حسن درس جي وڇوڙي تي سموري سنڌ افسرده آهي۔ اسان جي دوست رضوان گُل حسن درس جي شاعري ڊزائن ڪري فيس بوڪ تي شيئر ڪئي آهي، جيڪا پيش ڪجي ٿي:
اُڏاڻيــــون ڏور پي آڙيون،سمو ڪنهن سار وانگي هو،
لــــٿو پئــي لاڙ تــــــــان سورج.مهاڻي ٻار وانگي هو۔
صفا سنسان مندر ۾، ملي سانجهي جڏهن مون سان،
اتـــــي آواز ســـــــنهڙو عــــشق جو،ڪنهن آر وانگي هو۔
جـــڏهن جهمپــــير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي،
کـــلي چـــوندي کجــــي مونکي تــکو تلوار وانگي هو۔
وڻـــن تي ڪانگ هئا ويٺل،گليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پــــراڻو ڳوٺ هو ليڪن.پرينءَ جي پار وانگي هو۔