پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    پوليس آرڊر 2002 جي تحت عوام جي متعلق پوليس جون ذمه داريون ۽ فرائض

    پوليس جي اولين ذمه داري آهي ته هو شهرين جي جان و مال ۽
    آزادي جو تحفظ ڪري.جرائيم جو سدباب ڪري ۽ امن عامه کي برقرار رکي.هيٺين معاملات ۾ پوليس جي
    ذمه داريون جي بابت تفصيل پوليس آرڊر 2002 ۾ بيان ڪئي ويون آهن.ان آرڊر جو اطلاق
    سڄي پاڪستان تي ٿيندو آهي.

    عوام سان پوليس جو رويه ۽ ذمه داريون.

    پوليس آرڊر 2002 جي آرٽيڪل 3 جي ذيلي آريٽڪل (1) جي تحت پوليس افسر جي ذمه داري آهي

    (الف) عوام الناس سان شائستگي ۽ خوش اخلاقي سان پيش اچي.
    (ب) صلح وآشتي کي فروغ ڏئي.
    (ٻ) عوام الناس خصوصن گمشده،به يار و مددگار غريب،معذور يا جسماني لحاظ کان ڪمزور
    ۽ ٻارن جي رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ.
    (ت) تمام انهن ماڻهن جن کي جسماني نقصان جو خطرو لاحق هجئي،خصوصن خواتين ۽ ٻارن جي مدد
    ڪن

    پوليس جا فرائض.

    پوليس آرڊر 2002 جي آرٽيڪل 4 جي ذيلي آرٽيڪل (1) جي تحت قانون جي تابع هر هڪ پوليس جو
    فرض هوندو ته ;

    (1) شهرين جي زندگي،جائيداد ۽ آزادي جو تحفظ ڪري.
    (2) امن عامه کي قائم رکي ۽ ان کي فروغ ڏئي.
    (3) ان ڳاله کي يقيني بنائي ته حراست ۾ ورتل شخص جا قانون جي تحت حقوق جو تحفظ ڪيو وڃي.
    (4) جرائم کي روڪي،۽ جن عملن جي ڪري عام عوام کي تڪليف پهچي ان جي روڪڻ جوسدباب
    ڪري.
    (5) عام طور تي سرزد ٿيڻ وارن جرائيم جي باري ۾ خفيه معلومات حاصل ڪري ۽ ان جو اطلاع متعلق ٿاڻي کي ڏئي.
    (6) شارع عام،تفريح گاه ،۽ ٻيا مقامات ۽ عام عبادت گاهون ۽ ان جي پسگردائي ۾ امن وامان قائم رکي ۽
    ۽ رڪاوٽن جو سدباب ڪري.
    (7) عام رستن ۽ گھٽين ۾ ٽريفڪ جي نظام کي صحيحي ۽ ڪنٽرول ڪري.
    (8) تمام لاورث مال کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ۽ ان جي لسٽ ٺاهي.ان مال کي محفوظ مقام تي رکي جيستا ئين ان مال جو مالڪ نه ٿو ملي وڃي.
    (9) مجرمن جو سراغ لڳائي ۽ انهن کي قانون جي حوالي ڪري.
    (10) انهن سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪري جن جي گرفتاري جي معقول وجه هجي ۽ پوليس افسر قانون طور تي ان کي گرفتار ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو هجئي.
    (11) ان ڳاله کي يقيني بنائي ته ڪنهن شخص جي گرفتاري جي باري ۾ اطلاع هڪدم ان شخص جي مائٽن يا ڪنهن ٻئي متعلق شخص کي ڏني وڃي.
    (12) قابل اعتماد اطلاع تي ڪنهن عام جڳه،دڪان،يا جواء خانه ۾ جٿي شراب يا منشيات وڪامي ويندي هجئي يا اسلحه غير قانوني طور تي ذخيره ڪيو ويو هجئي،۽ آوره ۽ غنڊ عناصر جي موجود هجڻ واري جڳه ۾ بلا وارنٽ گرفتاري داخل ٿي وڃي ۽ ان جو معائنو ڪري.
    (13) مدد ڪري روڊ حادثن جي متاثرين ۽ زخمين جي.انهن جي لواحقين کي حادثي جو اطلاع هڪدم پهچائين.
    (14) صحيحي ڄاڻ ڏيڻ مظلمونين روڊ ايڪسڊينٽ انهن جي حقن ۽ اهميت جي باري ۾.
    (15) روڪين ۽ سدباب ڪن عورتن ۽ ٻارن کي حرسان ڪرڻ پبلڪ جڳه تي.



    هن قانوني ڄاڻ ڏيڻ جو مقصد هي آهي ته اسان جي هن اوطاق جا ميمبر پوليس جا عوام لاء فرض ۽ ذمه داريون چڳي طرح سمجهي سگهن ۽ پوليس جيڪڏهن اهئي ذمه داريون نه ٿئي پوري ڪري ته ان کي ان جو احساس ڏياري سگهجي ٿو.
    .
    [/color]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    محترم سائين غلام مصطفيٰ صاحب، اوهانجو هي مضمون حقيقت ۾ وڏا وڏا وال پوسٽر ٺهرائي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڻڻ گهرجن ته جيئن عوام کان علاوه پوليس کي به خبر پوي ته سندن ڪهڙيون ذميواريون آهن؟ حقيقت اها آهي ته پوليس جو محڪمو ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو هيو ته امن امان جي صوتحال ۽ رياستي قانون جي مدد ٿي سگهي، جيتوڻيڪ ترقي يافته قومن وٽ ته هي محڪمو جيڪڏهن 100 فيصد نه ته 99 فيصد ان ڪم کي سرانجام ڏي ٿو ۽ عوام جي خدمت ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي، پر افسوس جو پاڪستان ۾ ان مقصد جي بلڪل ابتڙ 110 فيصد ان ذميواريءَ جي ابتڙ عوام کي ڦاسائڻ ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ آهي ۔۔۔۔

    جيتوڻيڪ سڀ آڱريون برابر ناهن، ڪٿي نه ڪٿي ڪي سٺا آفيسر به آهن ۽ پنهنجي ذميواريءَ کي محسوس ڪنٿا، پر اهڙن آفيسرن جو ڳاڻاٽو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو وڃي رهيو آهي ۔۔۔۔

    ٻي ڳالهه جيڪا سوچڻ جهڙي آهي ته نه فقط پوليس جو يا قانون جو محڪمو پوئتي پيل آهي پر پاڪستان جا سڀ ادارا ساڳي تصوير ڏيکارن ٿا ۔۔۔ انڪري ائين چئجي ته پاڪستان جا سڀني ادارن ۾ انقلاب جي ضرورت آهي ته جيئن پورو سماج ترقي ڪري سگهي، باقي ائين چئجي ته پوليس سڌري وڃي ۽ باقي ادارا جيئن آهن تيئن رهن ته ان مان به ڪو خاص سماجي انقلاب نه ايندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ گند جي وڏي ڍير تي جيڪڏهن عطر جو هڪ قطرو اڇلائبو ته اهو به ڌپ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي جزا ئي خئير عطا ڪري ۔۔۔ قيمتي ونڊ آهي ۽ اسانجي علم ۾ واڌاري جو سبب ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    سائين ميمڻ صاحب لک قرب

    تمام سهڻو ۽ معلوماتي ليک آهي پر زندگيء ۾ ورلي ڪو اهڙو پوليس وارو مليو هوندو جيڪو مٿين آرڊر تي عمل ڪندو هجي۔ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز عوام جي مدد لاء هونديون آهن نه ڪي عوام جي آزار لاء۔ اسان وٽ قانون ته ڏاڍا سٺا ٺهيل آهن پر ان تي عمل جي ضرورت آهي۔

    عوام کي به گهرجي ته پوليس سان ملي حالتن جي بهتري لاء ڪم ڪن پر هتي جهڙو ادارن جو حال آهن ان کان به برو حال وري عوام جو آهي جيڪي شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ پاڻ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهن ٿا۔

    اميد ته اهڙي معلوماتي ليکن سان اسان کي ڄاڻ ڏيندا رهندا۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    سائين ميمڻ صاحب توهان جون وڏيون مهربانيون جو ڪافي وقت کانپوء پهرين وانگر تمام سٺو ء معلوماتي موضوع ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي اهڙن موضوعن جو انتظار رهندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بقول سائين نثار جي ته توهان جو هي موضوع هر عام ماڻهون تائين پهچڻ گهرجي ته جئين مانهن کي پوليس جي فرائضن جي خبر پئجي سگهي ء هو پوليس وارن جي ٺڳين کان بچن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها ته سڀني کي خبر آهي ته پوليس وارا قانون جي ڪنهن به ڪتاب کي نه پڙهن نه ئي عمل ڪن بس عوام ويچارو پيو انهن جي اڳيان ٺڳجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    توهان جا لک لائڪ جو اهڙو موضوع ونڊ ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اميد ته اهڙاي معلومات سان مستفيد ڪندا رهندا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    ادا اگر هي سڀ ڳالهيون جيڪر اسان جي پوليس ۾ اچي وڃن ته هوند ڇا ًرجي۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    سائين ميمڻ صاحب

    انتهائي ڪارگر معلومات ونڊ ڪئي آٿئو

    الله پاڪ اوهان کي خوش رکي جو توهان اسان تائين اهڙي معلومات پهچايو پيا

    سدائين گڏ
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    ادا تمام سٺو معلوماتي ونڊ آهي ۔
     
  8. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پوليس جون عوام سان وابسط فرائض ۽ ذمه داريون۔

    محترم غلام مصطفي ميمن ،اسلام عليڪم
    پوليس جي ذ ميدارين جي باري ۾ ، اوهان جو ليک پڙهڻ سان تمام سٺي معلومات حاصل ٿي آه۔ توهان جي تمام گهڻي مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو