اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ۔۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ

اکــيـون آلــيـون ، لــڇـي پـئـي دل ، اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ
ڪــڏهـن ايــنـديـن وري قــاتــل ، اڃــا ڪــا آس بــاقــي آ

جــڏهـن ڪـا بــاهه نـفـرت جـي دلـيـن جا ديـس سـاڙي وئي
تڏهن ڪا ڪوڪ ڪئي ڪوئل ، اڃا ڪا آس باقي آ

ٽٽيون چوڙيون ، لـٿيون مينديون، ڳچيءَ ۾ هار هڪ ناهي
ٻــڌي ڪـنـهـن پــيــر ۾ پـــايــل ، اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ

رُســامــا ، رُڃ ويــا بــنــجــي ، وفــائــون ٿــي ويــون ٿــوهــر
۽ ســڪ ســڏڪـي چـيـو سـانـول ، اڃـا ڪـا آس بـاقـي آ

اڪـيـلايـن زهــر آڇـيـــو، بــهــارون بــي مــزي ٿــي پـيــون
سـنـڀـاري ســيـال پــيــو هــر پــل ، اڃــا ڪـا آس بــاقــي آ

سيال حيات
 
جواب: اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ۔۔۔۔سيال حيات

ٽٽيون چوڙيون ، لـٿيون مينديون، ڳچيءَ ۾ هار هڪ ناهي
ٻــڌي ڪـنـهـن پــيــر ۾ پـــايــل ، اڃــا ڪــا آس بـاقــي آ

بهترين شاعري، لاجواب سٽاء
 
Back
Top