سينيٽ ميمبرن راڻا ثناءُ الله کي دهشتگرد تنظيم جو ميمبر قرار ڏئي ڇڏيو، عهدي تان هٽائڻ جو ٺهراءُ منظور
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ پاران متفقه قرارداد منظور ڪندي نواز ليگ کان راڻا ثناءُ الله کي فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر سان لاڳاپيل سمورين سياسي پارٽين جي سينيٽرن پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله طرفان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي فوري طور تي ان جي منصب تان هٽايو وڃي، ان جو تعلق دهشتگرد تنظيم سان آهي، ان بيان کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، ڇو ته ان کان اڳ هن گورنر سلمان تاثير جي باري ۾ به اهڙي طرح جا بيان ڏنا هئا، اهي بيان مسلم ليگ (ن) جي پاليسي آهي. پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي ۽ ٺلهين ڀڀڪين کان ڊڄڻ واري نه آهي. ايوان ان بيان جي خلاف متفقه مذمتي قرار منظور ڪري ۽ ان معاملي کي استحقاق ڪميٽي ڏانهن به موڪليو وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي وسيم سجاد چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪالهه ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي باري ۾ جيڪو بيان آيو آهي، اهو جمهوريت جي پاڙن کي وڍڻ برابر آهي. ان معاملي کي استحقاق واري ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. اها وڪيلن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي توهين آهي.
ايم ڪيو ايم جي بابر غوري چيو ته هڪ پارليامينٽرين جي حوالي سان قتل جي فتويٰ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، اسان ان جي شديد مذمت ڪريون ٿا. مخالف ڌر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ڪالهه جيڪو چيو اهو نهايت افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ هڪ مذهبي ماڻهو آهي، کيس ڪافر ۽ واجب القتل قرار ڏيڻ جهالت کان به مٿي آهي. اهڙي طرح جي گفتگو جي قانون واري وزير مان اميد نه ٿي ڪري سگهجي. سڄي سينيٽ ان تي سراپا احتجاج آهي. اهو معاملو استحقاق واري ڪميٽي کي موڪلڻ بدران ايوان ان حوالي سان متفقه قرارداد منظور ڪري. راڻا ثناءُ الله فساد جي جڙ بڻڄي ويو آهي. پنجاب حڪومت کان قرارداد ۾ چيو وڃي ته کيس هٽايو وڃي. ڪفر جي فتويٰ ڏيندڙ اهڙو شخص ان منصب جو اهل نه آهي. اي اين پي جي سينيٽر زاهد خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته جڏهن کان دهشتگردي شروع ٿي آهي، معاشري مان برداشت ختم ٿي وئي آهي. راڻا ثناءُ الله هاڻي هڪ سياستدان آهي پر پهرين ان جو لاڳاپو هڪ دهشتگرد تنظيم سان هو. شايد سندس لاڳاپا دهشتگرد تنظيم سان ايترا گهڻا آهن جو هن انهن جي زبان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سياستدانن کي هڪٻئي جي مخالفت ۾ ان حد تائين اڳيان نه وڌڻ گهرجي. سياستدانن کي گهرجي ته ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃڻ کان روڪين ۽ دهشتگردن جهڙو رويو اختيار نه ڪن. راڻا ثناءُ الله جي بيان جو معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. سينيٽر عباس آفريدي چيو ته راڻا ثناءُ الله هاڻي فتويٰ ڏيڻ جو ڪم به پنهنجي ذمه کنيو آهي. ائين هو قوم کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. پهرين به هن هڪ بيان ڏنو هو جنهن سان اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ۽ جيڪڏهن هاڻي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو. ان واقعي تي شديد احتجاج ڪيو وڃي.
سينيٽر عبدالخالق پيرزاده چيو ته مفتي ته عالمن کان به تمام گهڻا مٿي هوندا آهن. عام عالم ته فتويٰ به نه ٿو ڏئي سگهي. فتويٰ صرف شيخ الاسلام ڏئي سگهي ٿو جيڪو مفتين جي جيوري جو سربراهه هوندو آهي. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته راڻا ثناءُ الله جي بيان کانپوءِ جيڪڏهن ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو. راڻا ثناءُ الله جا لفظ غيرپارلياماني، غيرمهذب آهن، کيس عهدي تان هٽايو وڃي. سينيٽر سعيده اقبال چيو ته پنجاب جي قانون جي وزير جي بيان سان هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. راڻا ثناءُ الله ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو ميمبر آهي، ڪنهن کي اهڙي طرح جي فتويٰ ڏيڻ جو اختيار نه آهي. ان معاملي تي متفقه قرارداد به آندي وڃي ۽ معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي. هاڻي اسان راڻا ثناءُ الله جي باري ۾ خاموش نه رهنداسين. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته راڻا ثناءُ الله جي بيان سان سڄي ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. آئون ان تي استحقاق واري رٿ آڻڻ چاهيان ٿو. مسلم ليگ (ن) جو قائد پنهنجي قانون واري وزير کي فوري طور برطرف ڪري. راڻا ثناءُ الله جو بيان سڄي پنجاب جي توهين آهي. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي چيئرمين رولنگ ڏني ته ان بيان سان سڄي ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. سينيٽر ڪاظم خان چيو ته راڻا ثناءُ الله اهو بيان ڪنهن جي هشي تي ڏنو آهي. هي ڪا گهٽ ڌمڪي نه آهي. ان کي عام واقعو يا بيان نه سمجهيو وڃي. راڻا ثناءُ الله جيڪڏهن مفتي آهي ته فتوائن جو ڪتاب لکي. قانون جي وزارت جو منصب ڇڏي ڏي. ڪميٽي کي اها شيءَ موڪلي ويندي آهي، جيڪا واضح نه هجي. ايوان ان حوالي سان متفقه قرارداد منظور ڪري ۽ راڻا ثناءُ الله کي فوري طور تي عهدي تان برطرف ڪيو وڃي.
مير اسرارالله زهري چيو ته راڻا ثناءُ الله مشرف دور ۾ به اهڙيون حرڪتون ڪيون هيون جو سندس مڇون ۽ مٿو ڪوڙيو ويو هو. نواز شريف کيس روڪي ۽ ضابطي ۾ آڻي. سينيٽر ولي محمد باديني چيو ته راڻا ثناءُ الله دهشتگردن جو ساٿي آهي. هن نه رڳو ڊاڪٽر بابر اعواڻ نه پر سڄي قوم جي توهين ڪئي آهي. اسان کي نواز شريف سان ان معاملي تي ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي. راڻا ثناءُ الله فتويٰ نه پر وارننگ ڏني آهي. سينيٽر صالح شاهه چيو ته راڻا ثناءُ الله جو بيان افسوسناڪ آهي. ان معاملي کي صرف استحقاق ڪميٽي ڏانهن نه موڪليو وڃي پر شريعت ۽ قانون موجب ڪنهن کي ڪافر چوڻ تي جيڪا سزا آهي، راڻا ثناءُ الله کي اها ڏيڻ گهرجي ۽ کيس فوري طور تي ان منصب تان هٽايو وڃي. سينيٽر رحمت الله ڪاڪڙ چيو ته بابر اعواڻ جو ڏوهه اهو آهي ته هو سچ ڳالهائي ٿو ۽ عوام جي زبان ڳالهائي ٿو. اڄ سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي امتحان جو وقت آهي ته ان معاملي تي ڪهڙو نوٽيس وٺي ٿي. راڻا ثناءُ الله جو گهيراءُ ڪيو وڃي. ڇا پارليامينٽ جي ميمبرن کي اهڙي طرح بي لغام هجڻ گهرجي. هي معاملو استحقاق واري ڪميٽي جو نه آهي. ان معاملي تي شديد احتجاج ڪيو وڃي. راڻا ثناءُ الله جو بيان قوم جي چهري تي هڪ داغ مثل آهي. حاجي عديل چيو ته مذهبي معاملن جي وزارت کانسواءِ ڪنهن کي فتويٰ ڏيڻ جو اختيار نه آهي. قتل جو حڪم صرف عدالتون ڏئي سگهن ٿيون. راڻا ثناءُ الله جهڙي شخص کي پنجاب ڪابينا مان ڪڍيو وڃي.
سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي چيو ته پنجاب جي قانون واري وزير ان کان پهرين پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي باري ۾ به اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ هڪ جمهوريت پسند شخصيت آهي. هن رانا ثناءُ الله جي بيان جي موٽ ۾ غيرمهذباڻو رويو اختيار نه ڪيو، ان معاملي تي متفقه قرارداد منظور ڪئي وڃي ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سينيٽر خالد محمود سومرو چيو ته اسان راڻا ثناءُ الله جي بيان جي شديد مذمت ڪريون ٿا. هو سياسي بنيادن تي قتل ۽ غارت ڪرائڻ چاهي ٿو. ڪنهن کي اهڙي طرح جا فتويٰ جاري ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ دين جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ان کي واجب القتل قرار ڏيڻ استحقاق ڪميٽي جو معاملو نه آهي. راڻا ثناءُ الله خلاف قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرائڻ گهرجي. اسان انتظار ڪنداسين ته ڇا سپريم ڪورٽ ان بيان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ٿي يا نه. آئون مطالبو ڪريان ٿو ته چيف جسٽس ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ته جيئن عدليه جي غيرجانبداري واضح ٿي سگهي. صابر بلوچ چيو ته ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ فقط ان جو بيان نه آهي، مسلم ليگ (ن) جي پاليسي آهي. ڇا نواز شريف اهو برداشت ڪري سگهي ٿو ته هو پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي اهڙيون ڌمڪيون ڏياري، جيڪڏهن ڪري سگهي ٿو ته پوءِ کيس نتيجن لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صلاح الدين ڊوگر چيو ته راڻا ثناءُ الله جو بيان سندس پارٽي پاليسي آهي. پيپلزپارٽي اهڙين ڀڀڪين کان ڊڄڻ واري نه آهي. اسان شهادتون ڏيندا آيا آهيون. راڻا ثناءُ الله شيشي جي گهر ۾ ويهي پٿر نه هڻي. اسان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا پر ملڪ جي حالتن جي ڪري خاموش آهيون.عبدالرشيد چيو ته ڪنهن مسلمان کي واجب القتل قرار ڏيڻ جي معاملي کي قانون ۽ شريعت جي روشني ۾ طئي ڪيو وڃي. راڻا ثناءُ الله جو بيان هر لحاظ کان مذمت جوڳو آهي. سينيٽر گل محمد لاٽ چيو ته سينيٽر بابر اعواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس پنهنجي عهدي جي قرباني ڏئي وڙهي رهيو آهي. ڇا راڻا ثناءُ الله ان لاءِ کيس واجب القتل قرار ڏنو. اهڙي قسم جي وزيرن کي عهدن تان هٽايو وڃي. ايوان ان بيان خلاف شديد احتجاج ڪري ۽ متفقه قرارداد منظور ڪري. سينيٽر عبدالحسيب خان چيو آهي ته ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي تحفظ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. ان بيان سان ان کي خطرو ٿي سگهي ٿو. جنهن بعد مخالف ڌر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري پاران پيش ڪيل مذمتي قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪندي کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ڪجهه به ٿيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ذميوار هوندي، اسان کي صوبائي وزير جي بيان تي ڳڻتي آهي، ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته پنجاب جي هڪ سياستدان ۽ صوبائي وزير بيان ڏنو آهي ته بابر اعواڻ واجب القتل آهي. اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته اهڙي قسم جي بيانن مان ڪو ٻيو به ناجائز فائدو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته سڀاڻي جيڪڏهن بابر اعواڻ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري بيان ڏيندڙ صوبائي وزير جي ليڊرشپ ۽ ٻين تي هوندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) هن کان اڳ اهڙي زبان استعمال نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي حوالي سان بيان سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي ذميواري ڪو به قبولڻ لاءِ تيار نه هوندو پر هن فلور تان واضح ڪريون ٿا ته بابر اعواڻ کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي ذميواري مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي هوندي. هن چيو ته نواز ليگ جي قيادت کي اهڙي قسم جي بيانن جو نوٽيس وٺڻ کپندو هو. اسان مفاهمت واري پاليسي تي هلي رهيا آهيون ۽ اها پاليسي جاري رکي ويندي.
مسلم ليگ (ن) جي ميمبر خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ واري بيان جو نوٽيس ورتو ويندو، مسلم ليگ (ن) سينيٽ اليڪشن کان اڳ حڪومت ڪيرائڻ نه ٿي چاهي، حڪومت پاڻ ئي ڪري پوندي ته سهارو نه ڏينداسين، بدترين آمريت کانپوءِ ملڪ اندر جمهوريت به ناڪام ٿي رهي آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته راڻا ثناءُ الله کي اهڙي قسم جو بيان نه ڏيڻ کپندو هو. اسان جاچ ڪنداسين، جيڪڏهن ان ڪو اهڙو بيان ڏنو آهي ته ان جو نوٽيس ورتو ويندو. هن چيو ته اهڙي قسم جي بيان تي اسان کي به افسوس آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته اسان حڪومت کي ڪيرائڻ نه ٿا چاهيون، جڏهن ته اسان کي ديوار سان لڳايو ويو آهي. حڪومت کي وڌيڪ مهلت به نه ٿا ڏئي سگهون. اسان کي ڊپ آهي ته حڪومت ڪيرائڻ واري ڪوششن دوران فوج اچي ويندي، ان ڪري اسان حڪومت کي نه ڪيرائينداسين پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي اعمالن ۽ ڪمزورين جي ڪري پاڻ ئي ڪري پوندي ته اسان ان کي سهارو نه ڏينداسين.

راڻا ثناءُ الله وزير لاقانونيت آهي:مولابخش چانڊيو
اسلام آباد(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله وزير قانون نه پر وزير لاقانونيت آهي، سندس دهشتگردن سان لاڳاپو آهي، پنجاب جي اڳوڻي گورنر جي باري ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو ته سموريون سياسي پارٽيون پنجاب جي قانون واري وزير جي باري ۾ خدشن جو اظهار ڪري چڪيون آهن. مسلم ليگ (ن) جي قائد کي سندس بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اها سٺي روايت نه آهي، جڏهن به ميان نواز شريف جي سياست سان اختلاف ڪيو ويو ته راڻا ثناءُ الله انتها تائين پهچي وڃي ٿو. راڻا ثناءُ الله وزير لاقانونيت آهي، ان جي بيان جي اسان مذمت ڪريون ٿا. اڳوڻي پنجاب جي گورنر جي باري ۾ به اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون. راڻا ثناءُ الله جو دهشتگردن سان لاڳاپو آهي. ان جو به نوٽيس ورتو وڃي.
روزانه عبرت جي خبر