ڪينيا جي مائي جوري (الطاف شيخ)

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]اسان جڏهن نائن اليون، القاعده، افغانستان واري جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڪينيا جي هن شهر نئروبي کي به ياد ڪيون ٿا جتي 7 آگسٽ 1998ع تي آمريڪا جي سفارتخاني تي بم سان حملو ڪري سفارتخاني جي عمارت کي تباهه ڪيو ويو، جنهن ۾ 12 آمريڪين سميت 212 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4000 زخمي ٿيا.
    بمن جا هي ڌماڪا ڏهن منٽن جي وٿيءَ سان آفريڪا ۾ ٻن آمريڪي سفارتخانن تي ٿيا. هڪ هتي نئروبيءَ ۾ ۽ ٻيو ڀر واري ملڪ تنزانيا جي شهر دارالسلام ۾، جتي به 11 کن ماڻهو مارجي ويا ۽ 85 زخمي ٿي پيا. هنن بمن جو واسطو مصر جي اسلامڪ جهاد سان جوڙيو ويو، جنهن جا ماسٽر مائينڊ اوساما بن لادن ۽ ايمن الزواهري قرار ڏنا ويا. هن حملي جي جواب ۾ آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن ڪروز ميزائيل ذريعي سوڊان ۽ افغانستان تي حملو ڪيو. سوڊان ۾ انهن ميزائيلن اتي جي الشفا فارماسوٽيڪل فئڪٽري تباهه ڪئي جنهن ۾ سوڊان جي ماڻهن ۽ جانورن جي بيمارين جون 85 سيڪڙو دوائون ٺهيون ٿي. ڪلنٽن جي انتظاميا اهو ئي چيو ته هنن وٽ ثبوت موجود آهن ته هن فئڪٽري ۾ ڪيميائي هٿيار ٺهن ٿا، پر ميزائيلن جي ڪيل تباهيءَ بعد جڏهن چڱي طرح تفتيش ڪئي وئي ته خبر پيئي ته آمريڪا جي انٽليجنس ڊپارٽمنٽ جي اها رپورٽ غير اعتبار جوڳي هئي.
    نئروبيءَ ۾ هاڻ جيڪا آمريڪا جي ايمبسي آهي، اها نئين هنڌ تي نئين ٺاهي وئي آهي. پراڻي تباهه ٿيل ايمبسي (سفارتخاني) جي جاءِ تي يادگار طور ”ميموريل پارڪ“ ٺاهيو ويو آهي.
    جيئن ڪراچيءَ جو مرڪز، صدر وارو علائقو چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح نئروبي شهر جو وچ ”سٽي اسڪائر“ آهي. جتان چوڌاري شهر ٻاهر ڏي وڌيو آهي. ڪينيا جي پارليامينٽ بلڊنگ، هولي فئملي ڪئٿيڊرل، نئروبي سٽي هال، نئروبي جون ڪورٽون، ڪينياتا ڪانفرنس سينٽر جهڙيون اهم عمارتون، هتي سٽي اسڪائر ۾ آهن. جيئن ڪراچيءَ جو شهر ڪلفٽن، ڪياماڙي، چاڪيواڙي، رنڇوڙ لائين، ناظم آباد، لياقت آباد، ملير، ماريپور جهڙن علائقن ۾ ورهايل آهي، تيئن نئروبيءَ جا اهم علائقا آهن: مڪادار، ڪامُوڪنجي، لنگاتا، ويسٽ لئنڊس، ڪاساراني، ايمباڪاسي وغيره. ڪيترن علائقن، عمارتن ۽ رستن جا انگريزي نالا آهن، جن سان برٽش راج جون يادون وابسته آهن.
    نئروبي خوبصورت پارڪن ۽ باغن جو شهر آهي، شايد ان ڪري نئروبيءَ کي “Green City in the Sun” به سڏيو وڃي ٿو. روڊ رستن تي به گهاٽا وڻ نظر اچن ٿا. شهر مان درياءُ وهي ٿو. خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهوئي مينهن وسي ٿو. اتاهين ليول تي هجڻ ڪري ٿڌڪار آهي. هڪ ڌارئين کي نئروبي ۾ لهڻ تي، ڪارا ماڻهو ڏسي ”نئروبي“ آفريڪا جو شهر لڳي ٿو نه ته نئروبي يورپ جي شهر جو ڏيک ڏئي ٿو. جيئن اڄ ڪلهه ڪوالالمپور، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور ٿي پيا آهن. شهر ۾ کلا ميدان جام آهن. لڳي ٿو، نئروبي شهر لئنڊ مافيا کان بچيل آهي. ظاهري طرح ته آفريڪي شهر آهي ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جا حال پورا سارا آهن، پر ڪينيا ۾ وري به قانون قاعدو سخت آهي، ان ڪري ان جي نئروبي، ممباسا توڙي ٻين شهرن جي رونق ۽ سونهن برقرار آهي. نئروبيءَ جو سڀ کان بهترين پارڪ اوهورو (Uhuru) پارڪ آهي. اوهورو جي معنيٰ آزادي آهي. عوام کي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي ته لنڊن جي هائيڊ پارڪ وانگر ماڻهو هتي اچي مظاهرا ڪندا آهن ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪندا آهن. هن پارڪ جي وچ ۾ ملڪ جي اڳئين صدر ڊئنيل آراپ موئيءَ پنهنجي سياسي پارٽيKANU جي لاءِ 62 ماڙ هيڊ ڪوارٽر ٺاهي پارڪ جي ستياناس ٿي ڪئي، پر عوام گوڙ ڪيو، خاص ڪري ”مئڊم اومگاري ماٿائيءَ“ صدر خلاف وڏي مهم هلائي جنهن ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. ماٿائيءَ جي ان قسم جي جدوجهد ۽ عوام جو ساٿ ڏيڻ جي خدمتن جي بدلي ۾ کيس 2004ع جو نوبل امن ايوارڊ مليو.
    ماٿائي (سڄو نالو Wangari Muta Maathai) لاءِ سال 2004ع ۾ جيئن ئي نوبل انعام جو اعلان ٿيو ته سڀني کي، خاص ڪري آفريڪا جي شيدين کي، بيحد خوشي ٿي جو هيءَ پهرين آفريڪن عورت هئي جنهن کي هيڏي وڏي انعام لاءِ چونڊيو ويو هو. اسان کي به اهو معلوم ڪري ته هوءَ ڪينيا جي آهي هورا کورا ٿي ته ڪهڙي شهر جي آهي. هو ڇا پڙهيل ڳڙهيل آهي. هوءَ ڪهڙي نوڪريءَ ۾ آهي ۽ هن امن لاءِ ڪهڙيون خذمتون انجام ڏنيون آهن.
    ماٿائيءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هوءَ هڪ غريب جي گهر ۾ ڄائي، جنهن جي پيءُ هڪ انگريز جي فارم تي ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪيو ٿي ۽ هڪ اهڙي ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهيو ٿي جتي ڪو پرائمري تعليم به مشڪل سان حاصل ڪري سگهي.
    ماٿائي اڳتيهلي اعلي تعليم يافته عورت ثابت ٿي ۽ ڪينيا جي پهرين عورت آهي جنهن ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) ڪئي.
    ماٿائي پهرين اپريل 1940ع تي ڪينيا جي نائيري (Nyeri) ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ وانگاري مُوتا نالي سان ڄائي. سندس واسطو ڪي ڪُويو (Kikuyo) قبيلي سان آهي. جنهن سان هن ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا جو پڻ هو. ماٿائي جي پيءُ ٻنين تي مزوري ڪئي ٿي ۽ ماٿائيءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ ماءُ جي ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. يارهن سالن جي ٿي ته کيس نائيري شهر ۾ هڪ عيسائين جي بورڊنگ اسڪول ۾ رکيو ويو، جتي کيس عيسائي بڻائي ميري جوزفين نالو رکيو ويو. هِن اسڪول ۽ بعد ۾ ڪاليج ۾ اول پوزيشن کنئي. ان بعد هن ڪمپالا جي ”يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا“ ۾ داخلا وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. هي 1960ع وارو زمانو هو،آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريز راڄ آخري پساهن ۾ اچي رهيو هو. ڪينيا جي هڪ سياستدان ٽام بويا اها ڪوشش ورتي ته سندس وطن جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ گهرايو وڃي.
    (هلندڙ)
    [/JUSTIFY]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪينيا جي مائي جوري (الطاف شيخ)

    ادا سٺو ليک آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو