سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي نسل جي گهوڙي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جاويد بوزدار


    هندستان جي رياست پنجاب جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته مرڪزي سرڪار جي مالي مدد سان رياست ۾ گهوڙن جو هڪ فارم قائم ڪيو ويندو جتي سنڌي گهوڙي جي نسل کي پالي ان جو روانگي واپار ڪيو ويندو. ان فارم ۾ 85 آبادگار فائدو وٺي سگهندا، گهوڙا پالڻ سندن ٻيو ڌنڌو هوندو. پنجاب جي اينيمل هسبنڊري کاتي جي فنانشنل ڪمشنر ڊي ايس جسپال جو چوڻ آهي ته گهوڙن جو روانگي واپار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ حڪومت گهوڙن جو نسل وڌائڻ ۽ گهوڙن جو ڪلچر قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي.
    هندستاني پنجاب ۾ گهوڙا پالڻ جو شوق هاڻ روزي روٽي جو مسئلو بڻجي ويو آهي هندستان مان هر سال ريس جا 1300 گهوڙا پرڏيهه وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ انهن مان 200 گهوڙا پنجاب مان ايندا آهن. پنجاب ۾ اڳوڻي وڏي وزير هرچرن سنگهه برار جي خاندان سميت ڪيترائي امير ماڻهو گهوڙا پالي رهيا آهن. جڏهن ته جوڌ پور جي مهاراجا گج سنگهه جي سربراهي ۾ هارس سوسائٽي به قائم آهي. هو ملڪ ۾ موجود گهوڙن جي نسلن کي دستاويزي شڪل ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ مارواڙي (راجستان جو)، ڪاٺياواڙي (ڪڇ)، اسپتي (ڪشمير)، جهنسڪاري ۽ مڻي پوري نسل جا گهوڙا شامل آهن. سنڌي گهوڙو مارواڙي ۽ ڪاٺياواڙي گهوڙن جو سئوٽ آهي.
    گهوڙو
    گهوڙو، جنهن جو بائيولاجيڪل نالو (Equus caballus) آهي، کرن وارو مئل (کير ڏيندڙن جانور) آهي ۽ Equidae خاندان جي 8 جيئرن قسمن مان هڪ آهي. پهرين گهوڙا ۽ ٻيا سڀ جهنگلي جانور به ايئن ئي هئا جيئن اڄ ڪلهه زيبرا آهن. ماڻهو انهن جو شڪار ڪري سندن گوشت کائيندا هئا خاص طور سندن کلن لاءِ کين ماريو ويندو هو کلن کي ڪپڙن ۽ تنبوئن طور استعمال ڪيو ويندو هو. پر 4 هزار سال قبل مسيح ۾ وچ ايشيا ۾ ماڻهن گهوڙا ڌارڻ شروع ڪيا ۽ کين گهريلو بڻائي ڇڏيو. هو کين کائيندا هئا ۽ بار برداري لاءِ استعمال ڪندا هئا. پهرين گهوڙن جو قد تمام ننڍو هو ۽ هو ماڻهو کڻڻ جي قابل نه هئا ۽ کين تيستائين سواريءَ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو جيستائين سندن قد وڏو نه ٿيو ۽ ماڻهو آسانيءَ سان انهن مٿان سواري ڪرڻ جي قابل نه بڻيا. سنڌي نسل جي گهوڙي جا به ڪيترائي نسل خطري ۾ آهن ۽ مرڻ ۽ خاتمي جي ڪنڌيءَ تي پهچي چڪا آهن. ڪنهن دور ۾ سنڌي نسل جا گهوڙا سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ نظرايندا هئا جن کي سواري، گهوڙا ريس لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو پر وقت سان گڏ هي تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي ڇو ته ان جو استعمال نه رهيو آهي. انهن خطري ۾ آيل نسلن کي محفوظ بڻائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.
    سنڌي نسل جو گهوڙو
    انڊس فائونڊيشن سنڌي گهوڙي جي نسل تي ڪم ڪيو آهي ۽ لکيو اهي ته سنڌي گهوڙو سڀني جانورن ۾ وڌيڪ قدر لائق نسل جو آهي ۽ ان کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ بار برداري ۽ ٻيون مختلف خدمتون شامل آهن جن کي تمام اهم سمجهيو ويندو آهي. ورهاڱي کان اڳ گهوڙو خاص طور پوليس، آبپاشي ۽ روينيو کاتن ۾ مختلف خدمتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. حڪومتي کاتن ۾ گهوڙن لاءِ مختلف طبيلا قائم ڪيا ويندا هئا ۽ گهوڙا پالڻ ۽ سار سنڀال لاءِ خاص بجيٽ ۽ الائونس رکيا ويندا هئا. ان کان سواءِ ثقافتي ۽ روايتي ميلن ۾ گهوڙن جي ميل کي هٿي وٺرائڻ جي به هڪ خاص روايت موجود هوندي هئي. پر گذريل ڪجهه سالن کان ان روايت ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سان گهوڙن جا خفتي پنهنجا خيال ۽ شوق تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. اهو به مشاهدو ٿيو آهي ته حڪومت گهوڙا ڌارڻ، نسل وڌائڻ ۽ گهوڙن جي ريس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ ۾ سنجيده نه آهي.
    سنڌي نسل جي گهوڙي کي خطرا
    اصل ۽ ناياب سنڌي نسل جو گهوڙو ڏينهون ڏينهن مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي. ٽنڊوالهيار، ٽنڊو آدم، ٻيراني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيل سروي دوران نظر آيو ته 75 سيڪڙو سنڌي گهوڙا ختم ٿي ويا آهن ۽ مقامي سطح تي سندن نسل کي بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. اهو به مشاهدي ۾ نظر آيو ته روڊ ٺهڻ ۽ بسن، سوزوڪين ويگنن ۽ موٽر سائيڪلن جي دستيابي سبب گهوڙن جي اهميت گهٽجي وئي آهي. 30 سال اڳ اسان کي هر ڳوٺ ۾ 30 کان 40 گهوڙا ملي ويندا هئا پر هاڻ مشڪل سان هڪ يا ٻه گهوڙا هر ڳوٺ ۾ ملن ٿا. انڊس فائونڊيشن جي سروي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبي ۾ گهوڙن جا ڪجهه وڏا شوقين ماڻهو به رهن ٿا جيڪي پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ گهوڙا ڌاريو ويٺا آهن. سروي ۾ اها ڳالهه نظر آئي ته گهوڙن جي ڀيٽ ۾ گهوڙين جو انگ وڌيڪ آهي. گهوڙي جي سواري جا شوقين گهوڙي جو ڦر پنهنجي گهوڙيءَ مان حاصل ڪرڻ بدران بازار مان گهوڙي جو ڦر خريد ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته گهوڙيءَ جو ڦرو وٺڻ ۾ وقت وڌيڪ لڳندو آهي ۽ ان جي جوان ٿيڻ ۾ به وڌيڪ وقت لڳندو آهي. گهوڙي جي خفتين جو موقف آهي ته گهوڙي جو ڦر پالڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ هي تمام مهانگو شوق آهي.
    سنڌ ۾ دستياب گهوڙن جا نسل
    سنڌ ۾ گهوڙن جا مختلف نسل ملن ٿا جن مان مک نسل هن ريت آهن.
    1. عربي گهوڙو
    2. سامونڊي گهوڙو
    3. سنڌي ڪاٺياواڙي گهوڙو
    4. ڳاڙهو گهوڙو
    5. کارائي گهوڙو

    ان کان سواءِ سنڌي گهوڙي جا مختلف قسم به آهن جن ۾ هي آهن.
    1. هڪ تارو گهوڙو (هي ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ سلم هوندو آهي)
    2. ڏورڙو (هي عربي گهوڙي جي نسل جو هڪ قسم آهي)
    3. سنڌي يا کارائي گهوڙو.
    سنڌي گهوڙي جي پنڌ يا ڊڪڻ جا قسم
    سنڌي نسل جو گهوڙو پنهنجي پنڌ ۽ ڊڪڻ واري انداز جي حوالي سان سڄي دنيا جي گهوڙن کان مختلف آهي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ سنڌي گهوڙن جي سوارن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي ايترا ته هنرمند آهن جو گهوڙي جي چال ئي سڄي دنيا کان مختلف ڪري ڇڏيندا آهن. سنڌي نسل جي گهوڙي جون 6 شروعاتي چالون آهن جن کي هر سنڌي گهوڙي جي بنيادي ۽ ابتدائي سطح واريون چالون قرار ڏنو ويو آهي. اهي ڇهه مرحلا نه رڳو سيکارڻ ۾ وقت وٺن ٿا پر عمل ڪرڻ ۾ ڏکيا به آهن. سنڌي نسل جي گهوڙن جي پنڌ ۽ ڀڄڻ جا ٻه قسم آهن.
    (1) وريڙيو: هي چال تمام متوازن هوندي آهي ۽ سوار کي سواري دوران آرام محسوس ٿيندو آهي.
    (2) چوباز: هي تمام تيز چال آهي ۽ ان دوران سواري ڪرڻ ڪجهه ڏکيو ڪم آهي. سنڌي نسل جو گهوڙو اهي ٻئي چالون هلندو آهي جيڪو سوارن جي دل هر کائي وجهندو آهي.
    انڊس فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته سنڌي گهوڙي جي خاص سڃاڻپ آهي پر هن وقت هن ناياب گهوڙي کي اڻ ڳڻيا خطرا درپيش آهن. ٽيڪنالاجي جي ترقي، شهرن جي وڌندڙ آبادي، روڊ نيٽ ورڪنگ، تيز ٽرانسپورٽ جي دستيابي جي ڪري ماڻهو ماضي جيان گهوڙن جي روايتي استعمال جي ضرورت محسوس نه ٿا ڪن. هو گهوڙو وڪڻي گاڏي خريد ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. ان رويي جي ڪري گهوڙي جي هن بهترين نسل کي خطرا وڌي ويا آهن. هن وقت تمام گهٽ ماڻهو گهوڙا پنهنجي اصطبلن ۾ ڌارين ۽ سندن سهڻي نموني رکوالي ڪن ٿا، پر ماڻهن جي اڪثريت پنهنجو ذهين تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌي نسل جي گهوڙي جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ سنڌي گهوڙي سواري جا جديد بنيادن تي دستاويز تيار ڪيا پيا وڃن.
    اتر سنڌ م گهوڙن جا شوقين
    سنڌ جي اترئين حصي ۾ به گهوڙن جو شوق موجود آهي ۽ ڪجهه اهم سياسي شخصيتون به گهوڙا ڌارينديون ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائينديون رهيون آهن.
    ضلعو شهيد بينظير آباد
    آصف علي زرداري (نوابشاهه)، بابل خان انڙ (کڏهر تعلقه سڪرنڊ)، رئيس محمد صالح انڙ (کڏهر)، ڏاڏو حاجن انڙ (کڏهر)، رئيس حاجي الهه بچايو انڙ (کڏهر)، رئيس منظور حسين انڙ (کڏهر)، حاجي غلام نبي راهو (ڳوٺ صابو راهو نوابشاهه) بشارت خان زرداري (ضلعو شهيد بينظير آباد)، رئيس رضا محمد زرداري، رئيس سلام خان زرداري، رئيس الهه بخش ڏاهري سخي صوبدار مري (32 موري نوابشاهه) محبوب حسين گپچاڻي (گپچاڻي اسٽاپ)، نور نبي گپچاڻي (نوابشاهه)، رئيس علي خان گپچاڻي، فقير مدد علي رند (هوت فقير ڳوٺ)، زوار شاهه علي رند (ڳوٺ هوت فقير)، زوار ميوو خان رند (ڳوٺ هوت فقير) لالا الهيار رند (ڳوٺ هوت فقير ضلعو شهيد بينظير آباد)، سيد غلام سرور شاهه، دينارو خان زرداري، گلڻ ڄام ڪيريو، ميان خان، جمالي مير مقبول جمالي (شهيد بينظير آباد)، جاڙو خان زرداري، عطا محمد ڏاهري (ڳوٺ مشڪ شهيد بينظير آباد)، حنيف ڏاهري، رئيس عبداللطيف مري (ڳوٺ مري آباد)، رئيس عبدالرحمان لاشاري (ڳوٺ رئيس عبدالله لاشاري) سائين آفتاب شاهه (شهيد بينظير آباد ضلعو)، سيد فدا حسين شاهه (ٽه موڙ ضلعو شهيد بينظير آباد)، محمد ابراهيم ڏاهري (ڳوٺ ڪاٺڙي ضلعو شهيد بينظير آباد)، الهه وڌايو وڳڻ (ڳوٺ دريا خان ۽ رئيس محمد اشرف جمالي (ٻانڌي ضلعو شهيد بينظير آباد).
    ضلعو نوشهروفيروز
    عبدالقادر لنڊ (مورو)، رئيس روشن خان بهڻ (مورو)، حاجي رحمت الله بهڻ (مورو) بخشل فقير کوسو (مورو)، احمد خان لاشاري (مورو)، شيرخان جتوئي (مورو) ڪمال خان چانڊيو (مورو)، سليمان خان ٽڳڙ (ڳوٺ وڏا ٽڳڙ)، آصف علي پنهور (نوشهروفيروز)، نبن جتوئي (مورو) پيرل جتوئي (مورو)، پير ڪمال شاهه (نوشهروفيروز)، رئيس شيرخان ڀرٽ (ڳوٺ ڀورٽي نوشهروفيروز) ۽ نورل خان ڀرٽ (پورٽي)
    دادو ضلعو
    حاجي محمد بخش پنهور (ڦلجي اسٽيشن دادو)، محمد صالح ٻگهيو (ڀان سعيد آباد)، حاجي احمد شورو (ڀان سعيد آباد)، رئيس مٺو خان رودناڻي (ڪاڇو دادو) حاجي يوسف مماڻي (جوهي)، فقير غلام حيدر گاڏهي (خيرپور ناٿن شاهه)، سهيل احمد سومرو (شاهه پنجو سلطان ميهڙ) سڪندر علي سومرو (شاهه پنجو سلطان) رئيس نادر خان لاکير (راڌڻ دادو)، اسد خان جتوئي (ٻيٽو جتوئي) پکر خان چانڊيو (ٿرڙي محبت) ۽ امداد علي ڳورڙ (ٿرڙي محبت).
    ضلعو ڪنڌڪوٽ- ڪشمور
    سيف الدين سهرياڻي (ڪنڌڪوٽ)، شهباز، خان سهرياڻي (ڪنڌڪوٽ)، استاد قادن متيرو (ڪنڌڪوٽ)، مير عبدالجبار سندراڻي (ڪنڌڪوٽ) ۽ محمد ياسين محمداڻي (ڪنڌڪوٽ)
    ضلعو لاڙڪاڻو
    امان الله ڪلهوڙو (لاڙڪاڻو)، نصير خان جتوئي (ڳوٺ آغا خان جتوئي لاڙڪاڻو) ۽ عبيد الله جتوئي (محراب پور لاڙڪاڻو)
    ضلعو شڪارپور
    عبدالجبار پٺاڻ (شڪارپور)، بابل اوٺو (شڪارپور) ۽ فهيم خان مهر (شڪارپور)
    ضلعو خيرپور
    شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳارو (پير ڳوٺ) سيد انصاف علي شاهه (خيرپور) عبدالحسين مري (ٽنڊو مستي)، عطا حسين ڏيپر (خيرپور)، غلام شبير ٻانڀڻ (ظفر آباد خيرپور)، استاد غلام حيدر ابڙو (ظفر آباد)، محمد نواز ٻانڀڻ (ظفر آباد) رئيس محمد عيسيٰ راڄپر (ظفر آباد)، عباس علي راڄپر (ظفر آباد)، ماستر نعيم جوڳي (ٺري ميرواهه)، سونو خان جوڳي (ٺري ميرواهه)، غلام اڪبر لاشاري (ڪرونڊي خيرپور)، رئيس الهه بخش کوکر (خوش خيرمحمد ڳوٺ)، قلندر بخش کوکر (خوش خيرمحمد ڳوٺ) ۽ غلام عباس ڌاريجو (ظفر آباد).
    ضلعو سکر
    محمد سليم ڪنبوهه (سکر)، سيد منگهن شاهه (روهڙي)، موٽڻ خان ڀنڀرو (صالح پٽ)، غلام عابد شنباڻي (صالح پٽ)، غلام نبي شنباڻي (صالح پٽ) ۽ ڦلڻ ڀنڀرو (صالح پٽ).
    گهوٽڪي ضلعو
    بگن خان شر (ڏهرڪي)، فقير محمد مهر (ڏهرڪي)، محمد دين شر (ڏهرڪي)، غفار خان شر (ڏهرڪي)، شعيب خان ڏهر (اوٻاوڙو)، ميان عبدالحق عرف ميان مٺو (اوٻاوڙو)، مير هزار خان سبزوئي (گهوٽڪي) ۽ ڄام صاحب خان ڏهر (گهوٽڪي).
    جيڪب آباد ضلعو
    علي مراد خان ڪنڊراڻي (ٺل)، سردار شفقت خان جکراڻي (جيڪب آباد)، مير منظور خان پنهور (جيڪب آباد)، نادر خان کوسو (جيڪب آباد) ۽ نثار خان کوسو (جيڪب آباد).
    ڪشمور
    ولي محمد جکراڻي (بخشاپور)، عنايت علي جکراڻي (ڪشمور)، آزاد خان ڊومڪي (ڪشمور)، ذاڪر خان جکراڻي (بخشاپور) ڀورو خان جکراڻي (بخشاپور) ۽ نبي طالب خان جکراڻي (بخشاپور).
    ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
    سيد غريب شاهه.
    لاڙ ۽ وچولي ۾ گهوڙن جا شوقين
    سنڌ ۾ گهوڙا ڌارڻ ۽ پالڻ جو شوق جيتوڻيڪ زوال پذير آهي پر اڃا به ڪيترائي ماڻهو گهوڙا پالڻ جا شوقين آهن يا رهيا آهن. اهڙن ئي ڪجهه ماڻهن جا نالا هتي پيش ڪجن ٿا ته جيئن عام ماڻهو به کانئن آگاهه ٿي سگهن.
    ضلعو بدين
    بشر احمد هاليپوٽو (ڳوٺ ڦلڪارا تعلقو ماتلي) پير علي بخش عرف پپو شاهه (درگاهه ميان علي پوٽا)، علي ڏنو چانڊيو (ڪڍڻ)، پوڙهو جوڻيجو، عبدالحڪيم جوڻيجو، سيد علي قطب شاهه (ماتلي)، جاويد احمد جهيجو (ماتلي)، چاڪر خان ڪلوئي (ماتلي)، حاجي ڪريم بخش سهتو (ڦلڪارا)، علي حسن هاليپوٽو (ماتلي)، حاجي محمد هاليپوٽو (ڦلڪارا ماتلي)، انور خان جمالي (ماتلي).
    ضلعو ميرپورخاص
    يوسف خان چانڊيو (ڪنري)، شاهه بيگ چانڊيو (ڪنري)، لياقت علي خان چانڊيو (ڳوٺ امير سلطان چانڊيو) ڪنري)، بابو خان وساڻ (ڳوٺ کاڻ ميرپور خاص)، چوڌري نويد الزمان (جهڏو)، علي محمد نونداڻي (ڪپري موري ميرپورخاص)، حاجي محمد حسن لغاري (جهڏو)، غلام محمد ڀرڳوڙي (ڳوٺ محمد هاشم ڀرڳڙي ميرپورخاص).
    ضلعو سانگهڙ
    محمد لائق چانڊيو (سانگهڙ)، سيد مٺل شاهه (بهرام بري سانگهڙ)، سيف الملوڪ فقير جوڻيجو (ڳوٺ سيف الملوڪ فقير جوڻيجو بهرام بري)، محمد ابراهيم قريشي (شهدادپور) ڀائي خان وساڻ (ڳوٺ ڀائي خان وساڻ)، ڏاڏو ملڪ ٿيٻو (ڳوٺ ملڪ ٿيٻو ٽنڊوآدم)، ڏاڏو عنايت مري (ٽنڊو آدم)، نياز حسين مري (ٽنڊوآدم)، حاجي سائين بخش مري (کاهي سانگهڙ) رمضان مري (داڳ پٺاڻ سانگهڙ) حاجي سائينداد مري (لعل خان شاخ سانگهڙ) حاجي سائين بخش جوڻيجو (شاهه موڙ سانگهڙ)، حاجي خان ڪپري (ڪپري اسٽاف شهدادپور) ماستر سڄڻ زرداري (سرهاري)، عالم خان لاشاري (ڳوٺ لاشاري شهدادپور)، انور خان لاشاري (شهدادپور)، جان محمد زرداري (سرهاري)، زوار حبدار زرداري (سرهاري)، سانوڻ خان زرداري (لنڊو شهدادپور)، حاجي محمد علي راڄڙ (ڳوٺ حسين بخش راڄڙ کپرو)، نذير قائم خاني (ڪنڊياري)، امير وساڻ (ڪنڊياري)، پپو هڱورو (کپرو)، لالا خان وساڻ (وساڻ محلا سانگهڙ)، سيد هاشم شاهه (ڳوٺ پناهه شاهه سانگهڙ)، سيد پنهل شاهه (ڳوٺ پناهه شاهه)، گل حسن سيال (ڳوٺ پناهه شاهه)، رازق ڏنو سيال (ڳوٺ پناهه شاهه)، صادق سيال (ڳوٺ پناهه شاهه)، شڪيل احمد مري (ڳوٺ مير حسن مري ٽنڊوآدم) محمد خان جوڻيجو ولد مرحوم شاهه نواز جوڻيجو (ڳوٺ سنجر جوڻيجو ٽنڊوآدم)، شاهه جهان جوڻيجو (ڳوٺ سنجر جوڻيجو)، بابر خان جوڻيجو (سنجر جوڻيجو)، محمد خان ٻرڙو (ڳوٺ ڪمال خان ٻرڙو، سانگهڙ)، احمد خان ٻرڙو (ڪمال ٻرڙو ڳوٺ)، محمد صالح وساڻ (ڳوٺ محمد صالح وساڻ ڪنڊياري) مير مقبول خان جمالي (سرهاري).
    ضلعو عمر ڪوٽ
    احمد خان مڱريو (ڳوٺ فقير تڙڪو مڱريو عمرڪوٽ)، محمد ابراهيم مڱريو (عمرڪوٽ) صوفي حيدر بخش (عمرڪوٽ)، قمبر ڪپري (ڀٽا ڪنري)، دين محمد رند (ڳوٺ دين محمد رند ڪنري) ۽ سرور پلي (ڳوٺ عبدالڪريم پلي عمرڪوٽ).
    ضلعو ڄامشورو
    ملڪ راجا (ٿاڻو بولا خان)، ملڪ پهاڙ (ٿاڻو بولاخان).
    ضلعو ٺٽو
    گل حسن پنهور (ڳوٺ پير پٺو ٺٽو)، عبدالله خان چانڊيو (ڳوٺ ور ٺٽو)، رئيس لعل محمد ٻگهاڻ (ميرپور ساڪرو) ۽ ايس ايڇ او نوتڪ خان نوتڪاڻي (ميرپور ساڪرو)
    ضلعو حيدرآباد
    گاجي خان ميرپوٽو (ڳوٺ گاجي خان ميرپوٽو ٽنڊو ڄام)، سيد نبي شاهه، مير خان کوسو (حيدرآباد)، حاجي علي محمد پهوڙ (ڳوٺ راول پنهوڙ حيدرآباد)، لالو پيرل پٺاڻ (حيدرآباد) فقير يارمحمد دريائي (جهڻ موري حيدرآباد) ۽ عالم لغاري (جهڻ موري حيدرآباد).
    ضلعو مٽياري
    عبدالرحمان ڏيٿو (پليجاڻي اسٽيشن مٽياري)، محمد حنيف ڇٽو (پليجاڻي اسٽيشن)، پريو جاکرو (مٽياري)، محمد هاشم سمون (سيکاٽ) نصرالله سمون (سيکاٽ مٽياري)، فقير قمرالدين نوح پوٽو (درگاهه نو هوٿياڻي کيبر مٽياري) ۽ مخدوم غلام محي الدين (هالا).
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي نسل جي گهوڙي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو

    دوست عرس پريا صاحب، جبار بوزدار جو لکيل هي مضمون معلوماتي سان گڏ دلچسپ پڻ آهي، باقي رهي سنڌ جي گهوڙن جي ختم ٿيندڙ نسل جي ته ۔ اي دوستو! سنڌي ماڻهن جو نسل خطري ۾ آهي ته باقي گهوڙا ڪهڙي موڙي ۔۔۔ جنهن قوم جي قيمتي شئي ان قوم جي هٿن جي بجا ڌارين جي هٿ ۾ هوندي آهي ته انجي واڌ ۽ ويجهه جا رستا بند ٿي ويندا آهن ۔۔۔ زنده ۽ آزاد قومون پنهنجي هر شئي جي سنڀال ڪنديون آهن ۽ انهن جي استعمال جا نت نوان رستا ڳولهينديون آهن ۔۔۔۔

    وڌيڪ سنگت پاڻ سياڻي آهي، باقي سنڌ جي گهوڙن جي نسل جي تباهي جو ڏک ضرور ڪرڻ گهرجي، جيڪو اسانجي هٿ وس آهي ۔۔۔۔

    لک ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي نسل جي گهوڙي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو



    دنيا جون قومون نه فقط پنهنجي افرادي قوت کي سگهارو ڪنديون آهن پر ان قوم وٽ موجود سڀ وسيلا ختم ٿيڻ جي بجاءِ ترقي ڪندا آهن، انهن جي استعمال لاءِ نت نوان رستا ڳولهيا ويندا آهن، هن وقت ترقي يافته قومن وٽ اڄ به گهوڙي جو مختلف طريقن سان استعمال ٿئي ٿو جنهن ۾ رانديون، سفر، باربرداري ۽ گهوڙي ڊوڙ کان علاوه ڪئي اهڙا کيل متعارف ڪرايا ويا آهن جو ڏسندڙ حيران ٿي وڃي ... پر هاءِ افسوس سنڌ ۽ سنڌ جا وسيلا ....؟؟؟؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي نسل جي گهوڙي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو

    تمام سٺو مضمون

    پر يار عرس هاڻي گهوڙا رکڻ ۽ انهن جي سار سنڀال ڪرڻ به تمام گهڻو مهانگو ٿوپوي۔ مون ڪڏهن گهوڙي سواري ته ڪانه ڪئي آهي پر جڏهن خيرپور ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسون ته سول اسپتال کان پنجگوله چوڪ تائين ٽانگه هلندا هئا۔ اسان تيسين انتظار ڪندا هئاسون ۽ ٻين بگين ۾ نه چڙهندا هئاسون سواء چونڊ بگين جي جنهن جا گهوڙا بهترين ۽ تيز هلندڙ هوندا هئا۔

    مضمون ۾ مٿي عبدالحسين مريء جو ذڪر آيل آهي، مان ٻڌائيندو هلان ته مرين جا ٽنڊو مستي ۽ ان جي آسپاس گهڻا ڳوٺ آهن ۽ اسان جي ساڻن وڏڙن جي دور کان نيازمندي آهي۔ جڏهن به ڪا شادي مرادي يا غمي ٿيندي هئي ته هو گهوڙن تي ايندا هئا ۽ گهوڙن جي سنڀال لاء خاص نوڪر رکيل هوندا هين۔

    پر هاڻي ته هرڪو ڪار يا وري موٽر سائيڪل تي ٿو اچي ۽ ان ئي ڏينهن واپسي ۔۔۔۔۔ رات رهڻ جون ڄڻ ته ريتون ئي ختم ٿي ويو آهي۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي نسل جي گهوڙي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو

    هائي گهوڙا ڪرڻ سان به هاڻي ڪو حل نه ٿو نڪري۔۔۔ ان ڪري جديد ٽيڪنالاجي کي ئي استعمال ڪجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو