”سانگهڙ “ محمد غثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول آهي۔ ڪتاب کي پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران انعام سان پڻ نوازيو ويو۔ هن ناول جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔
ڪجهه ڪتاب بابت:
ڪجهه ڪتاب بابت:
”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
اھڙي ڏاڍ ۽ جبر واري دؤر ۾ ”سانگھڙ“ ذريعي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جاري رکڻ جي سعي ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪئي ويئي. ھڪ طرف احساس ڪمتريءَ جي ماريل ۽ ھيسيل سنڌين کي سندن شاندار ماضيءَ کان آگاھ ڪيو ويو، ته ٻئي طرف ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ ذريعي مليل قومي حقن جو وستار ڪري، کين سندن بنيادي حقن جو احساس ڏياريو ويو. حُر تحريڪن جي حوالي سان کين احساس ڏياريو ويو ته حق شناسي، سرفروشيءَ ۽ جانثاريءَ ۾ سنڌي ٻين کان اڳرا آھن. سندن بزرگن جي ڪارنامن جو وستار ڪري انھن کي محدود گروھي دائري مان ڪڍي، ملڪ گير وسعت ڏيڻ، سندن ڪارنامن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪرڻ- اھي تمام وڏا ڪم ھئا، جن جو بنياد ”سانگھڙ“ ذريعي رکيو ويو. ’سيٺ سڳني مل‘ جي ڪردار ذريعي ٻڌايو ويو ته تحريڪ ڪنھن فرقي، جماعت يا مذھب تائين محدود نه ھئي.
سنڌ جي ھڪ نھايت اھم سياسي ۽ ادبي شخصيت کي جڏھن ڏيپلائي صاحب ”سانگھڙ“ پيش ڪيو، تڏھن سرورق تي شھيد بادشاھ جي شبيھ ڏسندي، ھن صاحب بي اختيار چيو: ”واھ- ڪھڙو نه شينھن مرد ھو!“
ڏيپلائي صاحب پنھنجي مخصوص لھجي ۾ زيرِلب مسڪرائيندي چيو: ”پر سائين جن ته شايد ھن شير مرد کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ پيش پيش ھئا!؟“ ھن صاحب نھايت سنجيدگيءَ سان وراڻيو: ”ڏيپلائي صاحب! شينھن شڪار ٿيڻ کان پوءِ به شينھن ئي رھندو آھي- مُئل شينھن جي به ويجھو وڃڻ لاءِ به دل کپي!“ شھيد بادشاھ جي عظمت بابت، سندس خلاف سازشون ڪندڙ جا اھي لفظ گھڻو ڪجھ ٻڌائين ٿا.
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪرو)