مولوي حاجي احمد ملاح جو سهڻو بيت توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي اميد ته پسند ايندو ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ،وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي،تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.
جواب: مولوي حاجي احمد ملاح مهرباني حاجي احمد ملاح مرحوم جي بهترين شاعري ۽ اوهان جي سهني ڊزائن۔ اوهان کي هڪ ننڍڙي گذارش ته جڏهن به بئڪ گرائونڊ گهري رنگ جو هجي ته هميشه ٽيڪسٽ کي لائيٽ رنگ ڏيندا ڪيو جيئن اڇو ۔۔۔ اهو وڌيڪ چٽو ۽ واظح نظر ايندو آهي۔
جواب: مولوي حاجي احمد ملاح ٻي ڳالهه ته حاجي ملاح جي ڳالهه ته آمنه صدقنه، رب جي حڪم سان سڄي دنيا جو ڪاروبار هلي ٿو، انجي حڪم سان ئي پاڻي وسي ٿو ۽ انجي حڪم سان ئي فطري رنگ نروار ٿين ٿا ۔۔۔ پر هن بيت ۾ هلڪي تصحيح جي ضرورت لڳي ٿي، ممڪن آ غلط هجان ۔۔۔ ڪافيي يا بند جو وزن ٿئي ٿو پو يا چو پر آخري سٽ ۾ انجي وزن يا بيهڪ جو ڪو لفظ ناهي، جڏهن آخري سٽ ۾ پڻ اهڙي وزن يا بيهڪ وارو لفظ ” تلا “ ممڪن ٿي سگهيو ٿو ۔۔۔ جيئن سٽ ٿيندي ۔۔۔”تار ترايون، تڙ تلا، ناه ڌڻي ري ڪا درگاهه۔“