[JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY]ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا طارق عالم ابڙي جو وڇوڙو رضوان گل ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور خوبصورت ۽ من موهيندڙ احساسن کي جنم ڏئي هيڻن وجودن کي کن پل لاءِ اهڙين حسين وادين ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي سندن روح کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز جنم وٺن ٿا پر انهن مان چند ئي فرد اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏين ٿا. اهي فرد جيڪي ذهني پيڙائن جا پهاڙ لتاڙي، ڀوڳنائن جا بَحر جهاڳي تخليقي سفر جي پنڌ تي روان آهن سي يقينن تاريخ جو اهم ترين حصو آهن. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪڏهن اسان ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جا نالا ڳڻائينداسين ته انهن ۾ هڪ نالو پنهنجي طرز جي منفرد ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙي جو به نظر ايندو، جنهن پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي تخليقي پورهئي جي موٽ ۾ ايتريون شهرتون ماڻيون، جيڪا خواهش هر تخليقڪار جي اندر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور پلجندي آهي. طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ آهي. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو گهڻن ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958 تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960 ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ هاڻي ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هو. طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار هو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“، سفرنامو 1998، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ”ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو آهي. طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي. طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. مون اڄ کان ڏهه سال اڳ سندس گھر واري پي ٽي سي ايل نمبر تي رنگ ڪري کانئس لاڙڪاڻي جي آرٽسٽن بابت مضمون لکڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ته هن ٻڌايو هو ته مان آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر رهيو آهيان، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003 ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه هو، پر معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن. لاڙڪاڻي ۾ ٻه سال اڳ سندس جنم ڏينهن جي تقريب کانپوءِ جڏهن اسان گڏجي ويهي ڪچهري ڪئي هئي سين ته طارق ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين سان اسان کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو هو. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ يادون اڄ به تازيون آهن پر هاڻي اهي ٽهڪ سڏڪن ۾ تبديل ڪري طارق اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا[/JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY]
جواب: طارق عالم ابڙو - ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا مرحوم مانواري طارق عالم ابڙي تي لکيل مانائتو ليک، جنهن ۾ ليکڪ جي سچائي، پيار ۽ عقيدت ڀريا جذبا ڇلڪي پون ٿا، اسانجا به جيتوڻيڪ ساڳيا جذبا آهن پر لفظ اهڙا ناهن جو مرحوم مانواري طارق عالم ابڙي صاحب لا ادا ڪري سگهجن ۔۔۔ سندس ڪيل مصوري جا رنگ ڏسڻ جو شوق آهي، پر انٽرنيٽ تي ڪٿ نظر نه آيو آهي ۔۔۔ دوستن وٽ سندس مصوري جا رنگ هجن ته ونڊ ڪيو وڃي ۔۔۔۔ رب العالمين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام حاصل ڪري ۔۔۔ آمين ٿورا ناهن ٿورا
جواب: طارق عالم ابڙو - ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا طارق عالم ابڙو جي شخصيت تي لکيل بهترين مضمون ڪهاڻيڪار، شاعر ، مصور ۽ ناول نگار ........... هر صنف تي ڪمال جو عبور ......... طارق عالم جي زندگي ڇا وئي ڪيترن کان ڄڻ يادون کسجي ويو. اوهان جي مهرباني جو طارق جي تفصيلي ڄاڻ فراهم ڪئي
جواب: طارق عالم ابڙو - ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا الله تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي سائين رضوان گل جن تمام خوبصورت ڪالم لکي مرحوم جي لياقت کي اجاگر ڪيو آهي اسان جي سنڌ ۾ اهڙا موتي داڻا ڪافي آهن ليڪن ڪجهه لڪل ۽ گم نام زندگي بسر ڪري رهيا آهن جيڪي نه ميڊيا تي ظاهر ٿي سگهيا آهن نه وري پنهنجي حلقه احباب ۾ شهرت يافته آهن هاڻي تازو سنڌ جون لائبريريون گهمندي ميهڙ ۾ مولانا ڪريم بخش مگسي جن جي لائبريري ڏٺي سين جنهن ۾ هڪ پوري الماڙي خطي قلمي ڪتاب هئا جن ۾ 32 ته فقط قلمي قرآن هئا ان مان اندازو لڳايو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا گوهر لڪل آهن .
جواب: طارق عالم ابڙو - ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا رب سائين وٽ انهن انسانن جو قدر آ جيڪي با صلاحيت آهن بلڪل اسان جو سهڻو طارق اهڙو ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔