منهنجو نالو شاهجهان آهي ۽ آئون بدين جي ٻهراڙي سان تعلق رکان ٿو ، مونکي سنڌ سلامت تمام بهترين سائيٽ لڳي ان لا جوائن ڪرڻ لا مجبور ٿي پيس، اميد ته هي ساٿ سدائين سلامت رهندو
جواب: السلام عليڪم اد شاهجهان اميد ته ساٿ قائم رهندو۔ وقعي هي هڪ بهترين سنڌي فورم آهي۔ پنهنجا نوان نڪور خيال هتي ونڊ ڪندا رهجو۔
جواب: السلام عليڪم ادا وعليڪم اسلام اسان کي خوشي ٿي ته توهان هن اوطاق تي آيا اڄڪلهه بدين جا دوست هن اوطاق تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن اميد ته توهان کي هي اوطاق بهترين لڳي هوندي پنهنجو ساٿ سلامت رهندو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: السلام عليڪم محترم دوست شاهجهان ملڪاڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ اوهان جا سلام اکين تي ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ انشاء الله دائم ۽ قائم رهندو۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔
جواب: السلام عليڪم سنڌ جي سهڻي شهر بدين سان تعلق رکندڙ شاهجهان ملڪاڻي کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، جي ايندي چوني ويهه، ويندي چوني ويهه، ڇڏي ســارو ڏيــهه، اڱڻ اچج انهـــن جــي۔ ملڪاڻي صاحب، هيءَ اوطاق آهي سنڌين جي ، هيءَ اوطاق آهي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار جي، سنڌ سان لاڳاپيل هر مسئلو هن اوطاق جو مسئلو آهي، سنڌ سان لاڳاپيل هر واڌو ڪاٽو پهچ وارا عمل هن اوطاق تي بحث ڪيا وڃن ٿا۔ اوهان به سنڌ جي ڏاهن ۽ سنڌ جي ثقافتي شهر بدين جا رهواسي آهيو، اميد ته اوهان به سنڌ ۽ سنڌيت سان پاڻ ملهايئندي، هن اوطاق تي پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: السلام عليڪم هن سهڻي فورم تي بدين کان آيل دوست کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته هن فورم تي سنڌ ء سنڌيت سان ڀرپور لکڻين ء ساٿ سلامت لاء هميشه گڏ هوندو ۔۔۔۔ وري به ڀليڪار