• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڪيلائي جو آسمان کڻيو هلين تُون بانورا (وائي) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئي سنڌ پنهنجي نڪور وائي توهان سان ونڊ ڪريان پيو ٻن ڏينهن کان طبيعت به ٺيڪ ڪانهي پر انهي هوندي به منهنجي هي غريباڻي وائي چترڪاري جي روپ ۾ توهان دوستن جي سامهون آهي توهان جا واڌو ڪاٽو رايا منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هوندا​

وائي

نثاراحمدناز

اڪيلائي ءَ جو آسمان ،
کڻيو هلين تون بانورا

هئه هئه هماليه جيڏو،
درد مليو ٿئي دان ،
کڻيو هلين تون بانورا

لُڙڪ لُڪائن اکڙيون
۽ چپ مٿان مُسڪان
کڻيو هلين تون بانورا

هيل وڇوڙو دل چري تي
ڄڻ ڪو قهري ڪان
کڻيو هلين تون بانورا

پُرزا پُرزا “ناز” سڀيئي
پريت سندا هِي پئمان
کڻيو هلين تُون بانورا​

259953_10150229526973216_794048215_7275072_3452031_n.jpg
 
جواب: اڪيلائي جو آسمان کڻيو هلين تُون بانورا (وائي) نثاراحمدناز

سائين نثار ناز سلام

پُرزا پُرزا “ناز” سڀيئي
پريت سندا هِي پئمان
کڻيو هلين تون بانورا


نثار ناز سان ڏات ديوي گهڻو مهرباني رهندي آهي ۽ سندس ڪيل تخليقون سچ ته لاجواب هونديون آهن جيڪي جيء کي جهنجهوڙينديون آهن. ناز جي وائي هجي يا غزل انهن ۾ لفظن جي جوڙ به بهترين هوندي آهي. اسان جون دعائون ته پاڻ سدائين خوش هجي۔

لاجواب ڊزائن ۽ پيارا احساس
 
Back
Top