نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا پيارا ساٿيو، ٿوري دير پهرين مون ”اکر پڙهه الف جو“ واري سيڪشن ۾ ٻه وڊيو توهان دوستن سان شيئر ڪيا هُئا جنهن ۾ ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌين پنهنجا حق فرض حق سنڌيت ادا ڪندي نارٿ آمريڪا ۾ سنڌي جوڌن ثنا ڪڊز ثنا لينڊ پاران سنڌي ٻارن جو سلور جوبلي ڪنوينشن منعقد ڪرايو هو جيڪو اميد آهي توهان ملاحضه ڪيو هوندو۔ هينئر پيش خدمت آهي انهي فنڪشن جو ڪجهه تصويري جهلڪيون، سنڌ سلامت جا مٺا دوستو ان فنڪشن جي تصويرن ۾ مونکي متان ڳولهيو، ڇو جو نارٿ آمريڪا ۾ وڃڻ پنهنجي وس کان بنهه پر صفا ٻاهر آهي۔ هي تصويرون گورک هل ثنا لينڊ ويب جي ٿورن سان توهان دوستن سان ونڊ پيو ڪريان۔هن سُرهي سانجهه جو مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر سائين مظهر صديقي صاحب جن هئا۔ خير هاڻي توهان جو وقت ڪونه ٿو وٺان پيش آهي تصويرون۔
توهان جي پيار ڀرين راين جو منتظر رهندس