ڏاهپ ڀريا ٻول

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    ڪاوڙ اهڙي حالت هوندي آهي جنهن ۾ زبان عقل کان تيز هلندي آهي.
    ***
    اوهين ماضي بدلائي نٿا سگهو، ها، حال کي تباهه ڪري سگهو ٿا مستقبل جي فڪر ۾
    ***
    جيڪو آهي انلاءِ الله جا شڪرگذار ٿيو ۽ باقي ضرورتن لاء ِ الله تي ڀروسو ڪريو
    ***
    پيارڪريو ... پيار پايو
    ***
    انسان جي حقيقي دولت جي سڃاڻ سندس اندر جي آسودگيءَ مان ٿيندي آهي؟
    ***
    قوم سان پيار، پيار جي اعلا شڪل آهي
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول

    واه سائين واه الله اوهان جي خواب ن کي سچ جو اجرڪ پارائي ۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول

    ادا نثار ابڙو صاحب۔بهترين ۽ بامعني سکن ونڊ ڪري اسان جي دل کي باغ باغ ڪري ڇڏيو۔سچ جيڪڏهن پنهنجي ڪاوڙ کي ماڻهو ڪنٽرول ڪري ته گهڻن پشيمانن کان بچي سگهي ٿو ،نه ته ڪافي سارو وقت معافي ۽ تلفي ۾ گذرندو۔ٍجڏهن انسان کي پيار ٿي ويندو اهي ته زندگي هن کي تمام گهڻي حسين لڳندي آهي ۽ هو ان کي سٺي انداز ۾ گذاريندا آهي نه ته زندگي ان کي گذاريندي۔پيار ڀريا سّخن وارو ليک لکڻ تي توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول



    سائين نثار سلام

    سڀ سهڻيون ڳالهيون، انهن تي جي دل سان عمل ڪجي ته زندگيء ۾ ڪاميابيون يقيني آهن ۔ ۔۔۔۔ پر خبر ناهي ڇو اسان عمل کان پاسي تي ڀڄندا ٿا وتون ۽ پوء گمراهيء جي ڪُن ۾ غرق ٿي ٿا وڃون۔
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول

    ادا سائين!
    اوهان پاران پيش ڪيل سهڻا سخن ڏاڍا سٺا آهن۔
    انهن مان هڪڙِي قول جي حوالي سان چوندس ته اسان مان گهڻن ماڻهن پنهنجي قومي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ پنهنجي حال کي تباه، برباد ۽قوم مٿان قربان ڪري ڇڏيو آهي، پر ٻئي طرف قومي ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي انائن۽ ذاتي فائدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا ته ڪريل ڪم ڪن ٿا جو هن وقت تائين مٿي ذڪر ڪيل قربانين
    به ڪو رنگ نه لاتو آهي ۽ ايندڙ وقت لاءِ وڌيڪ قرباني ڏيندڙ مايوس ٿي خود ڪشين ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور آهن۔
    ايڏي انارڪي قومن لاءِ انقلابي راه به هموار ڪندي آهي ته ٻئي طرف گڏيل خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور به ڪندي آهي۔هن وقت نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ٿي رهيو آهي پر انهن کي تربيت ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي۔اميد ته ان کوت کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏاها پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول

    سائين محترم عبدالڪريم صاحب، اوهانجون ڳالهيون سئو سيڪڙو سهي آهن، بيشڪ ڪئي سهڻا انسان سچائي سان پنهنجي حال کي تباهه و برباد ڪري قوم جي جاڳرتا ۽ ڀلائي لا پتوڙي رهيا آهن پر افسوس جو قوم جي گهڻائي ان فڪر کي سمجهڻ کان قاصر آهي جنهن سبب انهن ڏاهن ۾ پڻ مايوسي جو عنصر پئدا ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔

    پر منهنجا دوست، منهنجا سائين، ڀٽائي سرڪار جي چواڻي ته ، ڇڱا هميشه چڱايون ئي ڪندا آهن، انڪري اهڙا انسان جن ۾ الله جو خوف، قوم جي محبت گهر ڪيل آهي سي پنهنجي فطرت نڀائيندا رهندا ۽ پنهنجي زندگي برباد ڪندا رهندا بيشڪ موٽ ۾ کين نفرتون ئي ڇون پلئه پون ۔۔۔ ڀلا گهڻائي ماڻهن جي جهالت ۾ مبتلا هجي ته روشن ذهن پاڻکي جهالت جي حوالي ته نه ڪندو ؟؟؟؟

    الله ڀلي ڪندي، اوهان پنهنجيون چڱايون جاري ۽ ساري رکو ۽ انجو ثمر الله کان گهرو ته انشاء الله ٻيڙا پار ٿي ويندا ۔۔۔

    مون هي سهڻا سخن انڪري به ونڊ ڪيا آهن ته ممڪن ڪنهن هڪ دل ۾ ان سخن سبب ڪا تر جيتري چڱائي پئدا ٿي سگهي ته سمجهبو ته اسانجي محنت سجائي ٿي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سمجه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو