• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيغامبر - ناول (خليل جبران)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
خليل جبران جون ڪهاڻيون ۽ ناول تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن۔ خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ پيدا ٿيو ۽ 48 سالن جي عمر ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مڙهه لبنان جي جهنڊي ۾ ويڙهي لبنان موڪليو ويو ۽ کيس سندس پيدائش واري هنڌ دفن ڪيو ويو۔ سندس ڪتاب 20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن۔ سندس هي ڪتاب ”پيغامبر“ هڪ بهترين ناول آهي۔

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي.
جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“

هن ناولٽ ۾ جبران جي پنهنجي انهن احساسن جي اپٽار آهي جيڪي هو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ پيو گھري. حقيقت ۾ جبران جون سڀ لکڻيون، چاهي اهي افسانه هجن، چاهي ناولٽ هجن، چاهي سندس شاعري هجي، ان ۾ فيلسوفياڻا نقطا آهن، جيڪي عام انسانن سان گھرو تعلق رکن ٿا.

ـــــــــــــــ ستار پيرزادو

هن ناول جو سنڌي ترجمو محترم ستار ڪيو آهي۔ هن ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترمڪوثر علي ڀٽو (سوڀوديرو) ڪئي آهي جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔

 
Back
Top