• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نئين دور جا نوان سبق (ادل سومرو)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
iEyn8.jpg

سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي محترم ادل سومرو پنهنجي ٻاراڻي دور کي ياد ڪندي ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”نئين دور جا نوان سبق“ ٻارن لاء لکيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي۔

هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر پاران آندو ويو آهي۔

 
جواب: نئين دور جا نوان سبق (ادل سومرو)

ٻڌايو ويندو آهي ته سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪافي گهٽ ڪم ٿيل آهي پر جڏهن انهن کي سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سنڌ جي سهڻن اديبن ٻاراڻي ادب تي به سٺو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔

اصل ۾ اڄڪلهه جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب کي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خاص ڪري اڄڪلهه جو ٻار ڪارٽون ۽ تصوير انداز ۾ پيش ٿيل ادب گهڻو پسند ڪري ٿو انڪري هاڻ سنڌي ميڊيا کي ۽ انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙ دوستن کي قدم اڳتي وڌائي مووي فارميٽ ۾ سنڌي ادب کي تخليق ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

لک ٿورا ادا سليمان اوهان سنڌ سلامت جي لائبريريءَ ۾ ناياب ڪتاب جمع ڪري تمام سهڻو ڪم ڪيو آهي ۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: نئين دور جا نوان سبق (ادل سومرو)

سائين سٺو ڪتاب آهي۔ پر پوء به پڙهندي پڙهندي الائي ڇو ايئن لڳو ته اردو جي ليکڪ ابن انشاء جي ڪتاب "اردو ڪي آخري ڪتاب" کان متاّّثر ٿي لکيو ويو آهي۔۔ البته انداز ادل سائين جو پنهجو آهي۔۔
 
جواب: نئين دور جا نوان سبق (ادل سومرو)

دوستن جون مهربانيون جن هن ونڊ کي پسند ڪيو

واقعي سنڌي ادب ۾ ٻارن لاء ادبي مواد جي گهڻي کوٽ آهي۔ جنهن جي پورائي لاء سڀني کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي۔
 
Back
Top