• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرڻ مون سين آء - ناول (سراج)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌي ناول جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته سراج الحق ميمڻ جو نالو سنهري اکرن سان ياد ڪيو ويندو۔ سندس ناول پڙاڏو تمام گهڻو مشهور ٿيو آهي پر سندس هن ناول ” مرڻ مون سين آء “ به بيحد مقبول رهيو آهي۔

ڪجهه ڪتاب بابت:

” مرڻ مون سين آءُ“ لکڻ وقت آءٌ اڃا جوان مڙس ھوس. ماڻھو چون ٿا ته ھاڻ آءٌ ڪراڙو ٿي ويو آھيان. ان ڪري ممڪن آھي ته مون کي ايترا سال اڳ لکيل ڪتاب سان سٻنڌ جھڪو ٿي ويو ھجي. ايئن ڪونھي. سنڌ جي تاريخ به پيرسن آھي، پر انھيءَ پيرسنيءَ جي باوجود اسان لاءِ، مون لاءِ ايتري ئي اھم آھي، ايتري ئي پياري آھي، جھڙي اُن وقت ھئي جڏھن جوان ھئي.
ڏک رڳو اھو اٿم ته جياپي جي جنگ ۾ اجائي مصروفيت جي بھاني ڪتاب دير سان پيو ڇپجي. اھا به شابس آھي فيروز احمد کي جنھن تڙ ڀيڙ ڪري مون کان نقل ڪرائي ڇپائي وڌو آھي. نه ته اڃا الائجي ڪيترا وڌيڪ سال پيو ھجي ھا.

ڪھاڻي ساڳي سنڌ جي آھي، جيڪا ” پڙاڏو سوئي سڏ “ ۾ ھئي. پر اوھان کي سڏ به بدليل ملندو، ۽ سڏ جو پڙاڏو به مختلف لڳندو. ڪيئن نڀايو اٿم، سو اوھان تي ڇڏيل آھي. رسول بخش پليجو جي چواڻي جيڪڏھن سراج ” پڙاڏو......“ نه لکي ھا ته کيس اسين رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيون ھا. الائجي ھاڻ سندس ڪھڙي راءِ بيھندي.

سراج

هي ناول محترم شاهنواز سومرو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪيو آهي ۽ اِي بوڪ جي صورت ۾ وائس آف سنڌ پاران متعارف ڪرايو ويو آهي۔

 
هي ناول سنڌي مُزاحمتي ادب جي تاريخ جو
لاجواب داستان آهي،سنڌي جنڪي فن،گوريلا جنگي
فن،سنڌ جا هٿيار۔۔چا ته ٻولي آهي سراج جي هن ناول ۾
عجيب لفظ،تشبيهون۔۔۔۔
سچ ته اڄ اسان کي سراج جي ناول جي مرڪزي ڪردار
سانوڻ جهڙن جوڌن جي ضرورت آهي،جيڪي اسان کي متحد
ڪري سگهن،اسان هميشه جيان اڄ به وڙهون پيا،پر بغير
تنظيم جي،بغير اتحاد جي،اسان سڀن جو مقصد ساڳيو
ته مزاحمت جو طريقو الڳ ڇو؟؟؟
ڇا اڄ جي سنڌ ۾ ڪو سانوڻ ڪو حافظ بلاول ناهي ڇا؟؟
اسان جا سڌڙيا ليڊر قوم کي ٽولن ۾ ورهائي ذاتي مفاد وٺي
عيش پيا ڪن، اسان ٽولن ۾ سندن پيان حوارين جيان ڀڄي
پنهنجي طاقت کي ضايع ڪري رهيا آهيون۔۔۔۔۔
 
Back
Top