گوگل ڪروم 12 اسٽيبل مڪمل ۽ فائينل ورجن۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن کي ياد هوندو ته موزيلا طرفان متعارف ڪرايل فائر فاڪس جي تڪڙي 4 ورجن کي ڏسي گوگل ٽيم پنهنجي برائوزر جا اسٽيبل ورجن متعارف ڪرايا ۽ اڃان سنڌ سلامت تي گوگل ڪروم 4 ورجن ئي متعارف ٿيو ته گوگل 5 ۽ 6 کان پوءِ پنهنجو نئون ورجن گوگل ڪروم 7 متعارف ڪرائي ڇڏيو۔۔۔
    دوستن اڃان هن نئين ورجن کي سمجهيو ٿي ته گوگل ڪروم 8 ورجن جنهن ۾ بغير پي ڊي ايف پروگرام جي پي ڊي ايف ڊاڪومينٽس ڏيکارڻ جي سهولت سان پيش ڪيو ويو ۔۔۔ ستت ئي ٻن اضافي خوبين سان گوگل ڪروم اسٽيبل 9 آيو۔۔۔

    گوگل ڪروم جي اهڙن تڪڙن ورجن جي اچڻ ڪري ٿورو انتظار ڪيم ته وڌيڪ بهتر ايندڙ ورجن کي دوستن سان ونڊ ڪبو۔۔۔۔ ان ڪري جڏهن گوگل ڪروم اسٽيبل 12 ورجن مڪمل طور لانچ ٿي ويو ته دوستن کي ٻڌائڻ وسارڻ نه ٿي چاهيم۔۔۔

    [​IMG]

    هن ورجن جي خوبين ۾ شامل آهين۔۔۔
    هارڊويئر ايڪسيليٽر ٿري ڊي سي ايس ايس
    وائرسز ۽ مال ويئر کان بچڻ لاءِ محفوظ برائوزنگ
    ڪروم جي فليش ڪوڪيز کي پڻ ڊليٽ ڪرڻ جي سهولت
    اومني باڪس مان نالي سان ايپليڪيش لانچ ڪرڻ جي سهولت
    نئين پيج کي کولڻ جي ترتيب ٺاهڻ جي اجازت
    اسڪرين تي پڙهڻ لاءِ وڌيڪ سپورٽ

    ان کان سواءِ گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ يقينن هن برائوزرس جي اضافي خوبين کي محسوس ڪندا ۽ مزا ماڻيندا۔۔۔ تنهن هوندي به حاضر آهي تفصيلي وڊيو۔۔۔۔


    ته پوءِ دير نه ڪيو هاڻي ئي گوگل ڪروم جي ڊائونلوڊ پيج جو ڦيرو ڀريو يا وري هتي ڪلڪ ڪري آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ گوگل ڪروم جي هن تازي ورجن کي استعمال ڪندي تڪڙي ۽ محفوظ برائوزنگ جا مزا ماڻيو۔۔۔

    پر ترسو ته توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڳالهه اڃان اتي ختم ناهي ٿي۔۔۔ گوگل ڪروم پنهنجو اسٽيبل 13 بيٽا ورجن پڻ لانچ ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ تفصيل لاءِ في الحال هي وڊيو ڏسو۔۔۔ اهو ورجن جيئن ئي مڪمل ٿيو ۔۔ سنڌ سلامت تي پڻ ضرور ملندو۔۔۔

     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گوگل ڪروم 12 اسٽيبل مڪمل ۽ فائينل ورجن۔۔۔

    سائين توهان جي مهرباني جو هر نئين شيء سنگت سان شيئر ڪيو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو