پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اسان جا پيارا سنڌي جيڪي ڏيساور ۾ رهن ٿا، اُهي به پنهنجي سُهڻي زبان سنڌي پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي کي وساري نه سگهيا آهن ۔جيئن هن وڊيو ۾ توهان نارٿ آمريڪا ۾سنڌ ثنا ڪڊز جي طرفان ملهايل ڪنوينشن ۾ ڀليءَ ريت ڏسي سگهو ٿا ته سنڌي پهرين درجي وارن نظمن کي اُتي رهندڙ سنڌي ٻارڙن ڪيئن نه خوبصورت انداز سان پڙهي ٻُڌايو۔ دوستو ڏيساور ۾ رهندڙ مُنهنجي سنڌي سپوتن جو اهو جذبو ڏسي دل بي اختيار چئي ڏنو۔ ته مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن سنڌ جو ٻالڪ پڙهي اُن جِي اوسر ٿئي اڪ جون ڪاٺيون اڃان نم جا پاوا کپن http://www.youtube.com/watch?v=-YXmYpoVQRc http://www.youtube.com/watch?v=voIePvccpMo&feature=related[/CENTER]
سبحان الله سائين سائين خبر ناهي ڪيئن اها ويڊيو هٿ ڪئي هوندي اهڙي بهترين ويڊيو فقيرن سان شيئر ڪرڻ تي توهان کيرون لهڻو
تمام بهترين ۔۔۔۔ سائين سنڌ کان دور جڏهن سنڌ جي ڳالهه ۽ ثقافت جو شان ڏسجي ته جذبا ڪهڙا هوندا اهي ته پرديسي ئي سمجهي سگهي ٿو۔۔۔۔ پر انهن کي سنڌ مان ويهي ڪري ڏسي فخر سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۔۔۔۔ تمام بهترين شيئرنگ