جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
مجاهدجرنيل اعظم سنڌ
امام مولانا محمد صادق کڏي وارن(ڪراچي، سنڌُ،
جي وفات، 18 جون،1953 جي ڏيهاڙي جي نسبت سان
تحرير: جوکيو شفيق احمد
صبح جو سلام : اڄوڪي ڏيهاڙي مورخه.18 جون،1953 تي سنڌ جي آزاديء جا هڪ اهم امام اڳواڻ سرواڻ مجاهد اعظم علامه مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارا، ڪراچي،سنڌ جن وفات ڪري ويا هئا، پاڻ سنڌ جي آزاديء جي عظيم تحريڪ ريشمي رومال جي بانين مان هيا ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي ۽ مجاهد اعظم سنڌ/ مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا هڪ سوني سڪي جا ٻه پاسا هيا. سندن بابت تفصيل لکي رهيو آهيان
ياد رهي ته ڪراچيءَ شهر م کڏي واري گوٺ جا باني مجاهد اعظم سنڌ جا والد گرامي قدر علامه لاهوتي( ٿيوسافسٽ/ٿيولاجين) صوفي با الصفا مجاهد مولانا عبد الله ميمڻ جن هيا جنهن ٺٺو - سنڌ جي مهاڻڻ سميجن جتن ميمڻن کي، ڳوٺ کڏي ڪراچيء ۾ وڏي جهجهي انگ ۾ آباد ڪرائي کڏي علم جو اڏو بڻايو،
جيڪو اڄ ڪلهه بک بدحالي بيروزگاري فساد دهشت گردي جو شڪار آهي، ان ڪري جو اتي انگزيز جي ڇاڙتن ايجنٽن رهزنن جنرل جي باقيات جن بيت الله الحرام تشريفا و تعظيما وتڪريما، مٿان گولين هلائڻ وارن جو اولاد ميانوالي جهلم خوشاب چڪوال جا گنڊه چرس هيروئن آفيم جوا جا اڏا پيا هلائن، کڏي جي اصلي مقامي ماڻهن جو جيئڻ حرام آهي، اها انگريز جي مهرباني آهي
مولانا محمد صادق کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ جو مشهور عالم دين ٿي گذريو آهي جيڪو مولانا عبد الله کڏي ڪراچيء واري ڳوٺ جو بانيءَ جي جو ٻيو نمبر فرزند هيو. سندن ولادت با سعادت 25 محرم 1291هه مطابق 18 مارچ،1874 ع ۾ ٿي پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا عبد الله ميمڻ کڏي واري کان حاصل ڪيائون، وڌيڪ تعليم لاء هندوستان اسهيا، جتان واپس اچي مدرسه مظهر العلوم ، کڏي ڪراچي ،سنڌ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. پنهنجي والد مولانا عبد الله ميمڻ رح جي وفات کانپوء 1332هه مطابق 1914ع ۾ کين مدرسي جو مهتمم مقرر ڪيو ويو. مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارا، گهڻو ڪري قران حڪيم جو تفسير، احاديث، حجة الله البالغه ۽ طب حڪمة ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهائيندا هيا، مولانا محمد صادق عرف مولانا کڏي وارا طب جا ماهر حڪيم هيا. مدرسي جي اوطاق ۾ سندس مطب هو، شاگردن ۽ مسڪينن جو علاج معالجو مفت ۾ ڪندا هئا. باقي ٻيا سرندي وارا به کين دوا جي قيمت ادا ڪندا هيا، جنهن مان چڱي آمدني ٿيندي هئي.
پاڻ سياسي سرگرمين ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا، تحريڪ ريشمي رومال جي بانين مان هئا.1914ع ۾ ترڪن جي خلاف انگريزي فوجن جي ننڍي کنڊ مان مدد روڪائڻ لاء قلات لسٻيلي جي قبيلن ۾ جيڪي سردار نورالدين مينگل جي اثر جي اثر هيٺ هيا. ( ۽ پاڻ سردار نور الدين مينگل مولانا محمد صادق کڏي وارن جو معتقد هو) ان جي ذريعي انقلاب آڻائڻ لاء مسلح حملا شروع ڪرايائين پوء مدد رڪجي ويئي، جنهن سبب انگريزي فوج کي ڪوت العمارة(عراق) ۾ شڪست آئي. هڪڙي قبائلي جي جاسوسي جي ڪري مجاهد اعظم سنڌ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن خلاف انگريزن کي خبر پئجي ويئي ۽ مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن کي گرفتار ڪري انڊيا جي ڪاروار جيل ۾ ٽي سال نظر بند رکيائون.( ان بابت تفصيل ۽ گرفتاري جا آرڊر رساله الصادق ڪراچي، سنڌ جي جلد نمبر 31 ۽ شماري نمبر 3 ۾ ڇپجي چڪا آهن) الصادق ڪراچي مورخه-مارچ،2010ع[
مجاهد اعظم سنڌ علامه مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا، ڪراچي،سنڌ رح جمعيت علماء هند جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جا رڪن ۽ جمعيت علماء سنڌ جا صدر رهيا. ڪراچيءَ ۾ تحريڪ خلافت جي مکيه اڳواڻن مان هئا. سنڌ جي بمبئي کان آزاديء واري تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتائون.
مجاهد اعظم سنڌ جن هندوستان جي آزاديء لاء جدوجهد ڪندڙن سڀني وڏين پارٽين نمائندا ميمبر ۽ صدر خاص طور سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ،سنڌجي بورڊ جا ميمبر رهيا. آخر تائين ديني ۽ قومي ڪمن ۾ بيماريء ۽ضعيفي باجود حصو وٺندا رهيا. 6 شوال، 1372هه مطابق 18 جون،1953ع خميس جي ڏينهن منجهد جو ڏيڍ لڳي هن دار الفاني مان رخصت ٿي درالبقاء ڏانهن روانا ٿيا. سندن قبر مبارڪ مورڙي جي قبرستان ۾ آهي.(22) سندن ڪتبو لڳل آهي. جيڪو سنڌ جو تاريخي قبرستان، پاڪستان جي حرامي نسل پرستن غدارن حڪمرانن تقريبا مسمار ڪري ڊهرائي ان جي مٿان پل جوڙائي، ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو پيسو ضايع ڪيو آهي، ان پل جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي پر ڇاهي ته پيسو سوئس جي بينڪ ۾ پنهنجي آقائن وٽ ڪئن رکائي وياج تي وڌن ويجن پلجن، رت پياڪ ڄورن وانگر؟
مجاهد اعظم سنڌ، سنڌ جي آزاديء جي امام مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ کي سلام آهي. جيڪي سنڌ جي آزاديء جا سچا سرواڻ هيا، نه ڪي سامراج جا پٺو وڏيرا جعلي جڙتو ايجنٽ هيا جن جنرل ضياء جهڙن آمرن ظالمن جي مدد ڪري افغانستان ۾ سامراجي جهاد لاء امداد ڪري اڻ سڌي طرح مدد ڪري وري سنڌ جي آزادي جا چمپين ٿي ويٺا هئا.[/JUSTIFY]
ريشمي رومال تحريڪ بابت تفصيلي مواد هن لنڪ تي :
http://profjokhio.blogspot.com/2011_06_01_archive.html