• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فري حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
معزاز ۽ مانوارا ميمبرس۔اسان جي هڪ تمام پياري دوست اسان کي هڪ مسيج موڪليو آهي،اهو هن اوطاق جي اڳڻ تي چٽي رهيا آهيون تاڪي ڪو به ضرورت مند ان مان فائدو حاصل ڪري ۽ اسان کي ان جي دعائون ۾ حصو ملي سگهي،

جيڪڏهن ڪو به غريب مرد يا عورت جنهن جي عمر 60 سالن کان مٿي هجئي ۽ انهن وٽ حج ڪرڻ لاء پيسئا نه آهن ته *** محمد نيشن گورپ ،جده.*** انهن جو فري(مفت) حج ڪرڻ جو سڄو بندوبست بغير ڪنهن معاوضي جي ڪندو.
ڪنٽريڪٽ نمبر.
0096626919999


هن انفرميشن جي وڌيڪ تصديق ادا نثار ابڙو جن جيڪي سعودي عرب ۾ موجود آهن ،پنهنجي ذريعن سان ڪري سگهن ٿا.
 
جواب: فري حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو۔

سائين خبر ته ماشالله زبردست آهي ڀائرن لا۽

پر سائين ان جي ڪا تصديق وغيره ته هجي نه

سو ان لا۽ مان گذارش ڪندس انهن تمام دوستن کي جن کي به ان باري ۾ ڪا معلومات آهي ته هتي ونڊ ڪن

ته جيئن ڪم سولو ٿئي پوي ۽ غريب مسڪين بي سهارا ماڻهو مٺي سرڪار جو ديدار ڪري سگهن

سدائين گڏ
 
جواب: فري حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو۔

حاضر ادا آ ان نمبر تان پڇا ڪري ٿو وٺان، سعودي عرب جي جده شهر جو نمبر آهي، باقي سعودي عرب جا شهزادا ۽ امير پنهنجي خرچ تي مختلفن ملڪن مان ماڻهون گهرائيندا آهن، انهن شهزادن جون ڪجهه ايجنسيون ٺهيل آهن، مسئلو اهو آهي ته گهڻو تڻو عرب ملڪن مان گهرائن ٿا ۽ ڪجهه ٻين قومن وٽان پڻ ۽ ٻي ڳالهه ته پاڻ ان شوق ۾ ناهيون ته انڪري معلومات به ناهي ۔۔۔ خئير آ معلومات حاصل ڪرڻ کانپوِِ دوستن سان ونڊ ڪندس ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
جواب: فري حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو۔

سائين اهڙي نيڪي جي ڪم ۾ مڙئي حصو وٺڻ گهرجي من ڪنهنجو ڀلو ٿي پوي۔
 
جواب: فري حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو۔

سائين نثار ابڙو کي گذارش آهي ته هن سلسلي ۾ معلومات حاصل ڪري اسان سان ونڊ ڪن ته جيئن اسان پنهنجي سڃاڻپ واري حلقي ۾ صاحبِ ضرورت ماڻهن کي ان شئي جي باري ۾ ڏس ڏيون ۽ رهنمائي ڪري سگهون۔۔۔۔
لک ٿورا سائين غلام مصطفى ميمڻ ۽ سندن دوست جا ، جن اسان سان هي معلومات ونڊ ڪئي
 
Back
Top