جرمني جي مينائو جا جزيرا پنهنجي سرسبز ۽ رنگين گُلن جي ڪري گُلن جا جزيرا سڏيا ويندا آهن۔ 1853 ع ۾ هنگري جي شهزادي ايسٽرهيزي هي ٽڪڙو حاصل ڪري هتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي۔ ان کانپوء ايندڙ هر ماڻهو هن جزيري جي سونهن، وڻن، گُلن ۾ واڌارو ڪيو ۽ ان کي وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ بنائيندا رهيا، 350 ملازم هنن ونڪارين جي سار سنڀال لهن ٿا ۽ انهن جي ئي ڪاوشن سان هي جزيرا اکين کي جنت جو ڏيک ڏين ٿا۔