• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چوريءَ جو نئون طريقو۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ عورت پوري بينڪ کي بنا ڪنهن هٿيار جي لُٽي ورتو۔۔۔ ها بينڪ کي ۔۔ ڪنهن محفل کي نه پر بينڪ کي ۔۔ سوبه آمريڪا جهڙي هيڏي ساري سُپر پاور مُلڪ ۾۔۔۔

AIDS.jpg


آمريڪا جي ڪولاراڊو شهر ۾ بينڪ عملي کي عورت اها ڌمڪي ڏني ته آئون توهان سڀني کي ايڊز ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس۔۔ عورت منهن تي رُمال رکي مسلسل کنگهي رهي هئي۔۔ عورت جي ان ڌمڪي کان بعد انتظاميه پريشان ٿي وئي ۽ انهن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پئسا عورت کي ڏنا ۽ هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي۔۔۔ هي پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪيس آهي​
 
جواب: چوريءَ جو نئون طريقو۔۔۔۔

مطلب اسين هروڀرو آمريڪا جي ماڻهن کان مرعوب ٿيون ٿا ۔۔۔۔

الله ڏي ٿو پر کنگهڻ کڻڪڻ سان، وتائي فقير جي ڳاله سچي ثابت ٿي ۔۔۔۔

پر پاڻ وٽ اهڙا بهانا نه هلندا، هت ته اصل هٿيار گهرجن تڪڙا ۔۔۔ متان ڪو اهو سوچي ته هو به کنگهڻ سان بئنڪ لٽي وٺندو ۔۔۔؟

آمريڪا جي مائي ڏاهپ کان ڪم ورتو جو کيس آمريڪا جي ماڻهن جي نفسيات جي خبر هئي ۔۔۔؟؟؟
 
Back
Top