جواب: دوست سڏائي سڀ ڪو
مهرباني سائين نثار
دوستي لفظ ئي اهڙو آهي، دوستي احساس ئي اهڙو آهي ، ان تي مان ڇا چوان پر خوشقسمت ضرور آهيان جو اوهان جهڙا دوست ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ ۽ سنڌ سلامت جا دوست مليا آهن۔
”دوستي ٻن ھڪجيترن جي وچ ۾ بنا غرض واري ڏيتي ليتي جو نالو آھي.“
سالسٽ وري ھيئن سمجھي ٿو: ”انھن ساڳين ئي شين کي چاھڻ ۽ ھڪجھڙن شين کان نفرت ڪرڻ، اھا ئي حقيت ۾ سچي دوستي چئجي.“
حضرت سليمان فرمائي ٿو: ”ايمانداري واري موت ئي سچي دوستيءَ جي نشاني ھوندي آھي.“
ڇو ته:
”دوستي روحن جي شادي آھي.“
تڏھن ته جبران چئي ويو:
”دوستيءَ ۾ سواءِ روح کي گھاٽي سٻنڌ وڌائڻ جي، ٻيو ڪو به غرض نه ھجڻ گهرجي.... پنھنجي دوست کي اھو ڪجھ ڏيو، جيڪو اوھان وٽ سڀ کان بھتر ۽ اعلى آھي.“
نه صرف اھو ۽ ايترو پرءُ“ ... ھو جيڪر اوھان جي لھندڙ وير کي ڏسڻ چاھي ٿو ته توھان کيس پنھنجي چڙھندڙ وير جو به نظارو ڪرايو...“