جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي ان لاء اوهان سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري طريقو سمجهو۔ اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي ادا توهان مهنجي ڳالهه ڪونه سمجها مون ائين چيو ته جڏهن ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيندو آ ۽ ويلڪم ايندو ان جاء تي مونکي پنهنجو نالو لکڻو آهي مهرباني ڪري مونکي ٻڌايو
ويلڪم جي جاء تي مونکي پنهنجو نالولکڻو آهي مدد ڪريو جڏهن ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيندو آ ۽ ويلڪم ايندو ان جاء تي مونکي پنهنجو نالولکڻو آهي مهرباني ڪري مونکي ٻڌاي
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي ادا توهان کي گهرجي ته ڪنٽرول پينل مان هڪ وڌيڪ يوزر اڪائونٽ بڻايو ۔۔ يا وري پنهنجي موجوده يوزر اڪائونٽ کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔ يا وري پنهنجي يوزر اڪائونٽ جي اسٽارٽ اپ اسڪرين تبديل ڪريو۔۔۔ اميد ته توهان مطمئن ٿي ويا هوندا۔۔۔ ٻي صورت ۾ پنهنجي سوال کي وڌيڪ واضح ڪريو ته۔۔ ڇا توهان پنهنجي نالي جي يوزر اڪائونٽ سان لاگ ان ٿيڻ وقت نالو ٿا چاهيو ۔۔۔؟ يا توهان ونڊوز جي شروع ۾ ايندڙ لفظ ويلڪم کي تبديل ڪري پنهنجو نالو لکڻ ٿا چاهيو۔۔۔؟
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي سائين ادو ويلڪم جي جاء تي پنهنجو نالو لکڻ چاهي ٿو جيڪو ٽيون اپ سافٽوئير ذريعي به ڪري سگهجي ٿو ليڪن وڌيڪ اوهان ئي ڪو آسان حل ٻڌايو ته بهتر ٿيندو۔
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي اهو ڪم ڪافي پيچيده آهي جنهن کي نهايت احتياط سان ڪرڻو پوندو۔۔ پر دوست کي جواب جي تسلي لاءِ ٻڌائجي ٿو۔۔۔ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ريسورس هيڪ نالي ٽول زپ فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ ايڪسٽريڪٽ ڪري ان ٽول کي رن ڪرايو۔۔۔ فائيل مينو مان وڃي اوپن تي ڪلڪ ڪريو ۽ ونڊوز فولڊر منجهان Windows/ServicePackFiles/I386/LogonUI.exe کوليو۔۔۔ اسٽرنگ ٽيبل 1 تي اچي 1033 سٽرنگ کوليو۔۔ جتي 7 نمبر لائين تي لفظ Welcome کي پنهنجي مطلب جي لفظن سان جهڙوڪ Asslam-o-Alaikum سان تبديل ڪريو ۽ مٿي اسڪرپٽ تبديل ڪرڻ واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ۽ فائيل مينون مان وڃي Save ڪريو۔۔۔ ڪپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ اهو ساڳيو عمل هن وڊيو ذريعي به ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔ [video=metacafe;945051/how_to_change_welcome_screen_text_xp_hack/]http://www.metacafe.com/watch/945051/how_to_change_welcome_screen_text_xp_hack/[/video]
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي ادا منهنجي خيال ۾ ته سائين رشيد جي اهڙي واضح ترڪيب کان بعد اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو
جواب: ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ م پهنجو نالو ڪيئن لکجي ادا ان لاء توهان کي سائين عبدالرشيد جن بهترين طريقو ٻڌايو آهي اگر اڃا به سمجهه ۾ نه اچي ته فون تي رابطو ڪندا ته توهان کي تفصيل سان سمجهائبو۔