تنهنجو پيار ڪيئن شروع ٿيو؟ درياهه جي مست لهرن ۾؟ رڻ پٽ ۾ ساڙيندڙ سج هيٺان؟ رڃ واري هنڌ؟ تو پنهنجو پرين ڪٿي لڌو؟ ساهه ۾ ۽ ساهه هو آهي... هي لفظ ڀٽائي جي هڪ بيت جي معنيٰ آهن. هي طاقتور لفظ نثر ۾ اهڙو اثر رکن ٿا ته نظم ۽ سو به راڳ دوران ڪيترو اثر رکندا هوندا ان جو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو سڀ ڪجهه صوفيت ۽ جادو سان ڀريل هڪ شام ۾ ٿيو جتي ماڻهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام مان لطف ۽ مسرت ماڻي رهيا هئا. ان جو عنوان ڏاڍي سليقي سان ”پرينءَ جي ڳولا ۾“ رکيو ويو هو. ان پروگرام ۾ ڪيترائي پيار جا ديوتا موجود هئا ۽ هنن شاعر کي نظمن، ڀڄنن ۽ گيتن جي شڪل ۾ ٻڌو. ان پروگرام جو انتظام سنڌي ڪلچر فائونڊيشن، نيشنل سينٽر فار بائيولاجيڪل سائنسز ۽ دي ڪيير پراجيڪٽ ڪيو هو. هي پروگرام پنهنجو مٽ پاڻ هو ڇاڪاڻ ته شهر پهريون ڀيرو ڪڇ جي لوڪ راڳين جي پرفارمنس ڏٺي. پروگرام ٻڌندڙن مان هڪ شخص جو ردعمل هو ته شاهه عبدالليف ڀٽائي جي شاعري ڪڇ جي ڪجهه خاندانن ئي محفوظ ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو، ان ڪري ئي هي پروگرام انمول آهي ڇاڪاڻ ته اسان روز روز اهڙن فنڪارن کي ته ٿا ٻڌي سگهون. ڪجهه ماڻهو ٻولي سمجهه ۾ نه اچڻ جي ڪري ٿورا بيچين رهيا پر هيئن ته پروگرام جو موضوع پيار هو ان لاءِ ماڻهن جي اڪثريت پروگرام مان مزو ماڻيو. پروفيشنل عورت ڪارٿيڪا جو چوڻ هو ته پيار ڪنهن به ٻولي ۾ هجي اهو خوبصورت لڳندو آهي ٻيو ته صوفياڻي موسيقي ٻوليءَ جي محتاج ناهي اها موسيقي جو روح محسوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي ۽ اها پاڻ ئي ماڻهن کي گڏ ڪري وٺندي آهي. هن صوفياڻي سفر مورالا مرودا، مٺا خان ۽ سومر خان جهڙن مشهور فنڪارن کي ڏٺو جن ڀٽائيءَ جي پيار ڀرين بيتن جا ڪيترائي نوان رخ سامهون آندا. شام جي شروعات ڪبير جي ڀڄن ”هلوني موري سجني“ (دوست اڄ ته پرينءَ جي ديس هلون) سان ٿي جيڪو مورا لالا مرودا ۽ ساٿين پيش ڪيو. آهستي آهستي گروپ شاهه لطيف تائين پهتو ۽ ڪيترن ئي عظيم پيار پوڄارين کي به ياد ڪيو. ڪبير پراجيڪٽ جي شبنم جو چوڻ هو ته شاهه لطيف جيڪي به پيار جا بيت چيا آهن اهي سڀ سچا واقعا آهن. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڪهاڻيون ايتريون ته گاڏڙجي ويون جو اهي خيالي ٿيون لڳن، پر شاهه لطيف انهن پيار ڪهاڻين مان مک لمحن جي چونڊ ڪري انهن کي لازوال بڻائي ڇڏيو. شاعري جي پڙهڻي، عمر ماروي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار ۽ مومل راڻو جهڙن دلچسپ قصن بابت شاعري اتي موجود هر شخص جي دل کي ڇهي ورتو هو. ڀٽائي جو انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ انجو ماکيجا جو چوڻ آهي ته مون جڏهن شاهه لطيف جا بيت پهريون ڀيرو پڙهيا ته آئون موهت ٿي پيس. پوءِ مون هڪ بزرگ شخص کي چيو ته شاعر جي ڪم جو ترجمو ڪريو ته هو تمام فڪرمند ٿي ويو. پر ڀٽائي پيار آهي جنهن مون کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. پروگرام جي آخر ۾ رات جي سنڌي ماني کارائي وئي، ان موقعي تي اسٽال به لڳل هئا جن تي سي ڊيون، ڪتاب ۽ شاهه لطيف جا بيت پرنٽ ٿيل شرٽون وڪرو ڪيون پئي ويون. (عوامي آواز)
جواب: شاهه لطيف جي پيار جو جادو هندستانين کي به مست ڪري ويو لطيف جي پيار جو جادو سڄي دنيا کي مست ڪرڻ لاءِ آهي، سندس پيغام ۾ پيار ۽ بين الاقواميت ۽ مذهبي سهپ جو فڪر تمام اعلا آهي، سنڌين وٽ لطيف جي صورت ۾ اهڙو پيغام آهي جنهن لاءِ سنڌ جي مفڪرن سنڌين کي دنيا جي رهبري ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي ۔۔۔ لطيف پيار ۽ انساني احساسن جو شاعر آهي ۔۔۔ هن وٽ انسانيت پيار جو نشان آهي ۔۔۔ ساه سين سڃاڻان، پساه سان پسان پرين، اهــي ٻــه ٽـــاڻـــان، اچــــي رهــيـــا روح ۾۔ آسا