• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پھاڪا ۽ چوڻيون

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
لوڪ ادب، عام ماحول ۽ ذهنن مان جنم وٺي، عوامي زبانن ۽ سينن ۾ پلجي، زماني جي گردش ۾ پڪو پختو، صاف شفاف ٿي، وقت جي ورقن تي وکري، دوام حاصل ڪندو
آهي. ان جي گوناگون شاخن منجهان ضرب الامثال به هڪ اهم شاخ آهي. عربيءَ ۾ ان کي مثال ڏيئي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ مثال ڏيڻ، سڏبو آهي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ ڪنهن ڏٺل / سولي/ آسان / سمجهيل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائڻ کي ضرب الامثال سڏبو آهي، ان حوالي سان انجنئير عبدالوهاب سهتو صاحب جن هي ڪتاب ” موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پھاڪا ۽ چوڻيون“ ترتيب ڏنو آهي جيڪو پنهنجي موضوع جي لحاظ کان زبردست آهي اميد ته پسند ايندو۔





 
Back
Top