دوستو ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته نيٽ گردي دوران توهان کي ڪا تصوير ڳولڻهي هوندي آهي ۔۔ ته هميشه ان لاءِ توهان گوگل اميج سرچ استعمال ڪندا هوند۔۔ پر ٿيندو ائين آهي ته توهان جي مطلوبا تصوير يا ته ننڍي يا وري سائيز ۾ وڏي ملندي آهي جنهن کي پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ توهان کي وڌيڪ ٿرڊ پارٽي سافٽويئرس مان گذارڻو پوندو آهي۔۔ اڄ مان توهان کي هڪ اهڙي سرچ انجڻ جو پتو ڏئي رهيو آهي جنهن جي ذريعي توهان هڪجهڙين تصويرن کي گوگل اميج سرچ کان بهتر طريقي سان ڳولي سگهو ٿا۔۔۔ TinEye نالي هن سرچ انجڻ تي توهان مطلوبا تصوير جو يو آر ايل ڏيو ۽ ڳولا بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ هي سرچ انجڻ ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ توهان جي مطلوبا تصوير کي جانچي ويب خزاني مان ڳولا ڪري جاتي به ان قسم جو تصويرون موجود هونديون لنڪ طور کڻي ايندي۔۔۔پوءِ ڀلي ان تصوير ۾ تبديليون ڪندي اپلوڊ ڪيو ويو هجي۔۔۔ اهڙي طرح توهان جي پسنديدگي لاءِ کوڙ سارو مواد ملي پوندو۔۔۔ جنهن کان پوءِ پنهنجي پسند جي ڪنهن به تصوير کي توهان آرام سان چونڊي سگهو ٿا۔۔۔۔ هن ڪارائتي سائيٽ جو ڦيرو ڀرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: هڪ جهڙيون تصويرون ڳوليندڙ سرچ انجڻ۔۔۔ تمام سٺي ويب ان سان کوڙ ساريون آسانيون پيدا ٿي پونديون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هميشه وانگر خوبصورت ونڊ
جواب: هڪ جهڙيون تصويرون ڳوليندڙ سرچ انجڻ۔۔۔ گوگل ڪروم استعمال ڪندڙن جي سهولت لاءِ TinEye طرفان هڪ ايڪسٽينشن متعارف ڪرايو ويو آهي ۔۔ جنهن کي ڪتب ۾ آڻيندي توهان ڪنهن به تصويرکي مائوس جي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري اضافي طور آيل Search Image on TinEye تي ڪلڪ ڪري تڪڙا نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ تفصيل لاءِ هيٺيون تصويرون ۽ وڊيو ڏسو۔۔۔
جواب: هڪ جهڙيون تصويرون ڳوليندڙ سرچ انجڻ۔۔۔ ساڳي قسم جو فائرفاڪس برائوزر استعمل ڪندڙ هتي ڪلڪ ايڊوِن ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔ جڏهن ته سفاري لاءِ هتي ڪلڪ ڪري ۽ انٽرنيٽ ايڪسپلور لاءِ هتي ڪلڪ ڪري پلگ ان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔
جواب: هڪ جهڙيون تصويرون ڳوليندڙ سرچ انجڻ۔۔۔ گوگل پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ تڪڙي تبديلي آڻيندي هاڻي پنهنجي اميج سرچ پني کي ان قابل بڻائي ڇڏيو آهي جو هاڻي مکيه لفظن سان گڏو گڏ جيڪڏهن ڪنهن به تصوير جي يو آر ايل کي لکي ڳولا ڪجي ته ملندڙ هڪجهڙين تصويرن جي فهرست کولي سگهجي ٿي۔۔۔
جواب: هڪ جهڙيون تصويرون ڳوليندڙ سرچ انجڻ۔۔۔ اها ته ڏاٌڍي ڪم جي شيءِ ٻُڌائي اَٿَو۔ شال سدائين سلامت هُجو۔