سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران هن سال به ادبي انعام ڏيڻ جي روايت لاڳيتو ٽئين سال پڻ قائم رکي وئي آهي، اها روايت اٿارٽيءَ جي پهرئين چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قائم ڪئي، پر سندس وڃڻ کانپوءِ جاري نه رهي سگهي هئي، وري ڪيترن سالن جي وقفي کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا اها ٻيهر جاري ڪئي، جنهن کان پوءِ اها مڪمل طور تي ختم ٿي وئي. آئون چئي نٿو سگهان ته اُن جو سبب مالي وسيلن جي کوٽ هئي، يا سنڌي ادب جي کيڏارين جي اندر Sportsman spirit جي کوٽ يا ڪنهن به قسم جي چٽا ڀيٽيءَ ۽ مقابلي ۾ نه کٽندڙ ڌر جي رڙو رڙ ۽ واويلا ته ”ڌانڌلي ٿي آهي، ناانصافي ٿي آهي“ وغيره وغيره، بهرحال اهي سمورا چيئرمين، جن انهيءَ روايت کي ختم ڪري ڇڏيو هو، سي شايد وڏا دور انديش هئا، سنڌي ادب جي شهسوارن جي نفسيات کان واقف هئا يا اڃان به ائين کڻي چوان ته مصلحت کان ڪم وٺندي ڪنهن ڦڏي، ڪنهن Controversy کي ٽاريو ويٺا هئا. مون کي کُٽيءَ کنيو، جو وري اهي ”ادبي انعام“ اچي جاري ڪيم، ڇو ته مون سمجهيو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ليکڪن جي ان قسم جي همت افزائي ضروري آهي ۽ جڏهن لاڳيتو اهڙا مقابلا ٿيندا ۽ انعام ملندا ته مقابلي ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي صحتمند روايت پوندي ۽ ان جو مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي مثبت اثر ٿيندو، پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي قوم ۾ اڃا تائين نه پروفيشنل سوچ اجاگر ٿي آهي ۽ نه ئي اُها راند يا چٽا ڀيٽيءَ ۾ هارائڻ يا نه کٽڻ کي فراخدليءَ ۽ بردباريءَ سان قبول ڪرڻ سکي آهي. مون ته اهو سوچيو ئي ڪو نه هو ته جڏهن 23 شاعرن مان صرف ڪنهن هڪ کي انعام ملندو ته باقي 22 ڄڻن مان ڪي اُن کي فراخدليءَ سان قبول ڪرڻ بدران ڌانڌليءَ جو الزام هڻندي، مُرڳو اسان جي ڪردار ڪشي ڪرڻ تي لهي ايندا. گذريل سال به اهڙي صورتحال پيدا ٿي هئي ۽ هن سال به ائين ئي ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته هن سال ڏهن صنفن جا 62 ڪتاب، ٽيهن (30) معتبر ۽ معزز اديبن/ججن کي موڪلي کانئن بي ريا ۽ ايماندارانه راءِ وٺي، ادبي انعامن جو اعلان ڪري ڄڻ ته ڏوهه ڪري وڌوسين. آئون سمورن مانوارن ليکڪن لاءِ ته ڪا نه چونديس پر مقابلي ۾ شامل ڪتابن مان ڪن جي ليکڪن، سندن دوستن ۽ ڪن پبلشرن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته سندن ڪتابن کي انعام ڪو نه مليو، هي جيڪو سڄو ممڻ مچايو ويو آهي، اهو نه صرف اسان جي، پر سنڌ جي انهن سينيئر اديبن ۽ عالمن جي ايمانداريءَ ۽ انصاف تي به آڱر کنئي وئي آهي، جيڪي هن مقابلي لاءِ جج مقرر ڪيا ويا هئا ۽ آئون ڀانيان ٿي ته ائين ٿيندو رهيو ته ايندڙ سالن ۾ ڪو به معتبر اديب جج ٿيڻ جي حامي نه ڀريندو ۽ انعام ڏيڻ واري اها روايت اسان کي به سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ وانگر ختم ڪرڻي پوندي. انهيءَ ڏس ۾ ضروري آهي ته سنڌ جا ڪجهه اڻ ڌريا سنجيده جونيئر ۽ سينيئر اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ساٿي ۽ صحافي برادريءَ جا سڄاڻ فرد پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اهڙي هر ڳالهه جي همت شڪني بلڪه نندا ڪن، جنهن سان هن قسم جون مثبت روايتون بند ڪرڻيون پون. هاڻي آئون ڪن ڪتابن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪنديس، جن تي اختلاف ڪيو ويو آهي. پهريون ڪتاب ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ٿيسز وارو آهي. 1990ع ۾ نور افروز خواجه پنهنجي ٿيسز جو هڪ ڀاڱو ڇپرايو هو، جنهن تي واضح اکرن ۾ لکيل آهي، ”ڀاڱو پهريون“، انهيءَ ۾ محض ٻه ٽي باب 398 صفحن تي مشتمل شايع ڪيا ويا هئا، جڏهن ته هاڻوڪي مقابلي ۾ شامل موجوده ڪتاب سندس مڪمل ٿيسز آهي، جيڪا 712 صفحن تي مشتمل آهي ۽ پهريون ڀيرو 2010ع ۾ ڇپي آهي. سندس ئي ٻيو ڪتاب مختلف علمي ادبي موضوعن ۽ شخصيتن تي تنقيدي حوالي سان لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪتاب تنقيدي نه پر تحقيقي آهي، جيڪڏهن ڪو نقاد تنقيد ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڪتاب يا ان جي ليکڪ جي باري ۾ اڀياس ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، تقابلي جائزو وٺي حقيقتون سامهون رکي يعني تحقيق ڪري پوءِ مٿس تنقيد لکي ته انهيءَ کي تنقيد جي دائري مان خارج ڪري ڇڏبو ڇا؟ باقي جيڪو هڪ تنقيد جو ڪتاب، اُن ڪتاب جي مقابلي ۾ هو، ان کي علمي تنقيدي معيارن موجب ڪهڙي ڪيٽيگريءَ ۾ رکجي؟ ڪن سوانحي ڪتابن مان صفحن جا صفحا نقل ڪري، انهن ليکڪن کي ڪوڙو ۽ بدڪردار ثابت ڪرڻ لاءِ لکيل محض چند پيرائن کي ادبي تنقيد ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن ادبي نقاد کان راءِ وٺجي ته بهتر. تنهن هوندي به اهو ڪتاب ججن کي موڪليو ويو ۽ جي اهي انهيءَ ڪتاب کي چونڊين ها ته اسان اهو فيصلو به قبول ڪريون ها. قمر شهباز جي ٻن ڪتابن لاءِ چيو ويو ته اهي اڳ ڇپيل ڪتاب آهن، سو ”هٿ ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي“، ڀيٽ ڪري ڏسو اڳ ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب ۽ موجوده ڪتاب کي ۽ ساڳي ڀيٽ شاعريءَ جي ڪتابن لاءِ به ڪئي وڃي. نوَن ڪتابن ۾ اڳوڻن ڪتابن مان هڪ اڌ ڪهاڻي ۽ ڪجهه شاعري ضرور شامل ڪئي وئي آهي، پر مڪمل ڪتاب مختلف آهن. ماهتاب محبوب جي خاڪن جي ڪتاب لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو سوانحي ادب ڪونهي. اٿارٽيءَ پاران جيڪا صنفن جي ورهاست ڪئي وئي هئي، انهن ۾ ”سوانحي ادب“ ۾ سوانح حيات، آتم ڪهاڻيون، جيل ڊائريون، ساروڻيون، شخصيتون ۽ خاڪا وغيره شامل آهن. جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ يونيورسٽي سطح تي نصاب ۾ سوانحي ادب جي صنف ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ته ماهتاب محبوب جا شخصيتن بابت خاڪا ان صنف ۾ آڻڻ تي اعتراض ڇو؟ هڪ اعتراض اهو به ڪيو ويو آهي ته جونيئر اديبن کي نظر انداز ڪري صرف سينيئر اديبن کي انعام ڏنا ويا آهن. سو ان ڏس ۾ سنڌي قوم تي ٿا ڇڏيون ته اها فيصلو ڪري ته ادبي انعامن ڏيڻ لاءِ عمر جي ڪا حد مقرر ڪجي يا ٻيو ڪهڙو طريقو ڪجي، جو سينيئر اديبن جا ڪتاب مقابلي ۾ حصو نه وٺي سگهن، يا وري انهن کي چئجي ته توهان ڪتاب ڇپائڻ ئي ڇڏي ڏيو ۽ جونيئرن کي موقعو ڏيو. اهڙي ساڳي ڳالهه قمر شهباز جي حوالي سان به ڪن حلقن پاران ڪئي وئي آهي، سا اها ته ادبي انعام زنده اديبن کي ڏبا آهن، مري ويلن کي ڪو نه ڏبا آهن. هاڻي اهو فيصلو به پڙهندڙ پاڻ ڪن ته ڇا اهو اعتراض مناسب آهي؟ ڇا اهڙي ڪا روايت اڳ ۾ موجود آهي، جنهن تي عمل ڪجي! سڀاڻي جيڪڏهن تازو گذاري ويل طارق عالم ابڙي ۽ منصور ملڪ جا اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپجي اچن ته ڇا انهن کي ڪنهن انعامي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جو حق نه هوندو؟ ڊاڪٽر فهميده حسين چيئر پرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (روزانه ڪاوش)
جواب: ڪُٺيس ڪُويڄن.... يار عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن تي ڇا لکجي اسان پنهنجي اديبن ۽ ڏاهن تي ڇا لکون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هو پاڻ علم جا ڀنڊار آهن، هنن کي ئي انهن شين جو قدر ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي اديبن جي عزت ڪرڻي پوندي۔ ڇا صحيح آهي ڇا غلط ان تي اسان ڪهڙو قلم کڻون۔ باقي محترمه جي اها ڳالهه برحق آهي ته اسان پنهنجي لاء پاڻ مسئلا پيدا ڪري اهو انعامي سلسلو ٻيهر بند ڪرائينداسون ۔۔۔۔۔