وفا ناٿن شاهي جو شمار سنڌي ٻوليء جي غزل جي صنف جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿيندو آهي۔ سندس هن ڪتاب ” وفا “ ۾ سندس چونڊ غزل ڏنل آهن۔ سندس 5000 غزلن مان هتي سندس غزلن جو ٿورو تعداد ئي ڏنل آهي۔
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبدالجبار شيخ (سکر) ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي پيش ڪيل آهي۔
آخر نچندي ڳائيندي،
ڪيسين پيار لڪائيندي۔
جيئندي ڪيئن زماني ۾،
سڀ کي جو ٺڪرائيندي۔
روز ملي چانڊوڪين ۾،
پڪ مونکي مارائيندي۔
اڄ ڪاريهر رقص ڪندو،
جوڳڻ بين وڄائيندي۔
تو مون جهڙا کوڙ وفا،
روز وتي ڦاسائيندي۔
خير...امرتسر جي ريلوي اسٽيشن تان رواني ٿيندڙ اسپيشل ٽرين جنهن ۾ مشرقي پنجاب جي سورمن سان گڏ وفا جو لٽيل پريوار به سوار هو.افسوس! ان کي لاهور جي ريلوي پليٽ فارم تان اهو جواز پيش ڪري بيهڻ نه ڏنو ويو ته لاهور پناهگيرن سان فل ٿي چڪو آهي ۽ مزيد مهاجرن لاءِ No گنجائش .اڳتي هلو!۽ بس ته اهائي ريل .نان اسٽاپ ڊوڙيندي ضلع دادو ۾ داخل ٿي ۽ ّيرات علي قريشيءَ جي خانوادي کي سيتا روڊ ريلوي اسٽيشن تي ٻين مسافن سان گڏ اهو چئي ڊراپ آئوٽ ڪيو ويو ته (بقول وفا جي)ريفيوجيز کي هتي آباد ڪري کين آبادگار بڻايو ويندو. زمينون ڏنيون وينديون ....۽ بس ته اهڙي ”ٻوجھار “ اعلان تي مشرقي پنجاب ”ڪڙمين“ ڪاسبين ،بجاجن ۽ مڻهيارن جا، جٿن جا جٿا اتي لهي پيا (غور ڪريو عزيز هم وطنو)ته انهن پناهگيرن مان سنڌ جي آب وهوا ۽ داڻي پاڻيءَ سان وفاداري پوءِ انهن مان ڪيترن مهاجرن کي آئي؟(۽ هتي بنان ڪو سياسي بحث ڇيڙڻ جي) مون کي چوڻ ڏيو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنجابي ٻولي ڳالهائندڙ وفا ناٿن شاهي جي وفاداري.سنڌ جي سوين (وفا سڏرائيندڙ) سورمن شاعرن ۽ اديبن جي وفاداريءَ تي مون کي ته ڀاري ئي نظر آئي آهي(۽خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي اڄ ان جو مان گواهه به بڻجي رهيو آهيان)
(ڪتاب مان کنيل ڪجھه ٽڪرا)
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبدالجبار شيخ (سکر) ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي پيش ڪيل آهي۔