• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بجليءَ وارا نمبر وَن!

عرس پريو

سينيئر رڪن
اهو ڪو دور هو، جڏهن پوليس وارا پئسا ڦرڻ، منٿليون اوڳاڙڻ، نانگ مان نوڙي ۽ نوڙيءَ مان نانگ ٺاهڻ ۾ نمبر ون هئا، پر پوءِ واپڊا پنهنجي حيثيت ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ اچي انهيءَ اوج تي پهتي، جو پوليس کاتو ۽ واپڊا وارا هڪ جيترا مشهور، هڪ جيتري ”عزت“ ماڻڻ لڳا، ۽ هاڻي اهو ”عظيم دور“ اچي ويو آهي، جنهن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ دوران هر روز ٽنڊي ڄام ۽ ٽنڊي قيصر منجهه بجليءَ جي اوچتن جهٽڪن جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن گهر ۾ ٽي وي، موٽر، فرج، بلب، يا ڪنهن غريب جو پنکو سڙي ويندو آهي، جنهن کانپوءِ بجليءَ وارن جي لاءِ جيڪي ”لفظ“ ماڻهن جي زبان منجهان نڪرندا آهن، يقينن ڄاڻو اُهي ٻڌي اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ بلڪل نٿي اچي.
 
Back
Top