_n.jpg

محترم اخلاق انصاري صاحب جو لکيل ناول اڏوهي پيش ڪجي ٿو۔ اخلاق انصاري جي لکڻ جو پنھنجو انداز آھي ھن جا ڪردار داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاھ کان وٺي خارجي حالتن جي ڀڃ ڊاھ سبب پيدا ٿيندڙ احساسن جي Surrealist عڪاسي ڪن ٿا. ھن ناول جو ڪردار به سندس ڪھاڻين جي ڪردارن جيان زندگي ۾ پيش ايندڙ عذابن جي ڪرب مان گذرندڙ ھڪ شخص آھي.

هي ناول آء ٽي اسڪالرز گروپ لاڙڪاني پاران پي ڊي ايف ۾ پيش ڪيو ويو آهي.



 
جواب: اڏوهي ( اخلاق انصاري )

ادا محمد يونس ڪتاب ظاهر نظر نه ٿو اچي ان جي لنڪ کي درست ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔
 
اخلاق انصاري هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي، سندس هي ناول به ڪنهن شاهڪار ناول جيان آهي۔

انيس انصاري جي خاندان جو ادب جي دنيا ۾ ڪيل ڪم ڪنهن کان به ڳجهو ناهي۔ هو پاڻ، سندس پُٽ اشتياق انصاري، اسحاق انصاري ۽ اخلاق انصاري ادب جي دنيا جا ستارا آهن۔

يونس سائين اوهان جي سهڻي شيئرنگ
 
ها پُٽ هر شي بيلينس آهي، ڪائنات ۾ هر شي ٻي شي سان واسطو رکندي آهي ۽ اهو واسطو ئي اصل سهارو آهي۔ ڪا جڳهه ٺاهڻ يا ملڪيت گڏ ڪرڻ ڪو مسئلو نه آهي، پر مسئلو رڳو زندگي ۾ سهارو ۽ رشتو ٺاهڻ آهي

اخلاق انصاري هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي۔ سندس لفظ تمام سادا پر دل تي اثر وجهندڙ آهن۔

ادا يونس بهترين ونڊ لا قرب ۔۔۔ !
 
لاڙڪاڻي شهر جو هڪ سهڻو سلڇڻو ادبي خاندان، جنهن جي مٽڪن مان ڪجهه پاڻي پاڻ کي به نصيب ٿيل آهي ۔۔۔ تمام سٺو ونڊ آهي، ناول کي پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪا راءِ اختيار ڪبي ۔۔۔ پر دوست جي فڪري اڏام مان پتو پوي ٿو ناول ڪهڙن رنگن ۾ رنگيل هوندو ۔۔۔

لک قرب ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي لائبريريءَ ۾ هڪ سهڻو اضافو
 
380637_4188060058001_814792036_n.jpg

محترم اخلاق انصاري صاحب جو لکيل ناول اڏوهي پيش ڪجي ٿو۔ اخلاق انصاري جي لکڻ جو پنھنجو انداز آھي ھن جا ڪردار داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاھ کان وٺي خارجي حالتن جي ڀڃ ڊاھ سبب پيدا ٿيندڙ احساسن جي Surrealist عڪاسي ڪن ٿا. ھن ناول جو ڪردار به سندس ڪھاڻين جي ڪردارن جيان زندگي ۾ پيش ايندڙ عذابن جي ڪرب مان گذرندڙ ھڪ شخص آھي.

هي ناول آء ٽي اسڪالرز گروپ لاڙڪاني پاران پي ڊي ايف ۾ پيش ڪيو ويو آهي.



تمام بهترين ادا لک قرب پيارا
 
Back
Top