هر گناه کي مقصود هئي منهنجي جان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هر گناه کي مقصود هئي منهنجي جان
هر گناه کي مقصود هئي منهنجي جان
۽ هيڏانهن جانچ جي پيو جو ايمان

دنيا جي دلڪشي ، دلگيري و دلبري
انهن سڀني شين سان ڀريل دسترخوان

هر هر برائي تي روڪيندو رهيو مگر
اسان نه مجهيو پنهنجو نفعو و نقصان

ڄاڻون پيا هي گناھ آهي ۽ هي ثواب
پوء به ٻيڙي ٻڏي منجھ ارمان

خيالن ۾ جنت جا وارث هيا سين
بس خيالن ۾ ئي رهيا سون مسلمان

ڌوڪي ۽ فريب سان ڀريل هو بازار
منهن منافقت، هٿ ۾ هو قرآن

دينداري جا دعوى ۽ هي ڳالهيون
معلوم ٿيو ناهيون اسان انسان

ڏاڏل تنهنجو سڄو هٿ رهيو خالي
پوءِ به ڪهڙي جنت جو تو هو گمان​
 
Back
Top