جدائي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

يار جدائي سور ٿئي
هي تنهائي سور ٿئي

ويهي تون ٿو ڳائين جيڪا
عشق جي وائي سور ٿئي

ميڙي ٻوڏ کڻي جا ويئي
پائي پائي سور ٿئي

عشق جي گهرائي ۾ ٻڏندين
سا گهرائي سور ٿئي

ڀوڳ متان سمجهين تنهائي
اصُل ۾ جائي سور ٿئي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: جدائي

يار جدائي سور ٿئي
هي تنهائي سور ٿئي


ادا جاويد سٺي شاعري

تنهائي بلڪل سور آهي پر مان ته چوندس ناسور آهي۔ ۔۔۔۔

ڪاش ڪنهن کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون
 
Back
Top