باصلاحيت سنڌياڻي

'سنڌياڻي' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]
    ڪلاونتي راجا پهوار


    اڄ اسان اوهان جي آڏو هڪ مڻيادار شخصيت آڻي رهيا آهيون، جنهن علم جي طاقت سان نه رڳو پاڻ کي نکاريو پر هاڻ ڏکويل انسانيت جي به مدد ڪري رهي آهي. اها شخصيت آهي ڪلاونتي راجا پهوار، جيڪا شيڊيول ڪاسٽ جي پهرين سماج سڌارڪ ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پهرين عورت آهي.
    ڪلاونتي 23 مارچ 1974ع تي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ بوزدار وڏا ۾ جنم ورتو، هوءَ ذات جي پهوار آهي هي ذات ميگهواڙ قبيلي جي شاخ آهي. مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي سن 2000ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيمسٽري ۾ ايم ايس سي ڪيائين. سندس شادي سندس ئي قبيلي جي اين اي ڊي يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ماسٽرز ڪندڙ پهرئين شخص انجنيئر رميش راجا سان ٿي جنهن کان پوءِ هن ڪراچي ۾ رهڻ شروع ڪيو.
    ڪلامتي پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو ڇوڪرين جي تعليم، انساني حقن، صحت، عورتن جي معاملن ۽ آبادي تي ڪنٽرول لاءِ ڪم ڪندي گذاريو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي هن عورتن کي پنهنجا مسئلا پيش ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو ۽ عورتن کي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پنهنجا مسئلا پيش ڪرڻ لاءِ ان همٿايو آهي هوءَ شيڊولڊ ڪاسٽس فيڊريشن آف پاڪستان جي نائب صدر، لاکيشور سوشل، ڪلچرل اينڊ ايجوڪيشنل ايسوسيئيشن ضلعي خير پور جي مرڪزي صدر ۽ سگا وومين ونگ جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر رهي آهي. سندس عورتن جي برابري جي حقن ۽ عورت جو مان مرتبو حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جي هر طرف واکاڻ ڪئي وئي آهي، هن نيپال، ٿائيلينڊ، هندستان ۽ بنگلاديش ۾ ٿيل دلت وومين رائيٽس عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي جتي هوءَ پاڪستان دلت سوليڊرٽي نيٽ ورڪ (وومين ونگ) جي آرگنائيزر ۽ ايشين وومين ايسوسي ايشن آف ايڪسڪليوڊڊ ڪميونٽيز جي ڪوآرڊينيٽر بڻي. هن پنهنجا جذبا سنڌي پريس ۾ لفظن جي روپ ۾ شايع ڪرايا آهن. سندس عورتن ۽ پوئتي پيل برادرين جي لاءِ ڪيل ڪم کي مڃتا به ملي آهي ۽ کيس 2005ع ۾ ڀڳت ڪبير ڪانفرنس ۾ امروير لڌا رام ايوارڊ ڏنو ويو.
    ڪلاونتي جو خيال آهي ته جيڪڏهن منهنجو واسطو جاگيردار خاندان سان هجي ها ته ماڻهو منهنجي ذات جلد ياد ڪري وٺن ها پر هيٺين ڪلاس جي خاندانن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. آئون عزت، احترام ۽ ساک سان رهڻ چاهيان ٿي ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس ته ماڻهن کي نااميد ٿيڻ نه ڏيان.
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: باصلاحيت سنڌياڻي

    سنڌ جي هن نياڻيء کي سلام آهي

    بلڪل سچ چيو اٿس ته اسان جي اهڙين قومن مان انيدڙ عورتن کي شهرت ملڻ تمام ڏکي آهي پر اسان محترمه ڪلانوتي کي سندس ڪيل محنت ۽ ڪاوشن تي سلام ٿا پيش ڪيون ۽ سندس لاء نيڪ خواهشون۔
     
  3. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باصلاحيت سنڌياڻي

    ادي ڪلاونتيئ کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪريان ٿو
    سنڌ امڙ کي اهڙين گهڻين نياڻين جي ضرورت آهي
     
  4. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باصلاحيت سنڌياڻي

    ادي ڪلاونتيئ کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪريان ٿو
    سنڌ امڙ کي اهڙين گهڻين نياڻين جي ضرورت آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو