عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
مان نه مڃان!!
اسان ننڍي هوندي پنهنجي ڏاڏي کان آکاڻي ٻڌندا هئا سين هڪ ڏينهن اسان جي ڏاڏي اسان کي آکاڻي ٻڌائي جيڪا ڪنهن سنڌي نصاب جو حصو پڻ هئي. ان ڪهاڻيءَ جو عنوان هيو ”پر متڙيو چاچو“ ڪهاڻي ته پوري ٻڌي ورتي پر عمر ننڍي هئڻ ڪري ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل لفظن تي کلڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سمجهه ۾ آيو. پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن وڏڙي جي واتان اها ڪهاڻي ٻڌي پراڻيون يادون ته تازيون ٿي ويون پرهن ڀيري ان جي لفظن تي کلڻ نه پر ملڪ جي موجوده حالات جو عڪس نظر آيو. ان ڪهاڻي ۾ ٽي ڪردار هوندا آهن هڪ پيءَ پٽ ۽ هڪ گڏهه ٽئي واه جي ڪپ سان وڃي رهيا هوندا آهن جن کي ماڻهن ڏسي چيو ته ڪيڏا نه بيوقوف آهن جي سواري هوندي به پنڌ وڃي رهيا آهن! تنهن تي پيءُ فيصلو ڪيو ته پٽ کي گڏهه تي ويهاري پاڻ گڏهه جي واڳ جهلي ايئن ڪري هو اڳي هليا. ٿورو اڳي پهتا هئا ته هاڻي ماڻهن چيو ته بي شرم پٽ ته ڏسو ويچاري پيءَ پوڙهي کي پنڌ ٿو ڪرائي ۽ پاڻ مزي سان مٿي ويٺو سواري ڪري! اهو ٻڌي پيءَ فيصلو ڪيو ته هو پاڻ گڏهه تي سواري ڪري ۽ پٽ واڳ جهلي. سو ايئن ڪري هلي پيا اڃان ٿورو ئي پنڌ گذريو هيو ته هن دفعي ماڻهن ڏسي چيو ته ظالم پيءُ پاڻ نواب بڻيو ورتي ٿو سواري ڪندو ويچاري ننڍي پٽ کي پنڌ ٿو ڪرائي!! هاڻي ماڻهن جي مهڻن کان بچڻ جي لاءِ ٻنهي فيصلو ڪيو ته ٻئي ڄڻا گڏهه تي سواري ڪري وڃن. گهڻي دير اڳي هليا ۽ سک جو ساه کنيو ته هاڻي ٺيڪ آهي پر جيترا وات اوتريون ڳالهيون سو ماڻهون هاڻي چوڻ لڳا ته ڏسو ته زمانو! بي زبان تي بي رحمي ڏسو!! ٻئي ڄڻا گڏهه تي چڙهيا ٿا وڃن ڪٿي گڏهن مري نه پوي! هاڻي ڪوئي به رستو نه بچيو هيو سو ٻنهي پيءَ، پٽ گڏهه جون ڄنگهون ٻڌي ڪلهي تي کڻي هلي پيا. جهڙي وقت هو پُل تا گذرڻ لڳا ته گڏهه پاڻي کان ڊڄي ڦٿڪيون هڻڻ لڳو ۽ بي قابو ٿي واهه ۾ ڪري پيو. پير ٻڌل هئڻ ڪري گڏهه لڙهي مري ويو. ان تي پوڙهي چيو ته جيڪر ماڻهن جي ڳالهين تي نه هلان ها ته هي نقصان نه ٿئي ها. هن ڪهاڻي ۾، ۽ ملڪ جي ۾ موجوده حڪومت ۾ ايترو فرق آهي ته موجوده حڪومت پر متڙي چاچي جيان هر ڪنهن جي چوڻ تي سندس پاليسيون تبديل ناهي ڪندي. پر سندس مخالف ڌريون سانڊي جيان رنگ تبديل ڪنديون رهن ٿيون. يا ايئن چئجي ته اپوزيشن واريون ڌريون خصوصا نواز ليگ ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايل انهن ماڻهن جي ڪرادر تي پورو لهندي نظر اچي ٿي جيڪي ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿيندا آهن. ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي پاسداريءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ ميان نواز شريف اوچتو سندس سياسي سرگرمين ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آهي. جنهن کي ملڪ جي ميڊيا چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اردو ميڊيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪومتي نمائندي جي پريس ڪانفرنس هجي ٿي ته منٽ اڌ ڏيکاري معياري لاهي ڇڏين ٿا پر جيڪڏهن ميان وڏو پريس ڪانفرنس ڪري ته نه هيڊ لائينس جي پرواهه نه اپڊيٽس جي جيترو ٽائيم ميان وڏو پريس ڪانفرنس ڪندو رهي ٿو سندس ڪوريج هلائي وڃي ٿي. اهڙي طرح ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي سربراهه جي پريس ڪانفرنس کي به پڻ غير معمولي ڪوريج ڏني وڃي ٿي. ميان وڏي جي ڳالهه ڏانهن واپس هلجي ته ميان نواز شريف اڄ ڪلهه ملڪي ايجنسين ۽ فوج تي کُلي ڪري تنقيد ڪري رهيو آهي. ۽ ملڪي سياست ۾ هڪ نئون پروگرام يعني (ڪميشن) جي زور شور سان مطالبي کي هٿي پڻ ڏني ويئي آهي. هي ڪميشن پئسن واري (رشوت) نه پر عدالتي ڪميشن جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو ته فوري عدالتي، آزاد ڪميشن جا وڏي واڪي مطالبا سامهون اچي رهيا آهن. جن مان ڪجهه مطالبن کي حڪومت مڃيندي ڪميشن جوڙي ورتي پر اها ئي ڪهاڻيءَ واري ڪار ته مان نه مڃان!! ڇو؟ نه مڃڻ جي وجهه ته اسان سان مشاورت نه ڪئي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن مشاورت جي ڳالهه آهي ته حڪمران ڌر جي مختلف اڳواڻن پاران ن ليگ جي لاءِ اهو سوال اٿاريو ويو ته جيڪڏهن مشاورت نه ڪئي آهي ته اوهان جوڙيل ڪميشن ۾ ڪو اهڙو نالو ٻڌايو جيڪو قابل اعتراز هجي؟ جواب ۾ به ”مان نه مڃان“ واري ڳالهه ته اعتراز به ڪونهي!! پر مشاورت ڇو نه ڪئي ويئي! اهڙي قسم جا حالات ان ڳالهه جو عڪس ڏئي رهيا آهن ته حڪومت کي ڪم به ناهي ڪرڻ ڏيڻو ۽ ڪم نه ڪرڻ جي واويلا به اٿارڻي آهي. ميان ننڍو جيڪو اڄ ڪالهه پس منظر ۾ آهي پر وفاقي بجيٽ تي سندس تنقيدي بيان جاري و ساري آهن. شايد ميان شهباز شريف کي سندس صوبي جي رنگيلي بجيٽ جو نظر نه آئي آهي. پر ماشاءَ الله ميڊيا به ان ڳالهه تي غور نه ڪيو ته پنجاب بجيٽ ۾ ڪهڙي مذاق ٿي آهي؟ پهريون ته 24 ڪلاڪ اڳ صوبي جو وزير خزانه ته پاڻ ميان شهباز شريف هيو پر هن پاڻ ۾ بجيٽ کي پيش ڪرڻ جي اهليت محسوس نه ڪئي ۽ فوري طور تي ڪامران مائيڪل کي وزير خزانه مقرر ڪري بجيٽ پيش ڪرڻ !!! معاف ڪجو بجيٽ پڙهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ڇو ته 24 ڪلاڪ اڳ مقرر ڪيل ويچاري وزير خزانه وٽ سڄي سال جا انگ اکر ڪٿان ٿا اچي سگهن؟؟! بجيٽ پيش ڪرڻ نه پر پڙهڻ واري ڳالهه کي ان مان واضع ٿي ته پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ تازو وزير خزانه نه پر سينئر وزير ذوالفقار پيرزاده ميڊيا جي هر سوال ۾ زوريءَ جوابدار بڻجي رهيو هيو. جنهن وقت صحافي وزير خزانه کان سوال ڪرن پيا ته هو پريشان ٿي سينئر وزير ڏانهن ڏسي رهيو هيو. مطلب ته حڪمران ڌر جي ننڊ جي جهُوٽي کي به هيڊ لائن بڻايو وڃي ٿو ۽ پنجاب جي رنگيلي بجيٽ تي ڪنهن به پاسي ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو جنهن ۾ 24 ڪلاڪ پهريان وزير خزانه هڪ!، بجيٽ پڙهي وري ٻئي! ۽ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس وري ٽئين ڪئي. خير ميڊيا آزاد آهي جنهن جو وڻين پٽڪو لاهين ۽ جنهن کي وڻين مقدس ڳئون بڻائين. اسان جي ملڪ ۾ آزاد عدليا به آهي جيڪا صرف حڪمران ڌر جي لاءِ آزاد آهي يا ايئن چئجي ته سنڌ جي لاءِ آزاد آهي. ايبٽ آباد واقعي، پنجاب ۾ عدالتي فيصلن جي خلاف ٽائر ساڙي احتجاجن جو ته پاڻمرادو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي پر سنڌ ۾ عدالتي فيصلن تي پر امن يوم احتجاج تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي توحين عدالت نوٽس موڪليو وڃي ٿو. سيالڪوٽ ۾ ٿيل وهشياڻي قتل کانپوءِ لاشن جي بي حرمتي تي ته ڪنهن به قسم جي آئي جي يا وڏي پوليس عملدار کي هٽائڻ جو حڪم نه ٿو ڏنو وڃي پر سنڌ ۾ مبينه ڦورو جي مارجڻ تي هڪ ڏينهن ۾ نوٽيس وٺي ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ٿو. ۽ ملڪ ۾ لاقانونيت جو پورو جوابدار حڪومت کي قرار ڏنو وڃي ٿو. وري ميڊيا ڏانهن هلجي ته ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيل صحافي ولي خان بابر جي قتل تي ته مٺ ماٺ ٿي وڃي ٿي پر سليم شهزاد جي قتل تي ته پارليامينٽ هائوس اڳيان سڄي سڄي رات ڌرڻو لڳايو وڃي ٿو. وري مان نه مڃان واري ساڳئي ڳالهه!! حڪومت سندن مطالبو مڃي هڪ ڪميشن تشڪيل ڏني پر اها ئي مشاورت جيڪا سدائين مان نه مڃان واري چوڻيءَ کي هٿي ڏئي ٿي. جيڪا نه ڪم ڪرڻ ڏئي ٿي ۽ نه ئي بي وجهه تنقيد ۾ ڪا ماٺ اچي ٿي. ڇا هي ملڪ ايئن ئي هلندو رهندو؟؟ پر ان تمام صورتحال ۾ ميان نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ جا شارٽ ڪٽ ڳولڻ ۾ مصروف آهي. سندس بي چيني ايتري قدر وڌي ويئي آهي ته هاڻي اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هو سندن ميمبرن کي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفن جو حڪم ڏيڻ وارو آهي جنهن سان هو اليڪشن جي راهه هموار ڪري سگهندو. ڇا اها سندس سياسي خودڪشي ثابت ٿيندي؟؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
عمران درويش سومرواسان ننڍي هوندي پنهنجي ڏاڏي کان آکاڻي ٻڌندا هئا سين هڪ ڏينهن اسان جي ڏاڏي اسان کي آکاڻي ٻڌائي جيڪا ڪنهن سنڌي نصاب جو حصو پڻ هئي. ان ڪهاڻيءَ جو عنوان هيو ”پر متڙيو چاچو“ ڪهاڻي ته پوري ٻڌي ورتي پر عمر ننڍي هئڻ ڪري ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل لفظن تي کلڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سمجهه ۾ آيو. پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن وڏڙي جي واتان اها ڪهاڻي ٻڌي پراڻيون يادون ته تازيون ٿي ويون پرهن ڀيري ان جي لفظن تي کلڻ نه پر ملڪ جي موجوده حالات جو عڪس نظر آيو. ان ڪهاڻي ۾ ٽي ڪردار هوندا آهن هڪ پيءَ پٽ ۽ هڪ گڏهه ٽئي واه جي ڪپ سان وڃي رهيا هوندا آهن جن کي ماڻهن ڏسي چيو ته ڪيڏا نه بيوقوف آهن جي سواري هوندي به پنڌ وڃي رهيا آهن! تنهن تي پيءُ فيصلو ڪيو ته پٽ کي گڏهه تي ويهاري پاڻ گڏهه جي واڳ جهلي ايئن ڪري هو اڳي هليا. ٿورو اڳي پهتا هئا ته هاڻي ماڻهن چيو ته بي شرم پٽ ته ڏسو ويچاري پيءَ پوڙهي کي پنڌ ٿو ڪرائي ۽ پاڻ مزي سان مٿي ويٺو سواري ڪري! اهو ٻڌي پيءَ فيصلو ڪيو ته هو پاڻ گڏهه تي سواري ڪري ۽ پٽ واڳ جهلي. سو ايئن ڪري هلي پيا اڃان ٿورو ئي پنڌ گذريو هيو ته هن دفعي ماڻهن ڏسي چيو ته ظالم پيءُ پاڻ نواب بڻيو ورتي ٿو سواري ڪندو ويچاري ننڍي پٽ کي پنڌ ٿو ڪرائي!! هاڻي ماڻهن جي مهڻن کان بچڻ جي لاءِ ٻنهي فيصلو ڪيو ته ٻئي ڄڻا گڏهه تي سواري ڪري وڃن. گهڻي دير اڳي هليا ۽ سک جو ساه کنيو ته هاڻي ٺيڪ آهي پر جيترا وات اوتريون ڳالهيون سو ماڻهون هاڻي چوڻ لڳا ته ڏسو ته زمانو! بي زبان تي بي رحمي ڏسو!! ٻئي ڄڻا گڏهه تي چڙهيا ٿا وڃن ڪٿي گڏهن مري نه پوي! هاڻي ڪوئي به رستو نه بچيو هيو سو ٻنهي پيءَ، پٽ گڏهه جون ڄنگهون ٻڌي ڪلهي تي کڻي هلي پيا. جهڙي وقت هو پُل تا گذرڻ لڳا ته گڏهه پاڻي کان ڊڄي ڦٿڪيون هڻڻ لڳو ۽ بي قابو ٿي واهه ۾ ڪري پيو. پير ٻڌل هئڻ ڪري گڏهه لڙهي مري ويو. ان تي پوڙهي چيو ته جيڪر ماڻهن جي ڳالهين تي نه هلان ها ته هي نقصان نه ٿئي ها. هن ڪهاڻي ۾، ۽ ملڪ جي ۾ موجوده حڪومت ۾ ايترو فرق آهي ته موجوده حڪومت پر متڙي چاچي جيان هر ڪنهن جي چوڻ تي سندس پاليسيون تبديل ناهي ڪندي. پر سندس مخالف ڌريون سانڊي جيان رنگ تبديل ڪنديون رهن ٿيون. يا ايئن چئجي ته اپوزيشن واريون ڌريون خصوصا نواز ليگ ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايل انهن ماڻهن جي ڪرادر تي پورو لهندي نظر اچي ٿي جيڪي ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿيندا آهن. ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي پاسداريءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ ميان نواز شريف اوچتو سندس سياسي سرگرمين ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آهي. جنهن کي ملڪ جي ميڊيا چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اردو ميڊيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪومتي نمائندي جي پريس ڪانفرنس هجي ٿي ته منٽ اڌ ڏيکاري معياري لاهي ڇڏين ٿا پر جيڪڏهن ميان وڏو پريس ڪانفرنس ڪري ته نه هيڊ لائينس جي پرواهه نه اپڊيٽس جي جيترو ٽائيم ميان وڏو پريس ڪانفرنس ڪندو رهي ٿو سندس ڪوريج هلائي وڃي ٿي. اهڙي طرح ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي سربراهه جي پريس ڪانفرنس کي به پڻ غير معمولي ڪوريج ڏني وڃي ٿي. ميان وڏي جي ڳالهه ڏانهن واپس هلجي ته ميان نواز شريف اڄ ڪلهه ملڪي ايجنسين ۽ فوج تي کُلي ڪري تنقيد ڪري رهيو آهي. ۽ ملڪي سياست ۾ هڪ نئون پروگرام يعني (ڪميشن) جي زور شور سان مطالبي کي هٿي پڻ ڏني ويئي آهي. هي ڪميشن پئسن واري (رشوت) نه پر عدالتي ڪميشن جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو ته فوري عدالتي، آزاد ڪميشن جا وڏي واڪي مطالبا سامهون اچي رهيا آهن. جن مان ڪجهه مطالبن کي حڪومت مڃيندي ڪميشن جوڙي ورتي پر اها ئي ڪهاڻيءَ واري ڪار ته مان نه مڃان!! ڇو؟ نه مڃڻ جي وجهه ته اسان سان مشاورت نه ڪئي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن مشاورت جي ڳالهه آهي ته حڪمران ڌر جي مختلف اڳواڻن پاران ن ليگ جي لاءِ اهو سوال اٿاريو ويو ته جيڪڏهن مشاورت نه ڪئي آهي ته اوهان جوڙيل ڪميشن ۾ ڪو اهڙو نالو ٻڌايو جيڪو قابل اعتراز هجي؟ جواب ۾ به ”مان نه مڃان“ واري ڳالهه ته اعتراز به ڪونهي!! پر مشاورت ڇو نه ڪئي ويئي! اهڙي قسم جا حالات ان ڳالهه جو عڪس ڏئي رهيا آهن ته حڪومت کي ڪم به ناهي ڪرڻ ڏيڻو ۽ ڪم نه ڪرڻ جي واويلا به اٿارڻي آهي. ميان ننڍو جيڪو اڄ ڪالهه پس منظر ۾ آهي پر وفاقي بجيٽ تي سندس تنقيدي بيان جاري و ساري آهن. شايد ميان شهباز شريف کي سندس صوبي جي رنگيلي بجيٽ جو نظر نه آئي آهي. پر ماشاءَ الله ميڊيا به ان ڳالهه تي غور نه ڪيو ته پنجاب بجيٽ ۾ ڪهڙي مذاق ٿي آهي؟ پهريون ته 24 ڪلاڪ اڳ صوبي جو وزير خزانه ته پاڻ ميان شهباز شريف هيو پر هن پاڻ ۾ بجيٽ کي پيش ڪرڻ جي اهليت محسوس نه ڪئي ۽ فوري طور تي ڪامران مائيڪل کي وزير خزانه مقرر ڪري بجيٽ پيش ڪرڻ !!! معاف ڪجو بجيٽ پڙهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ڇو ته 24 ڪلاڪ اڳ مقرر ڪيل ويچاري وزير خزانه وٽ سڄي سال جا انگ اکر ڪٿان ٿا اچي سگهن؟؟! بجيٽ پيش ڪرڻ نه پر پڙهڻ واري ڳالهه کي ان مان واضع ٿي ته پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ تازو وزير خزانه نه پر سينئر وزير ذوالفقار پيرزاده ميڊيا جي هر سوال ۾ زوريءَ جوابدار بڻجي رهيو هيو. جنهن وقت صحافي وزير خزانه کان سوال ڪرن پيا ته هو پريشان ٿي سينئر وزير ڏانهن ڏسي رهيو هيو. مطلب ته حڪمران ڌر جي ننڊ جي جهُوٽي کي به هيڊ لائن بڻايو وڃي ٿو ۽ پنجاب جي رنگيلي بجيٽ تي ڪنهن به پاسي ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو جنهن ۾ 24 ڪلاڪ پهريان وزير خزانه هڪ!، بجيٽ پڙهي وري ٻئي! ۽ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس وري ٽئين ڪئي. خير ميڊيا آزاد آهي جنهن جو وڻين پٽڪو لاهين ۽ جنهن کي وڻين مقدس ڳئون بڻائين. اسان جي ملڪ ۾ آزاد عدليا به آهي جيڪا صرف حڪمران ڌر جي لاءِ آزاد آهي يا ايئن چئجي ته سنڌ جي لاءِ آزاد آهي. ايبٽ آباد واقعي، پنجاب ۾ عدالتي فيصلن جي خلاف ٽائر ساڙي احتجاجن جو ته پاڻمرادو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي پر سنڌ ۾ عدالتي فيصلن تي پر امن يوم احتجاج تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي توحين عدالت نوٽس موڪليو وڃي ٿو. سيالڪوٽ ۾ ٿيل وهشياڻي قتل کانپوءِ لاشن جي بي حرمتي تي ته ڪنهن به قسم جي آئي جي يا وڏي پوليس عملدار کي هٽائڻ جو حڪم نه ٿو ڏنو وڃي پر سنڌ ۾ مبينه ڦورو جي مارجڻ تي هڪ ڏينهن ۾ نوٽيس وٺي ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ٿو. ۽ ملڪ ۾ لاقانونيت جو پورو جوابدار حڪومت کي قرار ڏنو وڃي ٿو. وري ميڊيا ڏانهن هلجي ته ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيل صحافي ولي خان بابر جي قتل تي ته مٺ ماٺ ٿي وڃي ٿي پر سليم شهزاد جي قتل تي ته پارليامينٽ هائوس اڳيان سڄي سڄي رات ڌرڻو لڳايو وڃي ٿو. وري مان نه مڃان واري ساڳئي ڳالهه!! حڪومت سندن مطالبو مڃي هڪ ڪميشن تشڪيل ڏني پر اها ئي مشاورت جيڪا سدائين مان نه مڃان واري چوڻيءَ کي هٿي ڏئي ٿي. جيڪا نه ڪم ڪرڻ ڏئي ٿي ۽ نه ئي بي وجهه تنقيد ۾ ڪا ماٺ اچي ٿي. ڇا هي ملڪ ايئن ئي هلندو رهندو؟؟ پر ان تمام صورتحال ۾ ميان نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ جا شارٽ ڪٽ ڳولڻ ۾ مصروف آهي. سندس بي چيني ايتري قدر وڌي ويئي آهي ته هاڻي اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هو سندن ميمبرن کي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفن جو حڪم ڏيڻ وارو آهي جنهن سان هو اليڪشن جي راهه هموار ڪري سگهندو. ڇا اها سندس سياسي خودڪشي ثابت ٿيندي؟؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
