• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شفقت، انس، الفت ۽ قربانيءَ کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
دنيا ۾ هر سال ڪيترائي ڏينهن عالمي ڏهاڙي طور ملهايا وڃن ٿا، جن منجهان Father’s Day پڻ هڪ اهم ڏينهن آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ جون جي ٽئين آچر تيFather’s Day ملهايو وڃي ٿو، جنهن کي دنيا ان اعتبار سان ملهائي ٿي ته والد جو ڪردار هڪ معاشري جي جوڙجڪ ۾ نهايت ئي اهم حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته والد اها عظيم هستي آهي، جنهن جو رشتو پنهنجي اولاد سان نهايت ئي پاڪيزه ۽ قدر وارو هجي ٿو. الله تعاليٰ والد جي رشتي کي هڪ اعليٰ منصب عطا فرمايو آهي، جنهن منصب تي فائز ٿيندي والد پنهنجي اولاد جي ڀرپور نموني سان رهنمائي ڪري ٿو. اڄوڪو ڏينهن والد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اتساهي ٿو، انهيءَ لاءِ جو والد جو ڪردار معاشري جا بهترين فرد ٺاهڻ ۾ نمايان ۽ اهم آهي. اهو والد ئي آهي، جيڪو پنهنجي ٻچن جي مستقبل جو محافظ ۽ جوڙيندڙ آهي. جڏهن ٻار امڙ جي هنج ۾ پلجي وڏو ٿئي ٿو ته ان ۾ هڪ اهم ڪردارن ان والد جو به آهي، جيڪو زماني جون پيڙائون، درد سهي پنهنجن ٻچن کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ انهن کي معاشري جو هڪ اعليٰ ۽ باڪردار فرد بڻائي ٿو. والد جي محبت لازوال ۽ ان سمنڊ مثل آهي، جنهن جو ڪو ڪنارو ئي ناهي. اهڙي محبت رکندڙ والد پنهنجي مڪمل زندگي، پنهنجن ٻچن لاءِ وقف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سندن ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ سرگرم رهي ٿو، الاد جي مڪمل روحاني، اخلاقي ۽ جسماني نشو نما ڪري ٿو. اڄوڪو ڏينهن ”والد“ جي ان شفقت، انس، الفت ۽ قربانيءَ کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جيڪو والد پنهنجي زندگيءَ جي خوشين کي ترڪ ڪري پنهنجن ٻچن کي ڪڏهن ڪوسو واءُ لڳڻ نٿو ڏئي.

صنم يعقوب چنا/خيرپور ميرس
 
Back
Top