گوهر (محبوب علي جوکيو)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
فقير فولاد علي شَر پنهنجي دور جو درويش ٿي گذريو آهي۔ خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه تعلقي جي اتر ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي سندس ڳوٺ مينگهو فقير شَر هو۔ سندس چوڻين ۽ ناياب ڳالهين تي مشتمل هي ڪتابڙو ”گوهر “ عالمن، سالڪن ۽ اسان جهڙن جاهلن لاء روشنيء جو ذريعو آهي۔

ڪتابڙو 1942 ۾ ڇپيو ۽ ان کي محترم محبوب علي جوکيو مرتب ڪيو آهي ۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو جن ڪئي آهي۔ هي ڪتاب وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪيو ويو آهي۔


 
Back
Top